Friday, December 7, 2018

زوال طرف وڌندڙ آمريڪي هڪ هٽي!



شفيق الرحمان شاڪر
هن وقت آمريڪا اهو ڪجهه ڪري رهيو آهي جيڪو چين چاهي ٿو يعني چين جي خواهش مطابق هڪ اهڙي دنيا جو قيام جنهن ۾ سڀ ڪجهه ڪنهن هڪڙي ملڪ جي هٿ ۾ نه هجي.هن وقت عالمي سياست توڙي معيشت تي آمريڪا هڪ يوني پولر طاقت جي طور تي ڇانيل آهي جڏهن ته چين دنيا جي ڪجهه اهم ملڪن سان گڏجي ملٽي پولر سسٽم قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.آمريڪا چند سال دوران جيڪو طرز عمل اختيار ڪيو آهي اهو نهايت ئي خطرناڪ ثابت ٿيو آهي.رڳو ڪجهه ملڪ نه پر پورا خطا تباهيء جو شڪار ٿيا آهن.آمريڪا کي هاڻي اهو احساس ستائڻ لڳو آهي ته دنيا تان سندس طاقت جي گرفت ڪمزور ٿي رهي آهي انهيء ڪري اهو انهيء خوف وچان دنيا جي مختلف ملڪن تي طاقت جو بي پناهه استعمال ڪرڻ گھري ٿو.ايران جو معاملو به ڪجهه ان طرح جو ئي آهي.آمريڪي پاليساز ايران کي دنيا جي لاء هڪ عبرتناڪ مثال بنائڻ گھرن ٿا ته جيئن دنيا جون ٻيون قومون آمريڪا سان اکيون اکين ۾ وجھي ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪري سگھن.2015ع جي ايٽمي معاهدي کان نڪرڻ بعد ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي معاشي پابنديون عائد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.آمريڪا جو ايران سان طيء پاتل ٺاهه کان الڳ ٿيڻ ڪا اهڙي ڳالهه ناهي جنهن کي ڪو اوچتو جذباتي وهڪرو سمجھي نظرانداز ڪري ڇڏجي.چين بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو شروع ڪيو آهي جنهنجو هڪ اهم حصو سيپيڪ به آهي.آمريڪا ايران جي خلاف تيل جي عالمي مارڪيٽ کي سخت بحران جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.ڪچي تيل جي قيمت وڌي رهي آهي جنهنجي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي معيشت ڊانوان ڊول ٿي رهي آهي.آمريڪا مختلف طريقن سان چين جي رستي ۾ ديوارون اڀيون ڪري رهيو آهي ته جيئن اهو ڪا اهڙي وڏي طاقت نه بڻجي سگھي جو جنهنجي هٿ ۾ پوري دنيا جونظام اچي وڃي.
آمريڪا جي ايران متعلق پاليسين جي باري ۾ تجزيا ڪارن جو خيال آهي ته ايران ۾ فرقا پرستيء جي باهه ڀڙڪائڻ جون تياريون ڪيون پييون وڃن جنهنجي نتيجي ۾ ان جا شعلا پوري خطي جي ٻين ملڪن تائين به پهچي وڃن ته جيئن انهن ملڪن جا سمورا وسيلا عوامي ترقي ۽ پنهنجي ٻاهرين سلامتيء تي لڳڻ بدران انهن گھرو جنگين ۾ لڳي وڃن ۽ امن امن بدران انارڪي پکڙجي وڃي.جنهنجي آڙ ۾ آمريڪا جي سرپرستيء ۾ اسرائيل ۽ هندستان پوري خطي جا چوڌري بڻجي وڃن.
گذريل ڪيتري عرصي کان چين جي ڪوشش آهي ته دنيا کي ڪنهن هڪڙي طاقت جي حوالي ڪرڻ بدران اهڙو بلاڪ جوڙيو وڃي  جنهن ۾ مختلف ملڪ گڏجي دنيا جو ڪاروهنوار هلائين.هڪ طرف چيني قيادت پنهنجي تهذيبي ورثي جي بنياد تي عالمي سياست ۽ معيشت ۾ پنهنجو نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گھري ٿي ته ٻئي طرف کيس اندازو آهي ته اهو ڪم چين اڪيلي طور تي ڪري نٿو سگھي جنهن ڪري پاڪستان،روس،ايران.هندستان،جاپان ۽ ٻين اهم قوتن کي هڪ هنڌ ڪٺو ڪرڻ جون ڪوششون تيز ٿي رهيون آهن.آمريڪي پاليسي ساز عالمي سياست ۽ معيشت ۾ چين کي سندس جائز مقام ڏيڻ لاء هرگز تيار ناهن.هوڏانهن چيني پاليسي سازن ٽيهن سالن کان اهو تجربو سکيو آهي ته ڪنهن به ٻئي ملڪ تي فوجون وٺي چڙهڻ رڳو برباديء جو رستو آهي ان ڪري بهتر اهو آهي ته معاشي قوت ذريعي ماڻهن جي دلين تائن رستو جوڙيو وڃي.معاشي ميدان ۾ چين ڪيترن ئي اهم ملڪن کي پنهنجو ساٿي بنايو آهي.آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ چين غيرمعمولي سيڙپ ڪاري ڪئي آهي جنهنجي نتيجي ۾ اتي ترقي به ٿي آهي.چين چاهي ٿو ته آمريڪا پنهنجي پاليسين ۾ اهڙيون تبديليون آڻي جنهن سان چين ۽ ٻين اڀرندڙ قوتن کي  نمايان بنجڻ ۽ دنيا جي سياست ۽ معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي.چين جي اها به خواهش آهي ته ايشيا ۾ آمريڪا جو موثر عمل دخل نه هجي.انهيء سان گڏوگڏ چين آمريڪي بالادستيء جي ڀيٽ ۾ يورپي يونين کي هڪ متبادل طور اڀرڻ جي حق ۾ نظر اچي ٿو.چين کي يقين آهي ته جيڪر يورپي يونين پنهنجن پاليسين کي آمريڪي گرفت کان آزاد ڪرائي ورتو ته عالمي سياست ۽ معيشت جي ميدان ۾ چين جي پيش رفت جا موقعا وڌي ويندا.
آمريڪا پوري دنيا ۾ پنهنجي پير ڊگھيري رکيا آهن.ڪيترن ئي خطن ۾ هن جي ڀائيواري موجود آهي ۽ ڪيترن ئي اتحادن جو هو مرڪزي ڪردار آهي.پر هاڻي آمريڪي پاليسي سازن کي پهريون دفعو اهو احساس ٿي رهيو آهي ته آمريڪا دنيا ۾ پنهنجي هر مرضي ايتري آسانيء سان هلائي نٿو سگھي.يورپ کي پڻ ان ڳالهه جو احساس ٿي چڪو آهي ته پنهنجي سپر پاور هئڻ جي سمورين دعوائن باوجود آمريڪي اختيارن جون حدون سوڙهيون ٿيڻ شروع ٿي وييون آهن.ان ۾ شڪ ڪونهي ته عالمي مالياتي ادارن ۽ اقوام متحده جهڙن ادارن تي اڃا به آمريڪي گرفت گھڻي مضبوط آهي پر يورپ جا مدبر به ان ڳالهه تي حيران آهن ته پوري دنيا ۾ ڀرپور طور تي قبول ڪيو ويندڙ آمريڪي گورننگ مڪينزم تيزيء سان ڪمزور ٿي رهيو آهي.عالمي ادارن جي دنيا جي سمورن معاملن تي جيڪا گرفت ڪجهه ڏهاڪا اڳ هئي هاڻي اها نه رهي آهي.آمريڪا ۽ يورپ هاڻي الڳ الڳ رستن تي هلندي نظر اچن ٿا.پوري دنيا ۾ آزاداڻي بين الاقوامي واپار وارو نظام اڀري رهيو آهي.گھڻا معاملا علاقائي سطح تي ئي طيء ٿي رهيا آهن. آمريڪا عالمي تجارتي تنظيم جي طيء ڪيل اصولن ۽ ڍانچي کي هڪ طرف هٽائي اڪيلو وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي.چين سان سندس واپاري جنگ انهيء معاملي جو ئي مظهر آهي.ٽرمپ چين جي سٺ ارب جي مصنوعات تي امپورٽ ڊيوٽي عائد ڪئي ته جواب ۾ چين به ايئن ڪيو.
وقت گذرڻ سان گڏ امريڪا ۽ يورپ جا اختلاف به اڀري سامهون اچي رهيا آهن.آمريڪا گھري ٿو ته يورپ هر معاملي تي هن جو ساٿ ڏئي پر يورپي يونين پنهنجون ڪيتريون ئي پاليسيون آمريڪي خواهشن کان هٽي ڪري جوڙيندي نظر اچي ٿي.آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن جير حوالي سان يورپ ڪيترن ئي معاملن ۾ آزاد پاليسي اختيار ڪري چڪو آهي.يورپي پاليسي ساز سمجھن ٿا ته اڳتي اکيون پوري آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ يورپ لاء گھڻيون ڏکيائيون پيدا ڪري سگھي ٿو.يورپ خطي جي ٻين ملڪن سان بهتر سياسي،ثقافتي ۽ تجارتي لاڳاپا چاهي ٿو.ايران جي خلاف وڃڻ واري معاملي ۾ به يورپ آمريڪا جو کلي ڪري ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.جنرل اسيمبليء جي هاڻوڪي اجلاس ۾ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪران به آمريڪا جي شديد مذمت ڪئي آهي.هن جو چوڻ هو ته ايٽمي معاهدي جي حوالي سان ايران جيڪي ڪجهه طيء ڪيو هو انهيء تي هو اڃا تائين عمل ڪري رهيو آهي.انهن حاسلتن ۾ آمريڪا جو ايران تي پابندين وارو اعلان غيرضروري آهي.ايران سان جوهري ٺاهه تي صحيحون ڪندڙ چين،روس،جرمني ۽ فرانس ادائگين جو هڪ متبادل نظام اختيار ڪيو آهي.انهيء نظام جو مقصد آمريڪا پاران عائد ڪيل پابندين جي نتيجي ۾ عالمي سطح تي مالياتي نظام کي مشڪلات کان بچائڻ آهي.آمريڪا ايران سان ڏيتي ليتي ڪندڙ ملڪن خلاف پابندين جو اعلان ڪيو آهي جنهن سان پوري دنيا جي معيشت برباد ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.آمريڪا جا ڪيترائي اتحادي ايران خلاف معاشي پابندين جي حق ۾ ناهن ايستائين جو ڀارت پڻ. ان ڪري جو ڀارت ايران کان سستو تيل خريد ڪري ٿو.ڀارت پاران آمريڪا تي وڌل دٻاء جي نتيجي ۾ آمرڪا نيٺ ڀارت کي ايران کان تيل خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي.يورپ آمريڪا کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ته هو جيڪي ڪجهه ايران جي باري ۾ ڪري رهيو آهي اهو نهايت ئي جذباتيت سان ڀريل غير معقول فيصلو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ تي اکيون بند ڪري پابنديون لڳائڻ آمريڪا ۽ يورپ ٻنهي جي پنهنجي معيشت کي به ڪاپاري ڌڪ رسائي سگهي ٿو.پانديء هيٺ آيل ملڪن جي عوام ۾ جيڪر آمريڪا جي خلاف نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو ته اهي ملڪ چين ۽ روس جي طرف وڌڻ شروع ٿيندا جنهن سان ڪمزور ٿيندڙ سپر پاور آمريڪا جي هڪ هٽي ويتر زوال جو شڪار ٿيندي.
(روزاني هلال پاڪستان 5 ڊسمبر 2018ع)








No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو