Friday, February 1, 2019

آمريڪا،ٽرمپ ۽ تبديليء جون هوائون.



شفيق الرحمان شاڪر
خاص حالتن ۾ شيون ابتيون سبتيون ٿي وينديون آهن.وائيٽ هائوس ۾ نئين صدر جي اچڻ کان پهرين هيء عمارت امريڪي سياسي انتظام ۾ اعتماد ۽ استحڪام جي نشاني هئي.اڄ اها عمارت ديوهيڪل سياسي ڏڦير جو مرڪز بڻجي چڪي آهي.صدر هئڻ جي منطقي حيثيت ۾  ٽرمپ ڪنهن منڊي جيان لاڳيتو هڪ کان پوء ٻئي اسڪينڊل ڏانهن منڊڪائيندو ٿو وڃي پر هر نئين تڪرار جي نتيجي ۾ هو آمريڪي سماج ۾ موجود پهرين تضادن کي وڌيڪ گھرو ۽ واضح ڪندو ٿو وڃي.جنهن ڪري اڳ ۾ ڪڏهن نه نظر آيل سماجي ڏڦير جون راهون هموار ٿينديون ٿيون وڃن.
ٽرمپ جي اليڪشن مهم ۽ روسي حڪام جي وچ ۾ مبينا لاڳاپن جي تڪرار تي رياست ۾ وڌندڙ بي چيني ء تي ولاديمير پوٽين جو پاڇو گھمي رهيو آهي.ٽرمپ جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر مائيڪل فلين کي عهدو سنڀالڻ کان اڳ ئي روسي سفير سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي الزام ۾ رخصت ڪيو ويو.ٽرمپ جي مقرر ڪيل اٽارني جنرل جيف سيشن کي ٽرمپ ڪيمپين ۾ ڪريملين سان لاڳاپن جي حوالي سان جاچ کان پاڻ کي الڳ ڪرڻو پيو. اليڪشن مهم ۾ روسي سفير سان ملاقات جي حوالي سان ڪوڙ ڳالهائڻ بعد ٽرمپ هاڻي پاڻ سڀني جي نظرن ۾ آهي.
عام حالتن ۾ اها خبر ته امريڪي صدر پنهنجي ئي خفيا ايجنسين هٿان هڪ ٻاهرين مخالف قوت سان لاڳاپن جي حوالي سان جاچ هيٺ آهي هڪ وڏو اسڪينڊل بڻجي ها پر اڄ جون حالتون ڪنهن به نموني عام رواجي ناهن.ٽرمپ پاران انهن الزامن تي رد عمل تڪرارن جي سڀ کان وڏي پاڙ بڻجي چڪو آهي.ٽرمپ ڪجهه ٽويٽ ڪيا جن ۾ هن اڳوڻي صدر بارڪ اوباما ۽ ايف بي آئي تي چونڊن کان پهرين ٽرمپ ٽاور ۾ سندس فون ٽيپ ڪرڻ جو الزام هنيو ۽ گڏوگڏ ”ميڪارٿي ازم“ ۽ “نڪسن واٽرگيٽ“ جو حوالو ڏيندي الزامن کي اڃا به وڌيڪ سنگين بنائي ڇڏيو.اهو حيران ڪندڙ ناهي ته انهن الزامن کان اڳ نهايت ئي نازڪ صورتحال کي اڃا به وڌيڪ گنڀير بنايو ويو.فنانشل ٽائيمز پنهنجي هڪ مضمون ” ٽرمپ حڪومت جي طرز کي وڌيڪ ڇڪتاڻ وارو بنائي رهيو آهي“ ۾ لکيو ته مسٽر ٽرمپ جي هاڻوڪي بيانن مان واضح ٿئي ٿو ته هو سواء فوج جي سمورن امريڪي حڪومتي ادارن سان لڳ ڀڳ  کليل جنگ ڪري رهيو آهي.انهن ۾ خفيا ادارن کان وٺي وزارت خارجه ۽ سول سروس جا سمورا ادارا شامل آهن.اهو اڃا باقي ڏسڻو آهي ته ڇا اهڙو نظام جنهنجو بنياد ئي تعاون تي آهي اهڙين حالتن ۾ فعال رهي سگھي ٿو؟رياست پنهنجي ئي صدر سان ٽڪراء ۾ آهي.اهڙي ڪابه خوش فهمي ته ٽرمپ چونڊن بعد پنهنجي رويي ۽ ڳالهه ٻولهه جي طرز ۾ ڪا تبديلي آڻيندو هاڻي دم ٽوڙي چڪي آهي.ان جي بدران هو هر مخالفت جو جواب اڳي کان وڌيڪ جارحاڻي نموني ڏيئي رهيو آهي.عدم استحڪام ۽ عدم استحڪام ئي نظر اچي ٿو.رياست جي چونڊيل ۽ اڻ چونڊيل ڌڙن ۾ اها ڇڪتاڻ گھڻو عرصو هلي نٿي سگھي.ان تضاد کي دير سوير حل ٿيڻو ئي پوندو.پر ان سلسلي ۾ کڻي ڪهڙو به قدم کنيو وڃي جيڪو ڪاپاري ڌڪ گڏيل طور تي پوري رياست جي نام نهاد سالميت ۽ بالادستيء کي لڳي چڪو آهي ان جو هاڻي ڪجهه نٿو ڪري سگھجي.ايستائين جو ريپبليڪن سينيٽر بين ساسي ان صورتحال کي رياستي ادارن تي عوامي اعتماد جو بحران قرار ڏنو آهي.ٻئي طرف نام نهاد “خفيا رياست“ پاران هاڻوڪي نظام جي حفاظت جو هر قدم رڳو سندس پنهنجي ڪردار کي ئي وائکو ڪري رهيو آهي جنهن سبب رياست جا ٻئي ڌڙا وڌيڪ ڪمزور ٿيندا ٿا وڃن.اها سچائي ۽ ان سچائيء جا امريڪي عوام تي پوندڙ اثر ئي اهو سڀ کان سنجيدا مسئلو آهي جيڪو اڄ ڪلهه امريڪي حڪمران طبقي جي سامهون آهي.فنانشل ٽائيمز جي مٿئين مضمون ۾ اهو به لکيل آهي ته ان قسم جي دعوائن جا حڪومتي ادارن تي اعتماد جي حوالي سان خوفناڪ اثر پئجي رهيا آهن جنهن کان سواء هي ملڪ هلي نٿو سگھي.رڳو رياستي ادارا ئي صدر سان جھيڙي ۾ مصروف ناهن،هن وقت ٽرمپ ۽ زياده تر ميڊيا ذريعن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ امريڪي حڪمران طبقي لاء هڪ ٻيو مٿي جو سور بڻيل آهي.هڪ عجيب غريب پر ديده دليريء سان ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ ٽرمپ روس سان سندس لاڳاپن متعلق خبرن کي ”ڪوڙيون خبرون“ قرار ڏنو هو،هڪ اهڙي سوچ جنهنجي پريس ڪانفرنس جي شروعاتي لفظن ۾ به عڪاسي هئي.جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته ڇا سمورين ميڊيا رپورٽن کي ڪوڙيون خبرون قرار ڏيئي هو امريڪي عوام جو پريس جي آزاديء تان اعتماد ختم نه ڪري رهيو  آهي ته ان جي جواب ۾ ٽرمپ رڳو ايترو چيو ته ”آئون ايئن ڪندو آهيان“. ايئن ٿو محسوس ٿئي اهي تڪرار جيڪي ماضيء ۾ ڪنهن به سياستدان جو ڪيريئر تباهه ڪري ڇڏيندا هئا ٽرمپ کي نقصان پهچائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.ان حوالي سان ڪيئي تجزيو ڪندڙ ۽ ماهر ان کي ”سچائيء کان بعد وارو دور“ قرار ڏيندي انهيء کي سازش ۽ مڪاريء جو نتيجو قرار ڏيئي رهيا آهن جنهنجو ماسٽر مائينڊ پوٽين آهي.پر حقيقت ۾ ٽرمپ پاڻ هاڻوڪي بحران جو سبب پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ  پاڻ ان جي پيداوار به آهي.
امريڪي عوام جو ميڊيا تي اعتماد گذريل هڪ ڏهاڪي کان لاڳيتو ڪرندو آيو آهي.سيپٽيمبر 2016ع ۾ گيليپ جي هڪ سروي مطابق چونڊن کان اڳ رڳو ٻٽيهه سيڪڙو ماڻهن چيوته انهن جو ميڊيا تي ”بي حد“ يا وري ”ڪجهه ڪجهه“ اعتماد آهي جيڪا 1972ع کان شروع ڪيل ان سروي جي سڀ کان ڪريل شرح آهي.اعتماد جي اها شرح سماج جي سمورن طبقن ۾ ڪري آهي پر اها خاص طور تي ريپبليڪن ۽ ارڙهن کان اوڻونجاهه سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ سڀ کان گھڻي آهي.عوام جي ان نامياتي عدم اعتماد جي نتيجي ۾ ٽرمپ کي ميڊيا ۾ پنهنجي نامزدگيء جي شديد مخالفت باوجود بنان ڪنهن نقصان جي کٽڻ جو موقعو مليو ۽ هن وقت هي ئي اهو بحران آهي جنهن سبب ميڊيا هڪ بند گھٽيء ۾ پهچي چڪي آهي.حقيقت اها اهي ته نام نهاد ”سچائيء کان پوء واري دور“ جو مطلب اهو آهي ته سمورن ملڪن جي نام نهاد ”آزاد ميڊيا“ جي سچائيء کي بگاڙڻ يا نسورو ڪوڙ هڻڻ جي آزاديء کي هاڻي ماڻهن رد ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ٽرمپ اهو اعلان ڪري ٿو ته” بدقسمتيء سان واشنگٽن،نيويارڪ،لاس اينجلس ۾ خاص طور تي ميڊيا عوام جي ترجماني ڪرڻ بدران خاص مفادن جي ترجماني ڪري ٿي جيڪا هڪ برباد ٿيل نظام مان نفعو ڪمائي رهي آهي“ ته اهو ان ئي وڌندڙ غم ۽ غصي کي ظاهر ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ايئن ٿو لڳي ته هن کي ڪو نقصان پهچائي نٿو سگھجي.
لينن چيو هو ته ”سچائيون گھڻيون ڍيٽ هونديون آهن“ ۽ اها ئي ٽرمپ جي بدقسمتي آهي.ٽرمپ وٽ عالمي معاشي گھوٽالي جو ڪو حل ناهي،هو رڳو وڏن سرمائيدارن کي ٽيڪسن ۾ ڇوٽ ۽ امپورٽ تي ڳرا ٽيڪس لڳائڻ جون ڀڙڪون ڏيئي سگھي ٿو جنهن جا آئيندي معيشت تي خطرناڪ اثر مرتب ٿيندا.انهيء سلسلي ۾ هن جا ”انتظامي حڪم“ جن ۾ مسلمانن خلاف پابنديون ۽ ميڪسيڪو سان گڏ ديوار بنائڻ جا حڪم به شامل آهن،اڳ ۾ ئي موجود عوامي غم ۽ غصي کي وڌيڪ ڀڙڪائڻ جو سبب بنيل آهن.ٽرمپ نيٺ پنهنجو پاڻ کي نه رڳو عدم اعتماد جي شڪار پر ڇانئيل ميڊيا جي حملن جي نشاني تي پائيندو بلڪه پنهنجن حمايتي طبقن هٿان به بڇڙو ٿيندو جيڪي هن جي بيوقوفاڻين گدڙ ڀڀڪين کي حقيقت جي شڪل نه ڏيئي سگھڻ جي صلاحيت کان تنگ ٿي پيا هوندا.ان ڏڦير ۾ هن نظام جي چريائپ ۽ ڪرپشن خلاف وڏي تيزيء سان هڪ حقيقي متبادل جي تعمير ڪري سگھجي ٿي پر سوال اهو آهي ته ڪيئن؟ دنيا هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ پوري دنيا ۾ سرمائيداريء جي بنيادي تضادن سبب هاڻوڪي نظام ۾ پوندڙ شاهي ڏار ڏهاڪين پراڻن ادارن کي هڪ ٻئي پويان بحران ۾ ڌڪي رهيا آهن.حڪمران طبقو هاڻي ماضيء جيان حڪمراني ڪرڻ جي قابل ناهي رهيو.اها هڪ اهڙي سچائي آهي جنهن ۾ بي پناهه امڪان لڪل آهن.ٽرمپ بند گھٽيء ۾ بيٺل امريڪي جمهوريت ۽ عوام پاران رد ڪيل ڊيموڪريٽس جي ”ڪجهه گهٽ برائي“ جي رٽ جو نتيجو آهي.هاڻي به پنهنجي پوري ڦني خاني ۽ ڪانگريس تي مڪمل ريپبليڪن ڪنٽرول باوجود به ٽرمپ جو صورتحال تي ايترو ئي ڪنٽرول آهي جيترو سندس مخالفن جو.اهي ٽرمپ ۽ سندس پاليسيون نه آهن جن سبب امريڪي پرولتاري ڊنل آهن،اهو عوامي رد عمل آهي جنهنجو منظر اسان جنوريء ۾ ديو هيڪل خواتين مارچ جي صورت ۾ ڏٺو هو جنهن سان حڪمرانن تي ڏڪڻي طاري آهي.”سماجي تحريڪن جي قبرستان“ ڊيموڪريٽس جي اندروني اڻ بڻت سبب هاڻي ان ڳالهه جي ڪا ضمانت ناهي رهي ته اهڙي ڪابه تحريڪ قابل قبول ”محفوظ “ رستن تي وجھي ضايع ڪري ڇڏي ويندي.زبردست امريڪي پورهيت طبقو پل ۾ آسانيء سان ٽرمپ،ساڄي ڌر جي متبادل ۽ پوري فرسودا اسٽيبلشمينٽ کي پري ڦٽو ڪري سگھي ٿو پر ان لاء لبرلزم ۽ سامراجيت جي ٻٽ بڻيل سياست کان علحدگي اختيار ڪرڻي پوندي.ٽرمپ خلاف جدوجهد هڪ نئين هلچل طرف اشارو ڪري رهي آهي جنهن جي بنياد تي سماج کي ٻيهر نون بنيادن تي اڏي سگھجي ٿو،انهيء کي هڪ نئين سياسي پارٽي گھرجي.هر گھٽي ۽ محلي،هر اسڪول ۽ يونيورسٽي،هر فيڪٽري ۾ هڪ سوشلسٽ پروگرام آڏو ڪروڙين ماڻهو،جيڪي هن نظام کي رد ڪري چڪا آهن،آمريڪا ۽ ان سان گڏوگڏ پوري دنيا کي تبديل ڪري سگھن ٿا.ان جدوجهد ۾ امريڪي پورهيتن کي امريڪا،برطانيا ۽ سڄي دنيا ۾ عالمي مارڪسي لاڙي جي حمايت حاصل هوندي.انهيء ۾ ڪا حيرت نه هئڻ گھرجي  جيڪر امريڪي روڊن رستن تي اهي نعرا گونجن ته  ” ٽرمپ مرده باد،سرمائيداري مرده باد ۽ امريڪا ۾ عوامي سوشلسٽ پارٽيء لاء اڳيان وڌو.“

(روزاني هلال پاڪستان 30 جنوري 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو