Tuesday, December 4, 2018

صوفيء صاف ڪيو. صوفين سڳورن جون عمديون خصلتون.




صوفيء صاف ڪيو.
صوفين سڳورن جون عمديون خصلتون.
شفيق الرحمان شاڪر
حضرت شيخ جي مجلس ۾ صوفين سڳورن جي عمدين خصلتن جو ذڪر ٿي رهيو هو.پاڻ فرمائڻ لڳا ته حضرت جنيد بغدادي رحه جي نزديڪ تصوف جو بنياد اٺن شين تي آهي.سخاوت،رضا،صبر، خاموشي،غربت،پشمي لباس،سيرسفر ۽ فقر. اهي سڀ شيون اٺن نبين سڳورن عليهم السلام جي پوئواريء جي ڪري آهي.سخاوت حضرت خليل الله عه کان ڇوته پاڻ پنهنجي فرزند کي خدا جي راهه ۾ قربان ڪيائون.رضا حضرت اسمائيل عه کان جو ذبح ٿيڻ وقت خدا جي ان حڪم تي راضي رهيا.صبر حضرت ايوب عه کان جو پاڻ بي حد مصيبتن تي صبر ڪيائون.خاموشي ۽ اشارو حضرت زڪريا عه کان جو حق تعاليٰ کيس فرمايو ته اوهان ٽن ڏينهن لاء ماڻهن سان اشارن کان سواء ڪجهه نه ڳالهايو.غربت حضرت يحيٰ عه کان جو اهي پنهنجي وطن ۾ بي وطن ۽ پنهنجي ڪٽنب هوندي اوپرا رهيا.سير سفر حضرت عيسيٰ عه کان جو پاڻ سڄي زندگي ڪو گھر نه جوڙيائون ۽ سواء هڪ پيالي ۽ ڦڻيء جي ٻيو ڪو سامان نه ڌاريائون ۽ بنان شاديء جي سڄي زندگي گذاري ڇڏيائون. پشم جو لباس حضرت موسيٰ عه کان جو سڄي عمر اهو ئي لباس پاتائون ۽ فقر ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کان جن کي پوري روء زمين جي خزانن جو ڪنجيون عطا ڪيون وييون پر پاڻ بارگاه خداونديء ۾ عرض ڪيائون ته اي منهنجا رب! مون کي انهن شين جي طلب ڪانهي.آئون ته اهو ٿو گھران ته هڪ ڏينهن پيٽ ڀري کاوان ۽ ٻئي ڏينهن بکيو رهان.
پوء حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته حضرت علي بن پندار نيشاپوري رحه فرمائين ٿا ته تصوف اهو آهي ته صوفي پنهنجي ظاهر ۽ باطن ۾ حق جي ڪري پنهنجو پاڻ کي نه ڏسي سگھي.حضرت ابوحفص نيشاپوري  رحه فرمائين ٿا ته تصوف سراسر ادب آهي.هروقت،هر حال ۽ درجي  لاء ادب ۽ حڪم مقرر ٿيل آهن.جنهن به انهن ادبن کي هر وقت ڌيان ۾ رکيو اهو مرادن خدا جي درجي ۾ شامل ٿي ويو پر جنهن انهن ادبن جو ڌيان نه رکيو اهو قرب حق ۽ قبول حق جي درجي کان ٿڙي تڙجي ويو.حضرت ابوالحسن رحه فرمائين ٿا ته تصوف ڪنهن علم يا رسم نه پر وصف ۽ اخلاق جو نالو آهي.مطلب ته تصوف جيڪر ڪنهن رسم جو نالو هجي ها ته مجاهدي ۽ رياضت سان حاصل ٿي وڃي ها،جيڪر اهو ڪنهن علم جو نالو هجي ها ته تعليم سان مڪمل ٿي وڃي ها پر تصوف ته سراسر اخلاق آهي ايستائين جو ان جا حڪم پنهنجي عملي زندگيء ۾نافذ نه ڪيا وڃن ۽ ان جي معاملن کي پنهنجي وجود مٿان قائم نه ڪيو وڃي ۽ ان جي عدل کي پنهنجي مٿان لاڳو نه ڪجي ته هرگز تصوف حاصل نه ٿيندو.جيئن حضرت مرتعش  رحه فرمائين ٿا ته تصوف نيڪ خصلتن جو نالو آهي جن جا ٽي قسم آهن.پهريون اهو ته حق تعاليٰ جي حڪمن کي بنان ڪنهن ريا ۽ ڏيکاء جي ادا ڪيو وڃي.ٻيو اهو ته وڏن جي عزت ۽ احترام،ننڍن تي شفقت ۽ مهرباني  ۽ هڪ جيڏن تي حق ۽ انصاف تي قائم رهندي ڪنهن عيوضي يا بدلي جي خواهش نه هجي.ٽيون اهو ته پنهنجي نفس ۽ شيطان جي پوئواري نه ڪري.پوء حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته جڏهن زماني جي دنيادار ماڻهن ڏٺو ته نقلي صوفي، نچندا، گانا ٻڌندا ۽ بادشاهن جي درٻارن ۾ وڃي مال متاع جي لالچ جو مظاهرو ڪن ٿا ته ماڻهو انهن کان نفرت ڪرڻ لڳن ٿا ۽ سمورن صوفين کي انهن جهڙو سمجھي انهن کي به گھٽ وڌ ڳالهائين ٿا ۽ چون ٿا ته ڏسو! صوفين جا پرڪار هي آهن ۽ انهن کان اڳ به جيڪي صوفي ٿي گذريا آهن (معاذالله) انهن جا به اهي ئي افعال هوندا.حالانڪه اهي صوفي اهڙين فضول ۽ غلط حرڪتن کان پاڪ هئا.پوء حضرت شيخ فرمائڻ لڳا ته بيشڪ جڏهن بادشاهن ۽ حڪمرانن تي حرص ۽ هوس جو غلبو ٿئي ٿو  ته اهو کين ظلم ۽ ستم ڪرڻ تي اتساهي ٿو ۽ زماني وارا طمع،لالچ،نافرمانين ۽ گناهن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.رياڪاري زاهدن کي به منافقت ڏانهن ڌڪي وڃي ٿي ۽ اها نفساني خواهش ئي آهي جيڪا نقلي صوفين کي نچائي،گانا ٻڌڻ تي اڀاري ٿي.پوء حضرت شيخ تنبيهه فرمائڻ لڳا ته خبردار! طريقت جا ڪوڙا دعويدار ئي برباد ٿين ٿا ۽ اصل طريقت سلامت رهي ٿي.ان ڪري ياد رکو ته جيڪر مسخرن جي ڪا جماعت پنهنجن مسخرين کي بزرگن جي رياضت ۽ مجاهدي جي ويس ۾ لڪائي ٿي ته اهڙين مسخرين سان انهن بزرگن جو ڪو تعلق نه آهي ۽ نه ئي انهن جي مسخرين جي ڪري انهن بزرگن جا مجاهدا ۽ رياضتون مسخري بڻجي سگھن ٿيون.پوء حضرت شيخ حضرت ابوالحسن نوري رحه جو اهو قول نقل ڪرڻ لڳا ته نفس،حرص ۽ هوس جي غلاميء کان آزادي حاصل ڪرڻ،ناحق جي مقابلي ۾ جرئت ۽ مردانگي ڏيکارڻ ،دنيائي تڪلفن کي ترڪ ڪرڻ،پنهنجو مال ٻين تي خرچ ڪرڻ ۽ دنيا جي شين کي ٻين لاء ڇڏي ڏيڻ جو نالو تصوف اهي.
(روزاني مهراڻ 3 ڊسمبر 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو