Sunday, March 3, 2019

جنگيون رڳو تباهي ۽ بربادي آڻين ٿيون!



شفيق الرحمان شاڪر
ٻي جنگ عظيم ۾ پنجن کان ست ڪروڙ ماڻهو مئا هئا،ان وقت دنيا جي ڪل آبادي ٻه ارب ٽيهه ڪروڙ هئي ان آباديء مان اٽڪل هر ٽيٽيهه ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو پنهنجي جان وڃائي ويٺو.مرڻ وارن ۾ هڪ محتاط اندازي مطابق اسي سيڪڙو انگ مردن جو هو.مرڻ وارن انهن ست ڪروڙ  ماڻهن ۾ٻه ڪروڙ روسين،هڪ ڪروڙ چينين سواء اٺٽيهه لک هندستاني هئا.جڏهن ته اڳوڻي سوويت يونين مان ٻه ڪروڙ ماڻهو مئا هئا جن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته انهن مان ٽيهه سيڪڙو ماڻهن جو تعلق وچ ايشيا سان هو.جرمنيء جي مرندڙ فوجين ۽ شهرين جو گڏيل انگ ٻائيتاليهه لک ۽ مرندڙ جاپانين جو انگ ٽيويهه لک هو.اهڙيء طرح مرندڙ برطانوين ۽ فرانسين جو انگ جرمنن ۽ جاپانين کان گھڻو گھٽ هو. يورپ ۾ مرندڙن ۾ ڪنهن قوم يا نسل سان تعلق رکندڙن ۾ سڀ کان وڏو تعداد يهودين جو هو جن جو انگ سٺ لک ٻڌايو وڃي ٿو.هتي اها ڳالهه ڌيان جي لائق آهي ته ٻي جنگ عظيم جي اوڻيهن سالن بعد 2004ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليء کي اهو خيال ڪيئن آيو ته ٻي جنگ عظيم ۾ مرندڙن کي ياد رکيو وڃي ۽ جنگ کان پوء اولهه يورپ جي قربانين کي تسليم ڪيو وڃي.ان جو هڪ سبب ته اهو جوجرمني،فرانس،برطانيا ۽ ٻين ملڪن سواء آمريڪا،ڪينيڊا، آسٽريليا ۽ جاپان ان جنگ جي دشمنين کي دوستين ۾ تبديل ڪري چڪا هئا بلڪه سرد جنگ ۾ اهي سڀ ئي اڳوڻي سوويت يونين جي خلاف متحد هئا پوء نائين اليون جي ٽن سالن بعد ئي دنيا هڪ ٻي تباهه ڪندڙ جنگ جي انديشن ۾ مبتلا ٿي ويئي ۽ 2004ع کان اڄ پندرهن سال پوء اهو چڱيء طرح واضح ٿي ويوآهي ته پهرين ۽ ٻي جنگ عظيم جنگ جيان آئنده جي ڪا وڏي جنگ يورپ خاص طور تي اولهه يورپ جي بدران ايشيا ۾ ٿيندي ۽ بدقسمتي اها آهي جو اڄ دنيا جا سڀ کان وڌيڪ غير ايٽمي هٿيار اسان جي علائقي۾ استعمال ٿي رهيا آهن.گذريل سال افغانستان ۾ مڌر آف آل بمبز جي استعمال تي پوپ فارنسس ان جي مذمت ڪندي صحيح چيو هو ته ماء محبت ۽ امن جي نشاني آهي،اهڙي مقدس لفظ کي اهڙي ڀيانڪ هٿيار جي لاء استعمال ڪرڻ درست ناهي.هڪ طرف صورتحال اها آهي ته ٻئي طرف اسان جي علائقي ۾ امن جي فضا تيزيء سان جنگ جي ڪڪرن ۾ وڪوڙبي ٿي وڃي ۽ پاڪستان،ايران،افغانستان،ڀارت جهڙا هڪٻئي جا پاڙيسري ملڪ جيڪي سارڪ،ايڪو کان سواء شنگھائي ۽ بريڪس جهڙين علاقائي تنظيمن جا رڪن به آهن انهن جا لاڳاپا تڪرارن جي گرميء سبب ان نڪتي تي پهچي چڪا آهن جتي چڻنگون شعلن ۾ بدلجي سگھن ٿيون ۽ اها صورتحال ان وقت جنم وٺي رهي آهي جيئن ڪنهن بهتر زرعي فصل کي پچڻ بعد ڪجهه ڏينهن لاء اس ۾ رکيو وڃي ۽ ان جي ويجھو چڻنگون اٿڻ لڳن. توڙي جو اڃا اها ماحول جي بهتري آهي جو هوا ايتري تيز ناهي پر اها مهلت آهي،چڱو آهي جو پهريائين انهن ويجھو اٿندڙ چڻنگن کي وسايووڃي ته پوء هوا ڪجهه به بگاڙي نه سگھندي.اسان کي اهو ضرور ياد رکڻ گھرجي ته ٻي جنگ عظيم دوران اڻ ورهايل هندستان جا اٺٽيهه لک ماڻهو ان جنگ جو نشانو بڻجندي پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا هئا.انهيء جنگ مان اولهه يورپ،آمريڪا،ڪينيڊا،آسٽريليا،جرمني ۽ جاپان وغيره ته سبق سکيو پر اسان جيڪي ماضيء جي ڀيٽ ۾ گھڻي ترقي به ڪري چڪا آهيون اهي جنگ جي باري ۾ غفلت جو شڪار آهيون.چين،روس،ڀارت ۽ پاڪستان جيڪي نه رڳو ايٽمي قوتون آهن پر معاشي لحاظ کان به ايران،افغانستان،وچ ايشيا سميت دنيا جي اڌ آبادي ۽ ايراضيء جي لحاظ کان دنيا جي اڌ کان وڌيڪ وسيلن جا مالڪ به آهن.اهي ئي ملڪ ۽ سندن عوام هاڻي دنيا جي تقدير بنجڻ وارا آهن پر جيڪر اسان پنهنجن غلطين جو ارتڪاب جاري رکيو ته جنگ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصان اسان جي اندازن کان ٻاهر هوندا.ان ڪري اسان کي ست سمنڊ پار جي ثالثن بدران پاڻ ۾ ئي پنهن جا معاملا طيء ڪرڻا آهن.اها هڪ سخت سچائي آهي ته هن علائقي ۾ مختلف ملڪن ۾ پراڪسي لڙائيون هلنديون ٿيون اچن.الزام ۽ پروپيگنڊا ان قسم جي جنگين جا اهي هٿيار آهن جن کي روڪڻ لاء نهايت ئي سچائي ۽ امن جي جذبي سان هڪ ٻئي جو اعتماد بحال ڪندي قابل ڊپلوميسي جي ضرورت هوندي آهي. ان ڪري سڀ کان اڳ انهن ملڪن کي پاڻ ۾ ڌونس ۽ ڌمڪين کان پرهيز ڪرڻي پوندي.هتي هنن ملڪن جي قيادت کي اها ڳالهه ذهن ۾ويهارڻي پوندي ته اهو صحيح آهي ته جنگ ڪو هڪڙو ملڪ يا هڪ ڌر شروع ڪري ٿي پر بعد ۾ جنگ کي روڪڻ يا ختم ڪرڻ ڪنهن جي به اختيار ۾ نٿو رهي ۽ اها ڳالهه به ياد رکڻ گھرجي ته ٻي جنگ عظيم توڙي جو اسان جي جنگ نه هئي پر مرندڙن ۾ اڪثريت اسان جي هئي ۽ هاڻي خدا نه ڪري جيڪر اسان پاڻ جنگ ڇيڙيون ٿا ته ان کان اڳتي ايندڙ سوال انهن ملڪن جي اڳواڻن کي سوچڻا آهن.ٻي جنگ عظيم بعد شروع ٿيندڙ سرد جنگ به 1990ع ۾ ختم ڪئي ويئي پر جيڪر ان خاتمي کي اسان نه به مڃون ته به اهو ته مڃينداسين ته هاڻي ديوار برلن نه رهي آهي ۽ اولهه ۽ اوڀر جرمني ٻيهر هڪ ملڪ بڻجي ويا آهن.هاڻي اڳوڻي سوويت يونين بدران روس ۽ روس جون ڪيتريون ئي رياستون هاڻي آزاد ملڪ بڻجي چڪا آهن.ڪيترائي ملڪ يورپي يونين جو حصو بڻجي چڪا آهن جن جي ساڳي ڪرنسي آهي ۽ انهن کي ڪنهن الڳ ويزا يا پاسپورٽ جي گھرج نه رهي آهي.جڏهن ته اسان ٽن جنگين سان گڏ ايڪهتر سال گذرڻ باوجود اڃا به ٻه پاڙيسري ايٽمي طاقتون بڻجڻ باوجود هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺل نظر اچن ٿا ۽ انهن ايڪهتر سالن ۾ پنهنجي دفاعي بجيٽ ۾ اضافو ڪندا وڃون ٿا.توڙي جو جڏهن ڪشمير تي پهرين جنگ ٿي هئي ته ڀارت جو ان وقت جو وزير اعظم جواهر لال نهرو پاڻ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ کڻي ويو هو ۽ پاڪستان سان ان ڳالهه تي سهمت ٿيو هو ته ڪشمير جو مسئلو ڪشميرين جي مرضيء سان استصواب راء ذريعي حل ڪيو ويندو.ڀارٿي وزير اعظم اڄ تائين ان حقيقت جو ادراڪ ناهن ڪري سگھيا ته اسان ڀارت ۽ پاڪستان جي صورت ۾ سياسي آزادي حاصل ڪئي پر جنگين ۽ هٿيارن جي خريداري ۽ علاقائي تڪرارن سبب اسان اقتصادي نو آبادياتي وڪڙ ۾ دٻبا ٿا وڃون.افسوس جو اسان ڪڏهن به ٿڌي دماغ سان اهو سوچڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته ماضيء ۾ جنگين دنيا کي ۽ خود اسان کي ڇا ڏنو ۽ آئنده به جيڪر ڪا جنگ ٿئي ٿي ته ان جا نتيجا انسانيت لاء ڪيترا نه تباهه ڪندڙ ۽ خطرناڪ هوندا. ياد رکڻ گھرجي ته جنگين  مان سواء تباهيء ۽ برباديء جي ٻيو ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي!

(روزاني عوامي آواز 1 مارچ 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو