Tuesday, March 5, 2019

مودي ؛ دنيا جو هڪ زهريلو شخص!


شفيق الرحمان شاڪر
چونڊن جي ميدان ۾ هن زهريلي شخص ظاهر ۾ ”ترقي سڀني لاء“ جو نعرو لڳايو پر گڏوگڏ سندس چنڊ مهم دوران ڪيل تقريرن ۾ پاڪستان خلاف زهر شامل رهيو.ماڻهن جي جذبن کي مذهبي تعصب جي باهه سان ڀڙڪائيندو ويو.ساڄي ڌر جي شدت پسند قوتن شيو سينا،بجرنگ دل،ويشوا هندو پريشد ۽ ٻين کي بي جي پيء جي جھنڊي هيٺ گڏ ڪري وڏي چالاڪيء سان چونڊن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪري ورتائين.چونڊن ۾ ڪاميابيء بعد ڀارتي عوام کي اميد هئي ته مودي حڪومت هڪ عام ماڻهوء جي مشڪلن کي ختم ڪندي،غربت ۽ بي روزگاريء تي قابو پائيندي پر اها آبادي جنهنجو ستر سيڪڙو حصو غربت جي ليڪ کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيو آهي ترت ئي انهن جون سڀ اميدون مٽيء ۾ ملي وييون.ان جي ابتڙ معاشي ۽ سياسي منظر تي وڏن وڏن سرمائيدارن ۽ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهن جو قبضو وڌيڪ مضبوط ٿي ويو ۽ امير ۽ غريب وچ ۾ تفاوت ويتر وڌي ويو.انتظامي معاملن ۾ سنجيدگيء جو اندازو ان مان لڳايو جو سڀني کان وڏي رياست اتر پرديش جو وڏو وزير ان کي لڳايو ويو جيڪو رڳو انتها پسنديء کي پکيڙڻ جو ماهر هو.دفاعي ۽ خارجي محاذ تي موديء ننهن چوٽيء جو زور رڳو پاڪستان کي بدنام ۽ اڪيلو ڪرڻ ۾ خرچ ڪيو.ڀارت جي قومي سلامتيء جي مشير اجيت ڊول وڏي واڪي اهو اعلان ڪيو ته هو هر طرح سان پاڪستان کي زخم رسائيندو.انهي ناپاڪ مقصد لاء هن ڪجهه عالمي قوتن سان به ڳٺ جوڙ ڪري لاڳيتو پاڪستان خلاف سازشن جا ڄار اڻندو رهيو.نه رڳو اهو پر پنهنجي رياستي توڙي غير رياستي ايجنٽن ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاروائين ۾ ملوث رهيو. پاڪستان جي بار بار جي ڪوششن باوجود مودي سرڪار ڪشمير مسئلي تي ڳالهين لاء ڪابه سنجيدگي نه ڏيکاري ان جي ابتڙ هن والاريل ڪشمير ۾ آزادي لاء وڙهندڙ ڪشميرين تي ظلم ۽ ستم جا نوان داستان لکي ڇڏيا. ان زهريلي شخص جي درندگي ۽ حيوانيت جي ڪهاڻي ڪا نئين ناهي بلڪه اچو ته سندس ماضيء جي ڪارن ڪرتوتن تي به هڪ نظر ڊوڙايون.
27 فيبروري 2002ع تي گوڌرا ۾ سابرمتي ايڪسپريس جي بوگيء ۾ ٿيل سانحي بعد گجرات ۾ ٿيل مسلم ڪش وڳوڙن جي ور چڙهيلن ۾ ويهن سالن جي ڪوثر به هئي جيڪا نون مهينن جي حمل سان هئي.جڏهن موديء جا پاليل وڳوڙي سندس طرف وڌيا هئا ته هوء پنهنجو پاڻ کي سنڀالي ڊوڙي نه سگھي هئي،سندس مڙس کيس ڪڇ ۾ کڻي ورتو هو ۽ بيوسيء وچان هڪ طرف ڊوڙڻ لڳو پر جنوني فسادين هن کي وڃي پڪڙيو.هڪڙي تلوار سان ڪوثر جو ٻاهر نڪتل پيٽ چيري ڇڏيو ۽  ان معصوم جان کي جنهن کي پنهنجي گناهه جي به خبر نه هئي تنهن کي تلوار جي نوڪ تي رکي باهه جي آڙاهه ۾ اڇليو ۽ جنهن بعد سندس ماء توڙي پيء ٻنهي کي به باهه ۾ ڌڪو ڏيئي ڇڏيو هو.ان زهريلي شخص موديء جون زهريليون تقريرون ۽ زهريلا بيان ئي هئا جن 28 فيبروري ۽ ان بعد ايندڙ مارچ تائين سڄي گجرات کي مسلمانن لاء جهنم بنائي رکي ڇڏيو هو.هڪ ٻي بي گناهه عورت جو نالو صالحا بين آهي جيڪا به ڪوثر جيان پيٽ سان هئي.ان سان گڏ سندس ٽي سالا نياڻي مسڪان ۽ ڇهه سالا پٽ سبحان به هو.صالحا جو پيٽ به ڦاڙيو ويو ۽ کيس پٽ ۽ ڌيء سميت ٻرندڙ باهه ۾ اڇليو ويو هو.احمد آباد جي هڪ اين جي او ”سهر ورو “ انهن وڳوڙن جي باري ۾ جيڪا رپورٽ شايع ڪئي هئي اها ڏاڍي المناڪ آهي.تنظيم جي عهديدار صحبا جارج عورتن کي زوريء بي عزت ڪرڻ جا گھٽ ۾ گھٽ سٺ واقعا بيان ڪيا آهن.هڪ ننڍڙي ٻار سندس گواهيء ۾ چيو ته سندس ڀيڻ جي بي حرمتي سندس سامهون ڪئي ويئي پوء کيس قتل ڪيو ويو.بلقيس بانو،بيسٽ فيڪٽري،گلبرگ سوسائٽي،نروڊا ڳوٺ ۽ ٻين پري پري وارن علائقن ۾ 2001ع ۾خبر ناهي ڪيترا ڪيس ٿيا جو اڄ تائين انسانيت جو سر شرم وچان جھڪيل آهي پر انهن سمورن انسان سوز ڪرتوتن جي اصل ڏوهي زهريلي موديء جي منهن تي بي شرمي ۽ ڍٽائي ڇانيل آهي.ان زهريلي شخص جو گجرات جي فسادن ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو آهي ان تي گھڻو ڪجهه لکيو ۽ چيو ويو آهي. 27  فيبروري جي اعليٰ سرڪاري ۽ پوليس عملدارن سان گڏجاڻي ۽ 28 فيبروريء تي پنهنجي اخباري بيان سان موديء جو انهن خونريز فسادن ۾ ڪردار واضح ٿي دنيا جي سامهون اچي چڪو آهي.نريندر موديء وڳوڙن دوران انهن رليف ڪيمپن ۾ جتي مسلمانن پناهه ورتي هئي انهن کي نشانو بنايو هو ۽ چيو هو”اسان ڇا ڪريون،رليف ڪيمپ هلايون؟ ڇا اسان ٻار پيدا ڪرڻ لاء مرڪز کولڻ گھرون ٿا؟اسان کي انهن ماڻهن(مسلمانن) کي سخت سبق سيکارڻو پوندوجيڪي آباديء ۾ خطرناڪ اضافو ڪري رهيا آهن.“ بوسنيا جي ميلو سووچ جيان موديء کي به دنيا هڪ قاتل جي طور تي ئي سڃاڻي ٿي.موديء سان گڏ گجرات جي مسلمانن جي قاتلن جي فهرست ۾ وي ايڇ پي ڪي پروين توگڙيا،گجرات جا وزير گورڌن جھڙپيا،اشوڪ بٽ،نارائڻ لالو پٽيل ۽ نتن پٽيل جا نالا به شامل آهن.
بي جي پي جي سڄو حڪومتي دور مسلمانن خاص طور تي ڪشميري آزادي پسندن جي رت سان رڱيل رهيو آهي.ڪشمير جي وادي اڄ به رت سان لال آهي،شايد ئي ڪو گھر بچيو هجي جتان نوجوان لاش نه کنيو ويو هجي.مودي حڪومت ظلم جا سمورا هٿڪنڍا آزمائي چڪي آهي،لاٺي چارج ۽ پيليٽ گن کان ڳالهه وڌي منع ٿيل بارودي هٿيارن تائين پهچي چڪي آهي.آزادي پسندن جو اڪيلو ڏوهه رڳو انصاف گھرڻ آهي.مئي 2019ع جون هندستاني چونڊون موديء لاء چيلينج بڻيل آهن جن کي کٽڻ لاء هن پوري هندستاني سماج کي هندو ڪٽرپڻي جي اوڙاهه ۾ ڌڪو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ هندستان جو سيڪيولررياست جو تصور ختم ٿي چڪو آهي جتي انساني جان بي وقعت جڏهن ته گائو رکشا لاء اربين روپيا مختص ڪيا پيا وڃن.عورتن،اقليتن،صحافين ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن سميت ڪو به محفوظ ناهي.بي روزگاري،مهنگائي ۽ عدم تحفظ ان حڪومت جي سڃاڻپ بنيل آهن،عوام موديء جي انهن زهريلين ناڪام پاليسين کان بيزار ٿي پيا آهن ۽ اهي هاڻي ڪنهن نئين متبادل قيادت جي ڳولا ۾ آهن جنهن جو واضح مثال هاڻوڪين رياستي چونڊن ۾ بي جي پي جي واضح شڪست آهي.ايندڙ چونڊن ۾ شڪست کان بچڻ لاء مودي حڪومت هندستان سان گڏوگڏ پوري خطي جي امن ۽ سلامتيء سان کيڏي رهي آهي.پلواما حملي کي به انهيء ئي پس منظر ۾ ڏٺو پيو وڃي.2014غ کان هن وقت تائين مودي سرڪار هزارين نوجوانن کي شهيد ۽ هزارن کي جيل موڪلي چڪي آهي.ڪشمير ۾ فدائي حملن جو نئون لاڙو موديء جي ان زهريلي سياست جو رد عمل آهي.پلواما حملي بعد مودي سرڪار بدلي جي باهه ۾ انڌي ٿي چڪي آهي ۽ڪريل حرڪتن تي لهي پيئي آهي.پوري دنيا اهو ڄاڻندي به ته هي زهريلو ۽ پاڳل شخص پوري دنيا جي امن لاء ڪيترو نه خطرناڪ آهي اڃا تائين کيس ڪوبه رسو وجھڻ لاء تيار ناهي!
(روزاني امڪان 4 مارچ 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو