Wednesday, December 12, 2018

صوفيء صاف ڪيو؛ فقر ۽ درويشي.



شفيق الرحمان شاڪر
اڄ حضرت شيخ جي مجلس ۾ حاضريء جو موقعو مليو،فرمائي رهيا هئا ته حق جي راهه ۾ درويشيء جو بلند درجو آهي ۽ درويشن کي وڏن خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ” انهن فقيرن لاء جيڪي الله جي راهه ۾ روڪيا ويا آهن ۽ زمين تي هلي ڦري نٿا سگھن.نادان سوال نه ڪرڻ سبب انهن کي تونگر سمجھن ٿا.“ ۽ انهن جي ئي شان ۾ فرمايو ويو آهي ته ” انهن جا پاسا بسترن کان پري رهن ٿا ۽ خوف ۽ اميد وچان پنهنجي پالڻهار کي پڪاريندا رهن ٿا.“حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته ٻنهي جهانن جي سردار صلي الله عليه وسلم جن پاڻ به فقر ۽ توڪل کي پسند فرمايو ۽ اها دعا گھرندا هئا ته” اي الله! مون کي مسڪينن واري زندگي عطا ڪر،مسڪينيء واري حالت ۾ مون کي وفات ڏي ۽ قيامت جي ڏينهن مون کي مسڪينن سان گڏ اٿار.“ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن اهو به فرمايو ته ” الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن فرمائيندو ته منهنجي محبوبن کي منهنجي ويجھو آڻيو.فرشتا عرض ڪندا ته الاهي! تنهنجا محبوب بندا ڪير آهن؟ الله تعاليٰ فرمائيندو ته اهي مسڪين ۽ فقير آهن.“ حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته صحابي سڳورن جي هڪ جماعت اهڙي به هئي جيڪي الله تعاليٰ جي رضا ۽ عبادت ۽ رسول خدا صلي الله عليه وسلم جن جي خدمت ۾ هروقت حاضر رهڻ لاء دنيا جي سمورن معاملن کان ڪناراڪشي اختيار ڪري ڇڏي هئي ۽ رزق روزيء جي ڊوڙ ڊڪ کان بي نياز ٿي ويا هئا ۽ هروقت مسجد نبويء جي چبوتري تي ويٺل رهندا هئا.الله تعاليٰ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي انهن مسڪين صحابين سان گڏ ويهڻ جو حڪم ڏنو.الله تعاليٰ فرمايو ته                   ” جيڪي صبح سانجھيء پنهنجي رب کي پڪارين ٿا ۽ صرف سندس ئي راضپو چاهين ٿا،انهن کي نه ڇڏ.“ ۽ اهو به فرمايو ويو ته ” اوهان جون اکيون دنيائي حياتيء جي سونهن جي ڪري انهن (فقيرن) کي ڇڏي ڪنهن ٻئي تي نه پوڻ گھرجن.“ جنهن کان پوء حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي نظر عنايت جڏهن به انهن صحابين مان ڪنهن تي پوندي هئي ته پاڻ فرمائيندا هئا ته ” هي ئي اهي ماڻهو آهن جن جي باري ۾ رب تعاليٰ مون کي تاڪيد فرمايو آهي.“ اڳتي حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته فقر ۽ مسڪينيء جو عجيب شان آهي.اها اهڙي حالت آهي جيڪا انهن پنهنجي مرضيء سان اختيار ڪئي آهي.پوء حضرت شيخ هڪ واقعو بيان فرمائڻ لڳا ته ڪنهن بادشاهه سان هڪ درويش جي ملاقات ٿي.بادشاهه درويش کي چيو ته اوهان کي ڪا ضرورت هجي ته مون کي ٻڌايو.درويش جواب ڏنو ته آئون پنهنجي غلامن جي غلامن کان ڪا شيء نه گھرندو آهيان. بادشاهه پڇيو اهو وري ڪيئن؟درويش چيو منهنجا جيڪي  ٻه غلام آهن اهي تنهن جا آقا ۽ مالڪ آهن. هڪڙو حرص ۽ ٻي خواهش. حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته فقير جي عزت ان ۾ آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي ڪريل حرڪتن ۽ پنهنجي حال کي ڪنهن خلل کان بچائي.نه بدن گناهه جي ڪنهن گندگيء ۾ ڦاسي ۽ نه جان تي ڪنهن  خلل ياآفت جو گذر ٿئي.هن جو يقين هجي ته فقيريء جي ساهميء ۾ ٻنهي جهانن جي حيثيت مڇر جي پر برابر به ناهي.جيئن هڪڙو بزرگ فرمائي ٿو ته فقير اهو ناهي جيڪو دنيا جي ساز سامان کان خالي هجي پر فقير اهو آهي جنهن جي دل آرزوئن ۽ تمنائن کان خالي هجي. حضرت صائم بن محمد رحه فرمائين ٿا ته فقير جي وصف اها آهي ته هو پنهنجن رازن ۽ اسرارن جي حفاظت ڪري ۽ پنهنجي نفس کي بچائي ان جو فرض پورو ڪري.مطلب اهو ته فقير پنهنجي باطني اسرارن کي دنيائي مفادن کان بچائي ۽ پنهنجي نفس کي حرص ۽ خواهش جي آفت کان محفوظ رکي ۽ شريعت جا حڪم ۽ فرض پنهجي نفس تي جاري ڪري.حضرت شبلي رحه فرمائين ٿا ته فقير  اهو آهي جيڪو الله کان سواء ٻي ڪنهن به شيء ۾ راحت نه پائي.حضرت ابوالحسن نوري رحه فرمائين ٿا ته فقير وٽ ڪا شيء نه هوندي آهي ته هو خاموش رهي ٿو پر جيڪر ڪجهه وٽس اچي ٿو ته اهو ٻين تي خرچ ڪري ڇڏي ٿو.حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته ان سلسلي ۾ شيخ المشائخ ابوالقاسم جنيد رحه جو قول نهايت ئي عجيب آهي.پاڻ فرمائين ٿا ته سمورن شڪلين کان دل کي خالي ڪرڻ فقر آهي.دل ۾ جيستائين ڪابه شڪل موجود رهندي ته ڇاڪاڻ ته هر شڪل الله کان سواء غيرآهي ان ڪري انهن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪرڻ سواء ڪو چارو نه آهي. حضرت جنيد بغدادي رحه فرمائين ٿا ته اي فقيري ٽولي وارو! اوهين ماڻهن ۾ الله وارن جي حيثيت ۾ ڄاتا ۽ سڃاتا وڃو ٿا ۽ الله تعاليٰ سان نسبت جي سبب ئي ماڻهو اوهان جي عزت ۽ احترام ڪن ٿا. جڏهن اوهين اڪيلائيء ۾ پنهنجي رب جي سامهون هجو ته پنهنجو جائزو وٺندا ڪريو ته اوهان جي الله تعاليٰ سان تعلق جي واقعي ڪهڙي حقيقيت آهي؟ مطلب اهو ته جڏهن خلق خدا اوهان کي درويش چئي سڏيندي هجي ۽ ان ڪري ئي اوهان جي عزت ۽ تعظيم جو حق به ادا ڪندي هجي ته پوء اوهين پنهنجي درويشيء واري حق جو به سچو پچو جائزو وٺو ته اوهان درويشيء جو اهو حق ڪيتري قدر ادا ڪري رهيا آهيو؟ماڻهو اوهان کي ڪهڙي به نالي سان سڏيندا هجن ان تي ڌيان نه ڏيو پر اوهان پنهنجي پاران ڪيل درويشيء واري دعويٰ کي ضرورانصاف سان پرکيو.پوء حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته ماڻهن ۾ نهايت ئي ڪميڻو ۽ ذليل ماڻهو اهو آهي  جنهن کي ماڻهو درويش سمجھندا هجن پر هو درويش نه هجي.ان جي اهڙي دعويٰ جو مثال ان طبيب جيان آهي جيڪو اها دعويٰٰ ته ڪري ته هو طبيب آهي ۽ ماڻهن جو علاج ڪرڻ به شروع ڪري ڏئي جڏهن ته هن کي علم طب سان ڪو واسطو ئي ناهي.اهڙيء طرح هو ماڻهن کي ٺيڪ ڪرڻ بدران اڃا وڌيڪ بيمار ڪري وجھندو ۽ جڏهن پاڻ بيمار هجي ته پنهنجو علاج ڪرڻ کان به لاچار هجي ۽ پنهنجي علاج لاء ٻيا طبيب تلاش ڪندو رهي.اهڙو ماڻهو جنهن کي ماڻهو خدا وارو سمجھن پر هو خدا وارو نه هجي ته اهو ان طبيب جي مثال آهي.
(روزاني مهراڻ 11 ڊسمبر 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو