Friday, March 1, 2019

مودي جي وائڙائپ ۽ اي ايس دلت جون ڳالهيون!



شفيق الرحمان شاڪر
ڀارت هڪ دفعو وري ڪنٽرول لائين تي سيز فائر معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي لائين آف ڪنٽرول تي بنان اشتعال فائرنگ ڪئي ۽ سول آباديء کي نشانو بنايو.فائرنگ کوئي رٽاجي سرحدي ڳوٺ جگالپال ۾ ڪئي ويئي ۽ شهري آباديء کي نشانو بنايو ويو.ميڊيا رپورٽن مطابق پاڪ فوج ڀارت جي جارحيت تي ڀرپور جوابي ڪاروائي ڪئي جنهن دشمنن جي گنن کي خاموش ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته ڀارت اڪثر پنهنجي روايتي هٺ ڌرميء جو مظاهرو ڪندي لائين آف ڪنٽرول تي شهري آباديء کي نشانو بنائيندو رهي ٿو.آزاد ڪشمير جي ادارن ڀارت جي ممڪنا جارحيت جي پيش نظر ايل او سي تي موجود علائقن ۾ هنگامي حالتون نافذ ڪري ڇڏيون آهن ۽ هنگامي الرٽ جاري ڪندي شهرين جي چر پر کي محدود ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته سول ڊفينس جو ادارو به هائي الرٽ ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته پلواما حملي تي ڀارت جي الزام تراشين تي وزير اعظم عمران خان ۽ پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو۽ واضح ڪيو ته جيڪر جنگ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته ڀارت کي سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا.ٻئي طرف ڀارتي خفيا ايجنسي را جي اڳوڻي سربراهه امر جيت سنگهه دلت ڀارتي حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جنگ ڪا راند ناهي ان ڪري پاڪستان خلاف جنگ جي آپشن بدران سفارتڪاريء جو رستو اختيار ڪيو وڃي.ڀارتي ميڊيا مطابق هڪ انٽرويو ۾ اي ايس دلت چيو ته حڪومت اعلان ڪيو آهي ته فوج کي پورو اختيار ڏنو ويو آهي پر ياد رکڻ گھرجي ته هن دور ۾ جنگ نهايت ئي خطرناڪ بڻجي چڪي آهي.مون کي يقين آهي ته جنگ کان سواء به بهترين آپشن موجود آهن.هن چيو ته ممبئي حملن بعد به جنگ جا ڪڪر ڇانئجي ويا هئا ۽ شايد صورتحال وڌيڪ سنگين هئي پر ان وقت جي وزير اعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه  جنگ جو رستو نه اختيار نه ڪيو.ان ڪري نريندر موديء کي به پنهنجن آپشنز تي سوچڻ ۽ اعليٰ حڪام کي جنگ جي نتيجن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ڇو ته جنگ ڪا وندر ناهي.هن چيو ته 1971ع بعد ڪا به حقيقي جنگ ناهي وڙهي ويئي ۽ ڪارگل هڪ محدود آپريشن هو جيڪو جابلو علائقن ۾ ٿيو ۽ خوش قسمتيء سان گھڻا شهري متاثر نه ٿيا پر جيڪر لاهور تي بم ڪيرايو ويو يا امرتسر تي بمباري ڪئي ويئي يا وري مظفر آباد تي حنلو ڪيو ويو ته ڇا اسان ان جا نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار آهيون؟ ڇو ته اڄ ڪلهه  هٿيار بدلجي چڪا آهن،اهي 1971ع وارا هٿيار ناهن.اسان جيڪڏهن ڪا اهڙي حرڪت ڪئي ته ڀارت کان سواء ڪوبه علائقو محفوظ نه رهندو.اي ايس دولت جيڪو اڳوڻي وزير اعظم واجپائيء جو مشير به رهي چڪو آهي  ان جو چوڻ آهي ته اڳوڻي وزير اعظم انهيء کان به وڌيڪ بري صورتحال جو مقابلو ڪيو هو جنهن ۾ ڪارگل آپريشن.پارليامينٽ تي حملو ۽ ڀارتي هوائي جهاز کي اغوا ڪري قنڌار وٺي وڃڻ شامل آهي پر هن سمورن معاملن کي تحمل سان سنڀاليو.را جي اڳوڻي سربراهه ڪانگريس جي رڪن اسيمبلي نوجوت سنڌو جي پاڪستاني آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڀاڪر پائي ملڻ تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سڌو جنرل باجوا سان اهڙيء طرح مليو جهڙيء طرح پنجابي هڪٻئي سان ملندا آهن ۽ هتي ته ٻئي رڳو پنجابي ئي نه پر اسان جي هڪ جٽ سک جي هڪ ٻئي ملڪ جي جٽ سان ملاقات هئي.اي ايس دولت چيو ته جڏهن اوهان ڳالهه ٻولهه جو رستو بند ڪري ڇڏيو ٿا ته مطلب ته اوهين پنهنجا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيو ٿا جنهن سبب اسان واپس تشدد طرف وڃي رهيا آهيون.دنيا ۾ مداخلت جو جو معاملو شايد ئي ڪڏهن طاقت ۽ هٿيارن جي استعمال سان حل ٿيو هجي.ٻئي طرف هڪ آمريڪي ماهر پاڪ ڀارت ممڪنا جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ صورتحال متعلق اهم اڳڪٿيون ڪيون آهن.ان باري ۾ هڪ ميڊيا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت ٻئي پاڙيسري ملڪ هئڻ سان گڏوگڏ ٻئي نيوڪليئر پاور به آهن.پر ٻنهي ملڪن جي پاڻ م ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن سبب اڪثر جنگ جون ڳالهيون ٻڌڻ لاء ملن ٿيون.امريڪي ماهر جو چوڻ آهي ته دنيا جون ٻه ننڍيون نيوڪليئر طاقتون جن وٽ هيروشيما تي تي ڪيرايل بم جي برابر ايٽمي هٿيار آهن پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ جي صورت ۾ ٻين ملڪن کي به ان جنگ جا غير ارادي نتيجا ڀوڳڻا پوندا.انهيء حوالي سان هڪ امريڪي ماهر خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪ ڀارت جنگ جي نتيجي ۾ ٻن هفتن ۾ جوهري ڪڪر ڇانئجي ويندا ۽ ٽيهن کان پنجاهه سيڪڙو ميلن جي بلنديء تائين فضا ۾ جوهري تابڪاري سان امريڪا ۾ بيٺل فصل سرديء سان تباهه ٿي ويندا.هڪ امريڪي ماهر چيو ته اندازي مطابق ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ جي صورت ۾ امريڪا ۾ ويٺل هاري ڪيترن ئي سالن تائين ڏهن کان چاليهه سيڪڙو ڪپهه،ڪڻڪ ۽ چانورن کان محروم ٿي ويندو.سڄي دنيا وٽ سٺ ڏينهن جي خوراڪ بچندي جڏهن ته ٻن ايٽمي قوتن وچ ۾ جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ نيوڪليئر ونٽر جي صورت ۾زمين تي فصل پيدا نه ٿي سگھندا ۽ نوي سيڪڙو آبادي ڏڪار سبب مري ويندي. ڀارت طرفان پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ واري ڌمڪيء تي ڊپٽي انڊس واٽر ڪمشنر شيراز ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪري نٿو سگھي.ڀارت وٽ اسان جي دريائن ۾ ايندڙ پاڻيء کي روڪڻ يا طرف موڙڻ جي صلاحيت ناهي.اهي رڳو گدڙ ڀڀڪيون آهن.هن چيو ته ڀارت ۾ سياسي ماڻهو سياسي ڳالهيون ڪن ٿا،عملي طور تي اهو ممڪن ئي ناهي.مودي وزير اعظم ٿيندي ئي ان حوالي سان بريفنگ ورتي هئي ۽ ڀارت کي خبر پئجي ويئي هئي ته اهو ممڪن ناهي جنهن کان پوء مودي وري اهڙو بيان ناهي ڏنو.


(روزاني هلال پاڪستان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو