Thursday, February 14, 2019

رائو انور کان رحيم شاهه تائين!



شفيق الرحمان شاڪر

اقتدار،اختيار ۽ پئسو اهي بنيادي سبب آهن جيڪي ڪنهن به انسان ۾ فرعونيت،رعونيت، بربريت، حيوانيت،سفاڪيت ۽ درندگي جهڙا عنصر پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.جڏهن ڪنهن شخص ۾اهڙي گدلاڻ جنم وٺي ٿي ته اهو پنهنجي طاقت ۽ پهچ مطابق هر اهو ڪم ڪري وٺي ٿو جنهن تي نه رڳو انسانيت شرمسار ٿئي ٿي پر سماج يا رياست هن جي اهڙين ڪڌين حرڪتن سبب تهمت هيٺ اچيو وڃي.هو جيترو گھڻو اقتدار،اختيار ۽ دولت جي نشي ۾ چور ٿيندو ويندو آهي اوتروئي سندس بدبودار وجود ۽ گدلو ڪردار وڌيڪ اسرندو ويندو آهي.هن جي خبيث ۽ پليد ذهن ۾ اها ڳالهه پڪي ٿيندي ويندي آهي ته  هن لاء هر اهو ڪم جنهن سان مخلوق خدا کي اذيت ۽ آزار پهچي اهو سندس بنيادي حق آهي.هو ئي آهي جيڪو سماج ۾ چڱو مڙس ۽ ٻين کان اعليٰ ۽ مٿانهون آهي.اهڙو شخص نهايت ئي زهريلو بڻجي سامهون ايندڙ هر رڪاوٽ کي هٽائڻ ضروري سمجھندو آهي،ڪنهن جي عزت،عصمت ايستائين جان ۽ مال کي تباهه ڪرڻ به هو پنهنجو حق سمجھندو آهي.عام طور تي جھنگ ۾ درندن جي درندگيء تي به اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته انهن جهڙي سفاڪيت شايد ٻيو ڪنهن وٽ به نه هوندي پر انهن سڀني کان وڌي ڪري هن زمين جي گولي تي جيڪو سڀني کان وڌيڪ سفاڪ،خطرناڪ،زهريلو۽ سنگدل آهي سو انسان ئي آهي.ان لحاظ کان دنيا جو هر جانور سندس مقابلي ۾ ڪجهه به ناهي.جھنگ ۾ درندا پنهنجي کاڌي لاء ڪنهن ٻئي جانور جي ٽڪا ٻوٽي ڪندا آهن پر انسان پنهنجو پاڻ کي ٻي انساني مخلوق کان اتم ۽ اعليٰ ثابت ڪرڻ لاء نه رڳو قتل ۽ غارت گري ڪري ٿو بلڪه هو ان مان مزو به حاصل ڪري ٿو.ايئن ڪندي هن جي سوچ کي سڪون ملندو آهي.اصل ۾ انساني زهر سندس زبان يا ڏندن وغيره ۾ نه ٿيندو آهي بلڪه سندس دل ۾ ٿيندو آهي جنهن کي هو پنهنجي غليظ ۽ گندي ذهن سان ٻين جي تباهي ۽ برباديء لاء استعمال ڪندو آهي. هونئن ته دنيا هر حصي ۽ زندگيء جي هر شعبي ۾ اهڙا لعنتي ڪردار کوڙ آهن پر پاڪستان اهڙن ڪردارن سان ڀريو پيو آهي.هن رياست ۾ جتي هڪ طرف سٺن ماڻهن جي کوٽ ڪانهي اتي اهڙن زهر سان ڀريل نفسياتي مريضن جي به ڪت ويائي پيئي آهي.ستم اهو جو اهڙن گندن ڪردارن کي مهٽڻ،ميٽڻ،مسلڻ،دٻائڻ،لتاڙڻ ۽ هيسائڻ جو ڪردار اهي ماڻهو به ادا نه ڪن جن جي هٿن ۾ رياست جي واڳ آهي بلڪه اهي ابتو جيڪر انهن منحوس ۽
بدبودار وجود ن کي هر نموني سان بچائڻ جي ڪوشش ڪن ته پوء معاملا نهايت ئي منجھي وڃن ٿا.هتي انهن باختيارن جو جوڙيل نظام ئي ايترو منجھيل ۽ غريب دشمن آهي جنهجو بيان ئي ڪري نٿو سگھجي.ملڪ ۾ افراتفري،بد امني،قتل ۽ غارت گريء جو بنيادي سبب ئي اهو آهي جو اهڙا ڏوهاري ماڻهو پنهنجو پاڻ کي هر قسم جي قانون کان مٿانهون سمجھن ٿا.اهي سندن رستي ۾ ايندڙ هر شيء کي لتاڙيندا هليا ويندا آهن.انهن جا نالا ۽ چهرا جدا جدا ٿي سگھن ٿا،سندن ذات يا قوم به الڳ الڳ ٿي سگھي ٿي پر اهي اندران سڀ هڪجهڙا آهن،انهن جي ذهني حالت ساڳي ۽ سندن سوچ جي خرابي گڏيل آهي.رائو انور هجي يا رحيم شاهه انهن سڀني جو مذهب ساڳيو ۽ سندن سوچ ساڳي آهي.اهي هن سماج جا داداگير ۽ گھڻن جا کاٽائو پٽ آهن.هيستائين ته حالتڻ ۽ واقعن اهو ئي ثابت ڪيو آهي ته اهي حڪومت ۽ رياست کان به ڏاڍا آهن.جنهن کي گھرن هن زمين تي جيئڻ جو حق عنايت ڪن ۽ جنهن کي گھرن تنهن کان جيئڻ جو حق کسي وٺن.ان ڪري جو اهي ئي اصل رياست ۽ اهي پاڻ ئي قانون آهن.هتي رڳو ڪو هڪڙو رائو انور يا رحيم شاه ته ڪونهي بلڪه گھٽيء گھٽيء اهڙا سوين رائو ۽ رحيم شاهه انسانن کي جانورن جيان ڪهندا رهن ٿا پر ڪوبه سندن وار ونگو ڪري نٿو سگھي جو انهن جي نسن ۾ اتم خون آهي. نقيب الله ڪيس جو نوٽس سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ورتو هو پر سنڌ پوليس جي هن طاقتور آفيسر جيڪو اڄ به دهشت جي نشاني بڻيل آهي انهيء تي ڪهڙو فرق پيو.کيس منٿون ڪري ڪورٽ ۾ حاضر ڪيو ويو ۽ کيس عيش عشرت سان زندگي گذارڻ جا سڀ موقعا اڄ به مهيا آهن.سندس ساراهه ڪندڙ اڄ به ان موقف تي قائم آهن ته هو هڪ بهادر ٻچو آهي.جڏهن رياست اندر اهڙن ماڻهن پنهنجي الڳ رياست قائم ڪري رکي هجي ۽ رياستي ادارا نه رڳو ته اهو سڀ تماشو ڏسي رهيا هجن بلڪه اهڙن ظالمن جي ڪنهن نه ڪنهن نموني مدد به ڪندا هجن ته پوء ملڪ جي روڊن رستن تي اهي ئي دردناڪ منظر ڏسڻ لاء ملڻا آهن جيڪي اسان هر روز ڏسي رهيا آهيون. جيستائين هر رائو انور جي ڳچيء ۾ ڳٽ نٿو پوي ته هر رحيم شاهه جا هٿ به بي گناهن جي رت سان ايئن ئي رڱبا رهبا.جيستائين  هر عذير بلوچ تي عنايتون ٿينديون رهنديون تيستائين سوين،ماما، ڪاڻا،لولا ۽ لنگڙا ماڻهن کي جيئري ساڙيندا رهندا.جهنگ م به ڪو قانون هوندو آهي پر هن ڌرتيء تي قانون جو جيڪر نظارو ڪرڻو آهي ته هيٺين عدالتن،جيلن ۽ ٿاڻن ۾ وڃي ڏسو جتي غربت ۽ انهن دنيائي خدائن هٿان ذليل ٿيندر لکين لاچار،بيوس ۽ ڪمزور انسان ڌڪا کائيندي، سڙندي ٻرندي، بي عزت ٿيندي ۽ لتر کائيندي نظر ايندا.دنيا جو ڪهڙو قانون ايئن ڪنهن کي قانون پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ پر نه هتي ايئن ئي ٿئي ٿو ۽ آئيندي به ٿيندو رهندو جو هتي رائيفلن جو راڄ آهي.اڄ مئين يا سڀان مئين جو راڄ رائيفلن جو آ.رڳو گذريل سال ڪراچيء ۾ 146 ماڻهن جو عدالتن کان مٿانهون قتل ٿيو پر سزا ڪنهن ڪنهن کي آئي؟ رڳو اڪيلو  ارشاد رانجهاڻي ئي ناهي جيڪو ڪنهن ستمگر جي ستم جو نشانو بڻيو آهي هتي ته روز ڪئين ارشاد پنهنجون جوانيون وڃايو ويهن ،ڪئين رمشا ئون بي سبب زنده درگور ٿين ٿيون انهن سماجي درندن هٿان جيڪي اڄ به رڳو انڪري ڏاڍا آهن جو قانون کي سندن ڳچين ۾ هٿ وجھڻ جي اڃا همت نه ٿي سگھي آهي.جڏهن رحيم شاه جهڙا داداگير پوري سماج کي يرغمال بڻائي وٺن ته پوء رياست کي بهرحال اهو جواب ته ضرور ڏيڻو پوندو ته ڪير ڏاڍو آهي رحيم شاه يا رياست؟
(روزاني عوامي آواز 12 فيبروري 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو