Saturday, March 9, 2019

جنگي جنون وڌائڻ ۾ ڀارتي ميڊيا جو ڪردار.



شفيق الرحمان شاڪر

پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي حوالي سان عالمي ميڊيا ڀارتي ميڊيا کي جنگي جنون ۾ مبتلا قرار ڏنو آهي ۽ لکيو آهي ته ڀارتي ميڊيا من گھڙت خبرون هلائي ۽ خبرن کي غلط رنگ ڏيئي ڀارتي فوج کي جنگ تي اڀارڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.اڻ ڌرين ڀارتي صحافين انڪشاف ڪيو آهي ته حڪمران جماعت ڀارتيا جنتا پارٽيء ڪروڙن جا فنڊ ڏيئي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي خريد ڪيو آهي.اتر پرديش،راجهستان،مڌيا پرديش،گجرات ۽ ممبئيء ۾ مختلف اخبارن ۽ ميگزينز کي پاڪستان مخالف ۽ موديء کي هيرو بنائڻ واري مواد سان ڀري عوام ۾ مفت ورهايو پيو وڃي ته جيئن جنگي منظرنامي ۽ ديش سان محبت جي آڙ ۾ 2019ع جون عام چونڊن ۾ بي جي پي کي ڪاميابي ڏياري سگھجي.”اسان کي بدلو گھرجي،خون جو بدلو وٺڻو پوندو.پاڪستان کي تباهه ڪرڻو پوندو“ جهڙا اشتعال ڏياريندڙ نعرا لڳائيندڙ ارنب گوسوامي،شيکر گپتا،راج سر ڊيسائي،ونود دعا،نڪل واگھلي، ميتالي سرن،ڪرن ٿاپڙ،روهني سنگهه،سواتي چتر ويدي،اشوتوش مشرا،سڌارتا ڀاٽيا ۽ روپا سبرا مانيا نالي ڀارتي اينڪرز پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ ۾ هڪ ٻئي کي پوئتي ڇڏڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل آهن.عالمي جريدي ”فارين پاليسي“ جي هڪ مضمون ۾ ڀارتي تجزيي نگار چندرا شيکر تسليم ڪيو آهي ته ڀارتي هٿيار بند فوج ۽ حڪومت جنگ کان اکيون ڦيرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ڀارتي ميڊيا پنهن جن رپورٽن ۽ تجزين سميت لائيو ٽاڪ شوز جي مدد سان جنگي منظرنامو پيدا ڪري رهيا آهن جنهن سان ديش ۾ سياسي فضا سان گڏ مذهبي ايڪتا به بريء طرح متاثر ٿي رهي آهي پرميڊيا کي ان ڳالهه جو ڪوبه ادراڪ ناهي ته مودي حڪومت ڪهڙي چالاڪيء سان فوج جي ڪلهن تي ويهي چونڊ مهم هلائي رهي آهي.ڀارتي جريدي ”ڀاسڪر“ ٻڌايو آهي ته سرجيڪل اسٽرائيڪ جي خبرن بعد ئي وزير اعظم مودي پاڻ به ميراج 2000 جهازن سان گڏ پنهنجون تصويرون ڪڍايون ۽ انهن کي سماجي رابطن جي ويب سائيٽس، اخبارن ۽ اليڪٽرانڪ نيوز چينلز تي خاص طور تي شايع ۽ نشر ڪرايو جنهن جي ڪيپشن ” ديش محفوظ آهي اسان جي مضبوط هٿن ۾.“ هو.ڀارتي چينل اين ڊي ٽي وي جي ميزبان رويش ڪمار غير ملڪي نامه نگارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي موديء جي ميڊيا اسسٽنٽ کي نهايت ئي منفي قرار ڏنوپر هن انهيء کي ڪيترن ئي ميڊيا چينلن جي مجبوري به قرار ڏنو. ڊوئچي ويلي سان هڪ انٽرويو ۾ رويش ڪمار جو چوڻ هو ته  جنگي منظر نامو جوڙڻ جي معاملي تي ڀارت جي انتها پسند سياسي تنظيمن بي جي پي،آر ايس ايس ۽ وي ايڇ پي پنهن جا پنهنجا سوشل ميڊيا سيل قائم ڪري رکيا آهن ۽ جڏهن ڪنهن ٽي وي چينل جو ميزبان پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ ۽ اشتعال پيدا ڪندڙ ڳالهيون بند ڪري ٿو ته سندس خلاف سوشل ميڊيا تي ڪهرام برپا ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس ”پاڪستان جو ايجنٽ“ قرار ڏنو وڃي ٿو.ڀارتي تجزيي نگار شيکر ٻڌايو ته 14 فيبروريء تي جڏهن پلواما ۾ ڀارتي فوجي قافلي تي آپگھاتي حملو ٿيو ته  ڀارتي ميڊيا پنهنجي فوج ۽ حڪومت کان به وڌيڪ سرگرم ٿي ويئي.جرمن ريڊيو ”ڊوئچي ويلي“ جي نيوز پورٽل پڻ ڀارتي ميڊيا جي ٽپڻ ۽ ڊانس ڪرڻ کي اڻ وڻندڙ قرار ڏنو آهي ۽ هڪ تازي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته پلواما حملي بعد مبينا سرجيڪل اسٽرائيڪ ۽ ان بعد پاڪستان ڀارت جي لائين آف ڪنٽرول تي فضائي جهڙپ جي منظرنامي ۾ ايترو متحرڪ ته ڀارتي فوج ۽ فضائيه به نه ٿي هئي جيترو متحرڪ ڀارتي ميڊيا کي ڏٺو ويو ۽ ٻاويهن چينلن جا نيوز روم حقيقت ۾ ”گرافڪس  وار روم“ بنجي چڪا آهن جتي چويهه ڪلاڪ نت نوان جنگي ماهر پنهنجا قيمتي رايا پيش ڪري رهيا آهن.ڀارتي صحافي منوج ڀارتي هڪ تجزيي ۾ ٻڌايو آهي ته بالاڪوٽ تي ڀارتي جهازن جي حملي بعد ڀارتي ميڊيا اڏامندو ۽ ٽپندو آسمان تي پهچي ويو هو پر جڏهن سرجيڪل اسٽرائيڪ جي دز ويٺي ۽ 27 فيبروريء تي پاڪستاني فضائيا ۽ اسپيشل گروپ سرپرائيز پيش ڪيو ۽ ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي پاڪستان گرفتار ڪيو ته پوري ڀارتي ميڊيا کي نانگ سنگھي ويو.ڀارتي رسالي ”دي وائر“ هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ڀارتي ميڊيا پاران جنگي تصوير جوڙڻ  جون جيڪي شعوري ڪوششون ٿي رهيون آهن ان جي پويان مودي حڪومت،ڀارتيا جنتا پارٽي ۽ آر ايس ايس سميت ڀارتي انٽيلي جنس جو هٿ آهي.اهو ئي سبب آهي جو ڀارتي ميڊيا،انڊين ايئر فورس کان سوال نه ڪري رهي آهي ته بالاڪوٽ ۾ ٽي سو کان ڇهه سو هلاڪتون ٿيون يانه؟ بڊگام ۾ اڏامندڙ روسي ٺهيل هيلي ڪاپٽر ايم آئي 17 ڪنهن تباهه ڪيو؟ٻه عدد جديد اپ گريڊ ٿيل روسي جوڙ جا مگ 21 جهاز ڇو تباهه ٿيا؟ٽي پائيلٽ ڪيئن مئا؟ونگ ڪمانڊر اڀي نندن ڇو گرفتار ٿيو؟ انهن سمورن سوالن جا جواب گھرڻ بدران ڀارتي ميڊيا رڳو پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي. ڀارتي رسالي ” ڪوئنٽ“ پڻ هڪ تازي رپورٽ ۾ ڀارتي ميڊيا کي ننديو آهي ته جڏهن پاڪستان ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کي خير سگاليء جي جذبي هيٺ آزاد ڪيو ته ڀارتي  ميڊيا کي سندس خير مقدم ڪندي معاملن کي سڌارڻ لاء مثبت رپورٽنگ ڪرڻ گھربي هئي پر مجال آهي جو ڀارتي ميڊيا ڪنهن معقول ڳالهه کي سمجهي.انهيء ته پاڪستاني وزير اعظم عمران خان پاران چوويهن ڪلاڪن ۾ ڀارتي ونگ ڪمانڊر جي آزاديءلاء خيرسگاليء واري جذبي کي مودي حڪومت جو دٻاء ۽ ڪارنامو قرار ڏيئي ڇڏيو.ڀارتي ليکڪ گوري گريوال به هڪ تجزيي ۾ ڀارتي ميڊيا کي بي قابو قرار ڏنو ۽ لکيو آهي ته ميڊيا جي مالڪن ۽ حڪومتي عهديدارن انهن کي جنگي منظر نامو ڀڙڪائڻ جو ڪم ڏيئي ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڪو به صحافي يا اينڪر پرسن مودي سرڪار کان اهو سوال نه ڪري سگھي ته انهن پنهنجي دور اقتدار ۾ پنجن سالن ۾ جيڪا ڪجهه تباهي ڪئي آهي ان جو ذميدار ڪير آهي؟هاڻي ڏسو ته پاڪستان گرفتار ڀارتي پائلٽ کي کليل دل سان آزاد ڪيو آهي پر ڀارتي ميڊيا ان کي به سازشي ٿيوريء جي نظر سان ڏسي رهيو آهي ۽ گھڻن ماڻهن  ته ميڊيا تي اها به دعويٰ به ڪري ڇڏي ته اڀي نندن کي پاڪستاني انٽيليجنس ”ڊبل ايجنٽ“ بڻائي ڇڏيو آهي.ان ڪري ان کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي.واضح رهي ته جنگي منظر نامي ۾ ڀارتي عوام ۽ ميڊيا جو رد عمل ڏسندي ڀارتي فنڪار سونوسنگم به انهن کي بيوقوف قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته انڊين آرمي ڪجهه ڪيو اهي ته ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته اسان آپي مان ٻاهر نڪري وڃون.سونو سنگم جو چوڻ آهي ته جڏهن پاڪستاني آرميء ونگ ڪمانڊر اڀي نندن کان جڏهن سندس خاندان جي باري ۾ سوال ڪيو ته اڀي نندن انهيء سوال کي خوبصورتيء سان ٽاري ويو پر جاهل ڀارتي ميڊيا هڪ ٻئي تي بازي کڻڻ جي چڪر ۾ اڀي نندن جي چنائيء ۾ موجود گهر جو پتو ۽ خانداني پس منظر کي به پنهن جي ايندڙ نشريات ۾ ظاهر ڪري ڇڏيوجنهن سان مون کي يقين ٿي ويو آهي ته ڀارتي ميڊيا نهايت ئي بيوقوف آهي جو جيڪو ڪم پاڪستاني فوج نه ڪري سگھي اهو ڪم جاهل ڀارتي ميڊيا هڪ ڪلاڪ ۾ ڪري ڏيکاريو.ڀارتي جريدي ” جنتا ڪا رپورٽر“ سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڀارتي صنعتڪار آنند مهندر ۽ ٽينس اسٽار مهيش ڀوپاتي معروف اينڪر پرسن ارنب گوسواميء جي خوب خبر ورتي آهي ۽ چيو آهي ته هن جي طرفان صحافت نه پر ديش سان ظلم ڪيو پيو وڃي.صنعتڪار آنند مهندرا چيو ته ارنب گوسواميء جهڙن صحافين کي پاڪستاني سرحد تي موڪليو وڃي ته پوء کين خبر پوندي ته جنگ ڇا ٿيندي آهي.
واضح رهي ته پنهنجي ”ريپبلڪ“ ٽي وي تي زهر سان ڀريل زبان ڳالهائيندڙ ارنب گوسوامي ونگ ڪمانڊر اڀي نندن جي آزادي  کي موديء جو ڪارنامو قرار ڏنو آهي ۽ سندس دعويٰ آهي ته مودي ترت ڀارت کي ”مهان ديش“ ثابت ڪرڻ لاء پاڪستان تي سامونڊي ۽ هوائي حملا ڪندو.ڀارتي ٽينس اسٽار مهيش ڀوپاتي به ارنب گوسوامي پاران پائلٽ اڀي نندن جي آزاديء کي ”ٽائي ٽينڪ فتح“ قرار ڏيڻ تي حيرت جو اظهار ڪندي سوال ڪيو آهي ته جڏهن اها فتح ٽائي ٽينڪ هئي ته پوء پوري ملڪ ۾ اڀي نندن جي آزاديء لاء دعائون ڇو گھريون پئي وييون؟
(روزاني هلال پاڪستان 7 مارچ 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو