Tuesday, February 12, 2019

ڪٿي چور سُڃا، ڪٿي ڍور سُڃا.



حافظ سڪندر تنيو
ڌن دولت، عزت، شهرت، ٽرڙائپ جو بکيو ماڻهو، هميشھ چاپلوسي ڪندي سٺن نمبرن ۾ پاس ٿي، وڏن ماڻهن جي ويجهي اچڻ جي ڪوشش ۾ حيا لڄ جون سڀ حدون اورانگھي ويندي به پاڻ کي ڪامياب انسان سمجهندو رهندو آهي، ان ۾ جبي پهريل پير هجي، ڪلهي تي وڏا تمغا سجايل جنرل هجي، واپار ۾ ٺڳيون ڪندڙ سيٺ هجي، سياست منجهھ بدڪاري ڪري پنهنجا ٻيئي جهان خراب ڪندڙ ڀوتار هجي، جتيون سڌيون ڪندڙ ڪامورو هجي، سڀيئي هڪ گھاٽ تان پاڻي پيئندڙ جانورن جيان آهين، گهڻي خوشامد انهن جي ڪئي ويندي آهي جن وٽان ڪجھه نه ڪجهھ ملڻ جو آسرو هوندو آهي، ۽ گهڻو ملڻ وري حاڪمن جي هٿان ئي ٿيندو آهي، سڌريل ملڪن جي سربراهن وٽ قانون مطابق کين ڪجهھ به ڏيڻ جو اختيار نه هوندو آهي، پر اسان جهڙن ملڪن ۾ ملوڪيت جي دور کان اڄ تائين ملڪي وسيلن جي مالڪي حاڪمن جي هٿن ۾ رهي آهي، جڏهن ته يورپ جي سڌريل قومن اهڙا اختيار حاڪمن کان کسي ادارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا، جنهن ڪري ڪوئي ماڻهو حڪمرانن جون جتيون کڻڻ لاءِ ڪين ويندو آهي. اھي ئي ماڻهو املھه ماڻڪ بڻبا آهين جن خود داري سان ڳاٽ اوچو رکيو.
ڦِريا به ناهيون، ڦُريا به ناهيون،
اڃا ڪنهن اگھه ۾ گُهريا به ناهيون،
ڪڏهن نه وڪجڻ وڏي آ قيمت،
انهيءَ کان ملهھ ٻيو مٿي ئي ڪونهي،
گهڻا ويا وڪجي، گهڻا ويا لکجي،
اسين اڃا تائين تُريا به ناهيون،
اسان جو ماضي اوهان جي اڳيان،
اسان جو حال به اوهان جي سامهون،
جتي اوهان آ بيهاري ڇڏيو،
چڪاسي ڏس، اتان چُريا به ناهيون.
پاڪستان ۾ سڪندر مرزا جي دور ۾ ان بدعت جو واڌارو ٿيو، وٽس بيک وٺندڙن وڏن ماڻهن جا ٽولا نظر ايندا هئا، ڪوئي روٽ پرمٽ جو طلبگار، ڪوئي ڊيزل پيٽرول جي پرمٽ وٺڻ وارو، ڪوئي امپورٽ ايڪسپورٽ جو لائسنس وٺندڙ، ڪوئي زرعي زمين جو گهرجائو، ڪوئي صنعتي يونٽ لاءِ ڪوڙو قرض گهرندڙ، سنڌي وڏيرو وري بندوق ڪلاشنڪوف جو طلبيندڙ۽ تپيدار، صوبيدار جو سفارشي ٿي رکرائڻ جهڙا ڪم وٺندڙ ڏٺا ويا آهين، جنهن ڪري ادارا برباد ٿي ويا، فرد مضبوط ٿي ٿلها متارا هرهڪ پاسي کان ٿي ويا، سڪندر مرزا کان پوءِ لالو ايوب ڪرسي تي ويٺو ته هن ڪجھه پنهنجي مٺ ڀڪوڙي رکي، هندستان مان لڏي آيل نادار ماڻهن، جيڪي اتي هندن جون ڌوتيون ڌوئيندڙ ڌوٻڪو ڪم ڪندا هئا، سي سنڌين جي ملڪيتن جا مفت ۾ مالڪ ٿي ويا، سندن ڪوڙن ڪليمن ذريعي ايوب خان چيو هاڻي بس ڪريو، هنن جون دعوائون ختم ئي ڪين ٿينديون، جيڪڏهن اهڙي ڀولي بندر بانٽ ٿيندي رهي ته سنڌين کان ته سڀ ڪجھه کسي کين ڏيندا رهيا آهيون، پر اڳتي هلي سرڪار کي زمين ٽڪرو ملڻ مشڪل ٿي پوندو، ان پِن مَڱ ۾ مذهبي مهندارن به وسان ڪين گهٽايو.
هڪ ڀيري ڪراچي صدارتي هائوس ۾ پنجاب جو هڪ پير صاحب فيلڊ مارشل ايوب خان سان ملڻ لاءِ ٽائيم وٺي آيو، کيس 11 وڳي جو ٽائيم مليل هيو، حضرت صاحب صبح جي نماز نوڪر کي پڙهائڻ جو چئي، اچي صدارتي هائوس اڳيان مصلو وڇائي ويهي رهيو، چوڪيدارن جھليس، ميان صاحب! اڃا ڪوئي اٿيو ئي ناهي، دروازا بند ٿيل آهن، هن وقت ڇو آيا آهيو؟چيائين 11 بجي صاحب سان ملڻو اٿم، بهرحال نائين وڳي کيس اندر ٽپايو ويو، ويٽنگ روم ۾ ويهاريو ويس، جتي اڳ ۾ هڪ غير ملڪي مهمان ملڻ جو انتظار ڪري رهيو هيو، پير صاحب ڍڳو پير پيران جيان هلندي صوفي تي سمهي پيو، نظر ڪنهن پاسي نهارڻ گوارا نه پئي ڪيس، صدارتي اسٽاف جا ڪجھه ماڻهو وٽس شرف زيارت حاصل ڪرڻ لاءِ آيا، چيائونس سندن لاءِ دعا گهرو، ويچارن کي اها خبر ئي نه پئي پوي ته جيڪو حاڪم جي در تان گهرڻ آيو آهي، ان جي دعا ٻئي کي ڪهڙو فائدو ڏيندي، پير صاحب پندرنهن وال ويڙهيل چادر مان هٿ ٻاهر ڪڍي تسبيح سميت دعا لاءِ هٿ مٿي ڪندي مِڻ مِڻ ڪرڻ شروع ڪئي، غير ملڪي مهمان ڪڏهن پير صاحب جي ته ڪڏهن عملي جي منهن ڏي تڪي تماشو ڏسي دل وندرائيندو رھيو، دعا کان بعد کين حڪم ٿيو ويجھا اچو، هرهڪ وهريل ڍور جيان پٺي ٺپرائي ويندو رهيو، کين حڪم ٿيو ته وڌيڪ فيض حاصل ڪرڻ لاءِ درگاھ تي ايندا رهندا ڪريو، غير ملڪي مهمان کي ملاقات لاءِ سڏ ٿيو، وري وزيرخارجامنظور قادر سان ملاقات ٿي، آخر ۾ 12 وڳي پير صاحب اندر ويو پنجن منٽن ۾ ٻاهر نڪري آيو، ٻاهر روڊ تي مريدن جو هجوم سائين جي زيارت ڪرڻ لاءِ جهل ئي نه پيو ڏئي، پير صاحب چيو صدر صاحب اڃا ڇڏي ئي نه پيو، نائين کان ٻارهين تائين ويهاري ڇڏيس، چيائين منجهند جي ماني گڏ کائي پوءِ وڃو، مون زبردستي موڪلائي آيس، هڪ هفتي بعد ٽپال ۾ هڪ درخواست پير صاحب جي پنجاب مان موڪليل پهتي، جنهن ۾ لکيل هيو، جناب صدر، آئون خانداني پير آهيان، صوم صلوات جو پابند، ڏينهن جو مريدن کي ذڪر نصيحت ڏيندي گذري ٿو، رات جو به عبادت ۾ مشغول رهجي ٿو، اسلام جي اجازت ملڻ سبب چار نڪاح ۽ چوڏهن مريدياڻيون ٻانهيون پڻ حويلي ۾ هجن ٿيون، ڪثرت اولاد جو بار، درگاھ جي لنگر خاني جو خرچ مون اڪيلي مٿان آهي، اڳ ۾به نواب آف ڪالا باغ پڻ اوهان جي چوڻ تي ڇهھ پرمٽون ڏنيون آهين پر گهڻي خرچ هئڻ سبب منجهانئن ايتري اپت نٿي ٿئي، مهرباني ڪري چار سئو ايڪڙ زرعي زمين ڏيڻ جو احسان ڪرڻ فرمائيندا، جيئن بي الڪو ٿي ذڪر اذڪار ۾ صوم صلوات ۾ مشغول ٿي ملڪي سالميت ۽ اوهان جي اقتدار جي تا حياتي هجڻ جو دعاگو رهان.
جيئڻ جو رتبو اسان نه ڄاتو،
مُلن جوخطبو ٻُڌيو مرون ٿا،
وڏو شڪل کي شاٽ لڳي ٿو،
اتي ئي سچ کي کاٽ لڳي ٿو.
وري ساڳئي صدر ايوب وٽ  سفيرن جي ميٽنگ رکيل هئي جنهن ۾ ايئر مارشل اصغر خان به ويٺو هيو، جنهن چيو ته چين هڪ نئين طاقت بڻجي اڀري رهيو آهي، اسانکي ساڻس تعلقات وڌائڻ کپن، هڪ ٻئي سفير چيو اسانکي آمريڪا ۽ روس سان تعلقات رکڻ ۾ توازن پيدا ڪرڻ کپي، ڪنهن هڪ قوت آڏو جهڪڻ نه گهرجي، ٻين سفيرن به رايا ڏنا، سنڌي سفير پير علي محمد راشدي موضوع کي سمجهندي به ڪائي تجويز نه ڏني، پر قرآني آيتن ۽ حديثن مان دليل ڏيڻ شروع ڪيائين ته امت مسلمه سدائين هڪ مضبوط رهبر جي هٿ هيٺ رهي ترقي ڪئي آهي، هن دور ۾ اوهان (ايوب خان) ئي قابل شخصيت آهيو، جنهن ۾ وڏيون صلاحيتون رکيل آهين، اوهان کي پاڪستان جو بادشاھ ٿيڻ کپي، ان ۾ ئي ملڪ جي مضبوطي ٿيندي، سڀني ويٺلن پنهنجي منهن تي رومال رکيا، ايوب خان به کلڻ لڳو.
هڪ ڀيري علاما اقبال وٽ هڪ پير صاحب ملڻ لاءِ آيل هيو، سندس مريد کي خبر پئي ته مرشد سائين هتي آيل آهي، هو لڙي اچي پير کي پيرين پئي هٿ چمي مليو، چيائين مرشد دعا ڪرپنج سئو رپين جو مقروض ٿي ويو آهيان، قرضي ڏاڍو تنگ ٿاڪن، پير صاحب دعا گهريس، هن پٽڪي ۾ ٻڌل پنج رپيا ڇوڙي سندس هٿ تي رکيا، اقبال وري ٻي دعا گهري خدايا هن مريد کي سمجھه سوچ عطا ڪر، اڳ۾ پنج سئو جو قرضي هيو، هاڻي دعا گهرائڻ ڪري پنج سئو پنج رپين جو ٿي چڪو آهي، شعر پڙهيائين
"خداوندا يي تيري ساده دل بندي ڪڌر جائين،
يهان تودرويشي ڀي عياري تو سلطاني ڀي عياري”.
پير صاحب دستار مٿي تي رکي اٿي هليو ويو، چوڻ جو مقصد هي آهي ته آزاديون ان ڪري وٺبيون آهين ته عوام ۾ آسودگي اچي، جيئن چين ملائيشيا جهڙا ملڪ ڏسجن ٿا، پر اسان وٽ ڪي فرد ئي آسودا ٿيندا ٿا وڃن، ماڻهو بک وگهي مرندا ۽ پاڻ ماريندا ٿا رهن، زرعي زمينون هجن، صنعتون هجن، ڪاروبار هجن سڀ وڏن ماڻهن ۽فورسز جي هٿن ۾ آهين، هاري ۽ مزدور جو جيڪو ڪمائڻ وارو هٿ آهي، سو هنن جي اڳيان اگهاڙو ٿي انگ ڍڪڻ لاءِ ايلازو آهي،
حڪمرانن ملڪ جي ملڪيت کي ايئن کائڻ شروع ڪيو، جيئن ڳجهون ڍونڍ کائڻ لاءِ گڏ ٿينديون آهن، ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته جناب رئيس السنڌ، مرڪزي حڪومت کي آفر ڪئي آهي ته جيترا پيسا تخت لهور تي حڪومت ڪندڙ ميان صاحب ڏيندو، آئون به اوترا ئي ڏيندس، نه پائي گهٽ ڪندس نه وڌ ڏيندس، حڪومت وائڙي لڳي ويٺي آهي، ته ڪيئن سندن اڪائونٽ مان شينهن جي ڪن ۾ پيل پيسا ڪڍي وٺجن، ٿيڻ ته هيئن کپندو هيو جو جيتري چوري جنهن ڪئي آهي، سموري هرهڪ کان سنڀالي ورتي وڃي، ٽڪي پيسي جي رعايت به ڪنهن سان ڪين ٿيڻ کپي، ان کان پوءِ جاگيرون پڻ سڀني ملڪي ڀوتارن کان کسي هارين ۾ ورهائڻ کپن،کين زندگي ڀر سياست ڪرڻ ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ تي پابندي وڌي وڃي، بقول سپريم ڪورٽ جي ته جنرل صاحبان کي پڻ هاڻي سياست ڪرڻ مان پنهنجا هٿ ڍرا ڪرڻ گهرجن، زرعي زمينون هارين کي قرآن جي اصول مطابق ڏيڻ گهرجن ها، الله فرمايو "ان الارض يرثها عبادي الصالحون” زمين جي وارثي منهنجي ٻانهن مان انهن کي ڏيڻ کپي، جيڪي زمين جو اصلاح ڪندڙ آهين، زمين جي سنوت، سڌارو ھاري ڪري ٿو، ان ڪري هاري حقدار ھجڻ کپي، نڪي نڪمو چوڌري۽ ڀوتار هجڻ گهرجي، ان ڪري چئجي ٿو ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا آهين، جن کي زمين ڏيڻي هئي تن کي نه ملي سي سڃا ٿي چڪا آهين، ۽ چور ڌاڙيل پاليندڙ وڏيرا سياست جي سوداگري سبب آسودا ٿي ويا آهين.مون هي مضمون ته خوشامدڙين تي لکيو هيو پر هاڻي ارشاد رانجها ڻي جو قتل ٿيڻ سبب موضوع ۾ شامل ڪريان ٿو.
قانون هتي ڪوريئڙي جو ڄار بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ ڪمزور جيتامڙا ڦاسجي رهيا آهن، طاقتور جانور کيس چيريون ڦاڙيون هليا ٿا وڃن، هڪ معصوم 13 سالن وهي جي ڪَلي رمشا وساڻ جيڪا جواني تائين رَسڻ کان اڳ ڪومائجي ويئي، قانون جو رکوالو ايس ايس پي قاتلن جي ڪمداري ڪندڙ چوي ٿو هوءَ ڪاري هئي، کيس ڪيئن اهو عهدو ڏنو ويو آھي، جنهن کي اها خبر به ناهي ته دنيا جا قانون يا اسلام جو قانون ڪنهن ڪاريءَ کي ڪهڻ جي اجازت رياست کي به نٿو ڏئي ته عام ماڻهو کيس ڪيئن ٿو ڪهي سگھي،اسلام ۾ زنا جي سزا به مارڻ ناهي، وري سندس تعزيت لاءِ ڪي عورتون تڏي تي وڃن ٿيون ته محافظن جون بندوقون رولو ماڻهن جي حفاظت ڪندي ڏسجن ٿيون، وفد کي ملڻ نٿو ڏنو وڃي.
وڌيڪ انياءُ ڪراچي جهڙي شهر ۾ ارشاد رانجهاڻي جو قتل ٿيڻ آهي، جنهن کي ڦورو ڄاڻائي هڪ رهزن پاران راهه ويندڙ کي گوليون هڻي زخمي ڪري سندس ايذائن تي ٺينگ ٽپا ڏيئي سرهو ٿو ٿئي، ڪنهن ماڻهو کي به زخمي ٿيل کي اسپتال پهچائڻ جي اجازت نٿو ڏئي، قانون ته  هن ملڪ جي ڪاڳرن ۾هن طرح لکيو ويو آهي، ته جيڪڏهن فورسز سان ڏوهارين جي جھڙپ ٿئي ٿي، ٻنهي پاسن کان گوليون هلن ٿيون پوليس جا سپاهي ۽ ڏوهاري زخمي ٿين ٿا ته ويڙھ ڪندڙ زخمي ڏوهاري کي ترت طبي مدد لاءِ اسپتال پهچائي سندس زندگي بچائڻي آهي، پر هتي قانون پاڻ پنهنجا اختيار ليس ڪري ويهي آرام ڪرڻ لڳو آهي، ارشاد جو قاتل اڄ به ٻانهن لوڏي هلي رهيو آهي،وزير اعلي سنڌ پاران جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ ۽ قاتل کي گرفتار ڪرڻ جي ڪيل اعلان جي حمايت ڪجي ٿي ته هن انسانيت سوز واقعي جي وحشي ڪردار کي قانون جو رسو چيلهھ ۾ وجهي ڪورٽ ۾ آندو وڃي، هينئر ته قاتل رحيم شاھ جي ڏوهي ڪردار جو چٺو سنڌي پريس اڳيان آڻي رکيو آهي، جنهن ۾ هي ڏوهارين  جو وڏو لٺ سردار آهي،هن جي رڪارڊ وٺڻ سان سندس ڪردار چٽو پٽو ٿي سامهون اچي ويندو، ڪميشن کي رڳو ارشاد تي داخل ڪيسن کي نه ڏسڻ کپي هن تي 2013 تائين ڪجھه معمولي ڪيس داخل ٿيل آهن،جن ۾ ڦر، اغوا، قتل جهڙو ڪوئي ڪيس ناهي، پر هن قاتل تي ۽ سندس گينگ تي قتلن جا ڪيس داخل ٿيل آهن، هن جا سالا سوٽ ماسات پڻ ساڻس ڏوهن ۾ ساٿاري رهيا آهن، هي علائقي ۾ دهشت جي علامت رکندڙ آهي، هن جا ۽ ارشاد رانجهاڻي جا پاڻ ۾ اختلاف هئا، ارشاد کيس سنڌي ماڻهن کان ڀتو وٺڻ تي ٽوڪيندوهيو، هڪ ٻئي خلاف ٿاڻن تي درخواستون پڻ ڏنل هيون، هن کي رستي جو پٿر سمجهي ڦورو ڄاڻائي هٽائڻ جي پلاننگ ڪئي ويئي آهي، قاتل کي وڏن سياسي ماڻهن جي حمايت پڻ حاصل آهي، هر سياسي جماعت کي هن پاران حصو پتي ملندو رهندو آهي، ان ڪري هي قتل پڻ هن جو وڏو پيٽ هضم ڪري ويندو، مظلوم ماڻهو انصاف لاءِ واجھائيندي ٿا رهن ڪٿان ڪوئي سڏ ورنائڻ وارو سهارو نڪري نٿو اچي، جيڪو رمشا کي، ارشاد رانجهاڻي کي، ان سان گڏ سنڌ مان بي ڏوهي سالن کان کنڀي زندانن ۾ قيد ڪيلن کي آٿت ڏيئي سگهي. چوري ڪيل ماڻهن کي تيستائين آزاد نٿو ڪيو وڃي، جيسيتائين هو ذهني توازن وڃائي چريا بڻجي نٿا پون.ڪاش ڪوئي سنڌ جي نياڻين سسئي، سورٺ ۽ تنوير آريجو جي اندر ۾ سانڍيل سور کي محسوس ڪندي کين پنهنجن پيارن جي موٽائڻ ۾ مدد ڪري سگهي. خدا   پاڪ جي ڏاڍي سرڪار آهي ان جي ڪورٽ ۾ انصاف جي اپيل ڪجي ٿي.
(روزاني عوامي آواز 11 فيبروري 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو