Friday, March 8, 2019

عالمي امن سان کيڏندڙ تنظيم ”ايلومينائي“.



شفيق الرحمان شاڪر
ويهين صديء جي جن اهم واقعن ۾ ملحد يهودي تنظيم ”ايلومينائي“ جي سازشن جو هٿ ڏسي سگھجي ٿو انهن ۾ پهرين جنگ عظيم،برطانوي بادشاهه ايڊورڊ کي آمريڪي طلاق يافتا مسز والس سمپسن سان شاديء ذريعي تخت تان هٽائڻ،ٻي جنگ عظيم،پرل هربر تي جاپاني حملو،اسرائيل جو قيام،امريڪي صدر ڪينيڊيء جو قتل،ايراني انقلاب ۽ ايران عراق جنگ،جنرل ضياءالحق جو قتل،نائين اليون،وچ اوڀر جون تازيون جنگيون ۽ مشهور قوال امجد صابريء جو قتل به شامل آهي.
28 جون 1914ع تي بوسنيا جي شهر سراجيوو ۾ گاوريلو پرنسپ آسٽرو هنگري سلطنت جي ولي عهد آرچ ڊيوڪ فرڊينڊ ۽ ان جي زال شهزادي صوفيا کي قتل ڪري ڇڏيو جنهنجي نتيجي ۾ پهرين عالمي جنگ ڇڙي ويئي.ظاهر ۾ گاوريلو جو مقصد اهو هو ته آسٽر هنگري سلطنت کان يوگوسلاويا کي آزادي ڏياري پر ملحد يهودي تنظيم ايلومينائي جي سازش ته ڪجهه ٻي هئي جنهن گاوريلو کي يوگوسلاويا جي آزاديء جي نالي تي استعمال ڪيو هو پر اصل مقصد اهو هو ته خلافت عثمانيه کي ٽڪرا ٽڪرا ڪجي.ايليومينائي نهايت ئي مڪار ۽ عيار تنظيم آهي جيڪا پنهنجي پويان ظاهر ۾ ڪو نشان نٿي ڇڏي پر دنيا جا ڪيترائي دانشمند ڪالم نويس انهيء جي سازشن تي ڀرپور نظر رکندا ٿا اچن.ان جنگ جي نتيجي ۾ ان يهودي تنظيم کي ٻه مقصد حاصل ٿيا.پهريون ته اسرائيلي رياست جو قيام هو ۽ ٻيو تيل تي قبضو ڪرڻ هو.ان زماني ۾ تيل جو استعمال ايڏي وڏي پيماني تي شروع نه ٿيو هوجيڪو اسان اڄ ڏسي رهيا آهيون.تيل جا ذخيرا امريڪا جي ڪجهه علائقن کان سواء وچ اوڀر جي عثماني صوبن ۾ ئي هئا جيڪي اڄ ڪلهه سعودي عرب،عراق،ڪويت،گڏيل عرب امارتن ۽ قطر وغيره جي نالن ڄاتا ويندا آهن.ايلومينائي دورانديشيء جو مظاهرو ڪندي عثماني سلطنت کي ٽڪرا  ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ انهن علائقن تي پنهنجي من پسند حڪمرانن کي ويهاري انهن علائقن جي تيل تي پاڻ قابض ٿي ويا.جيڪر سلطنت عثمانيه نه ٽٽي ها ته دنيا جو گھڻي ۾ گھڻو تيل  مسلمانن جي خليفي جي قبضي ۾ هجي ها ته اڄ امريڪا ، روس ۽ چين سان گڏ پوري دنيا مسلمانن جي محتاج هجي ها.
شهنشاه جارج پنجين جي وفات بعد چاليهه سالن جو ولي عهد پرنس آف ويلز ايڊورڊ البرٽ ڪرسچن جارج اينڊريو پيٽرڪ ڊيوڊ کي شاهي اختيار مليا. ان وقت برطانيا دنيا جو سپر پاور هو ۽ ان جي سلطنت تي سج نه لهندو هو.ايڊورڊ پهرين جنگ عظيم ۾ ٿيندڙ تباهي پنهنجن اکين سان ڏٺي هئي. انهيء دوران جديد ترين جنگي هٿيار ٽينڪ ۽ هوائي جهاز به يورپي فوجن جو حصو بڻجي چڪا هئا ۽ هڪ مدبر حڪمران جي طور تي ايڊورڊ ڪنهن ايندڙ ٻي عالمگير جنگ کان به ڊنل هو.وڌيڪ اهو ته هو هرگز ان حق ۾ نه هو ته وچ اوڀر ۾ يهودين جو الڳ ملڪ اسرائيل ٺاهيو وڃي.ملحد يهودي تنظيم ايلومينائي هٿيارن جي واپار سان ڏوڪڙ ڪمائڻ جي خواهشمند هئي ۽ هيستائين هوء ان صنعت تي تمام گھڻي سيڙپ ڪاري ڪري چڪي هئي جنهن کي اڄ ڪلهه مليٽري انڊسٽيريل ڪمپليڪس جي نالي سان آمريڪا جو مالڪ سمجھيو وڃي ٿو.ايلومينائي برطانيا کي هٽائي پنهنجي غلام ملڪ آمريڪا کي دنيا جي سڀ کان وڏي سپر پاور بنائڻ گھريو ٿي.ان مقصد لاء ايلومينائي امريڪا مان پنهنجي هڪ چاليهه سالا خوبصورت ۽ خطرناڪ ايجنٽ کي برطانيا موڪليو.مسز والس سمپسن پهرين پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي ايلومينائي جي هڪ ايجنٽ ارنسٽ سمپسن سان گڏ برطانيا آئي ۽ شهزادي ايڊورڊ کي پنهنجي ناز ۽ ادا سان گھائل ڪري ڇڏيو.جڏهن ايڊورڊ برطانيا جو شهنشاهه بڻيو ته مسز والس ارنسٽ کان طلاق وٺي ايڊورڊ سان شادي ڪري ورتي.برطانوي پارليامينت شرط لڳايو ته جيڪڏهن ايڊورڊ کي اها شادي ڪرڻي آهي ته کيس تخت ڇڏڻو پوندو.والس سمپسن جي دلفريب ادائن کان گھائل ٿي امن پسند ۽ دور انديش ايڊورڊ تخت ڇڏي ڏنو ۽ اهڙيء طرح سندس ڀاء جارج ڇهون شهنشاهه بنجي ويو جيڪو جنگجو مزاج رکندو هو.ايلومينائي انهيء کي نهايت آسانيء سان پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ورتو ۽ برطانيا کي ٻي جنگ عظيم ۾ ڌڪي ڇڏيو.
يهودي تنظيم ايلومينائي جي رستي ۾ برطانيا،جرمني ۽ جاپان جا طاقتور ملڪ وڏي رنڊڪ هئا.انهن کي تباهه ڪرڻ خاطر ايلومينائي ٻي جنگ عظيم جو منصوبو جوڙيو هو پنهنجن ايجنٽن ذريعي هٽلر کي قائل ڪيو ته هو پولينڊ تي حملو ڪري ڏئي.ايلومينائي جي چڪر ۾ ڦاسي پهرين سيپٽيمبر 1939ع تي جرمني پولينڊ تي حملو ڪري ڏنو.ايلومينائي هٽلر کي يقين ڏياريو هو ته اها ٻين يورپي ملڪن کي مداخلت نه ڪرڻ واري پاليسيء تي راضي ڪري وٺندي پر اهو رڳو دوکو هو ۽ برطانيا، فرانس  ۽ روس جنگ ۾ ٽپي پيا.
امريڪا ۾ قانون ساز اسيمبلي ڪانگريس جا اڪثر ميمبر ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ جا مخالف هئا ۽ انهن جي شديد مخالفت سبب امريڪي صدر جنگ ۾ نه گھڙي سگھيو.ياد رهي ته امريڪا ۾ جنگ ڇيڙڻ جو اصل اختيار ڪانگريس وٽ آهي ۽ اهو اختيار صدر کي حاصل ناهي.جنگ شروع ٿيندي ٻه سال گذري چڪا هئا پر امريڪا کي جنگ ۾ شامل ٿيڻ کان ڪانگريس روڪي رهي هئي جنهن ڪري مليٽري انڊسٽريل ڪامپليڪس جو اڻ ڳڻيو نفعو ڪمائڻ وارو خواب اڻ پورو رهيل هو.ڪانگريس کي قائل ڪرڻ خاطر ايلومينائي هڪ منصوبو جوڙيو ۽ آمريڪا ۾ آباد نهايت ئي غريب ۽ اڻ پڙهيل جاپاني رهاڪن کي امريڪي فوج ۾ ڀرتي ڪرائڻ جو دوکو ڏيئي بحر هند جي پري وارن ٻيٽن تي وٺي ويا.جتي انهن کي امريڪي فوج جي وردين جو ٻڌائي جاپاني فوجي ورديون پارايون وييون. بليڪ مارڪيٽ سان جپاني بمبار ۽ ويڙهاڪ جهاز خريد ڪيا ويا ۽ انهن پائلٽن ذريعي امريڪي اڏي پرل هاربر تي بمباري ڪرائي ويئي.اڻ پڙهيل جپاني پائلٽن کي اهو ٻڌايو ويو هو ته اهو ٻيٽ اصل ۾ جرمنيءجو ملڪ آهي جنهن تي اهي امريڪا طرفان حملو ڪري رهيا آهن.انهن ڀل ۾ امريڪا جي بحر الڪاهل جو بحري ٻيڙو پوريء طرح تباهه ڪري وڌو.جيڪي حملوڪندڙ ويڙهاڪ جهاز امريڪا ڪيرايا هئا انهن جي ملبي تي لڳل نشانن ۽ انهن ۾ مرندڙ پائيلٽن جون شڪليون ڏيکاري ايلومينائي سندس دجالي ميڊيا ذريعي مشهور ڪيو ته حملو جاپان ڪيو آهي.ايلومينائي جي هٿ هيٺ ميڊيا ايترو ته شور مچايو جو امريڪي ڪانگريس کي جنگ جو اعلان ڪرڻو پئجي ويو.اهڙيء طرح 1939ع ۾ جنگ عظيم شروع ٿيڻ کان ٻه سال پوء 7 ڊسمبر 1941ع تي امريڪا جنگ ۾ شامل ٿي ويو.
ٻي جنگ عظيم ۾ برطانيا جي شرڪت ۽ مڪمل تباهيء بعد برطانيا کي پنهنجا قبضا ڪيل علائقا ڇڏڻا پيا ۽ اسرائيل جي قيام تي راضي ٿيڻو پيو.اهڙيء طرح آمريڪا دنيا جو سپر پاور بڻجي ويو.امريڪا ۾ ملحد يهودي تنظيم ايلومينائيء جي قيام وقت يعني 1776ع کان ئي اليومينائي ميمبر حڪومت ۾شامل هئا. هاڻي جڏهن اهو سپر پاور بڻيو ته ايلومينائي هٿيارن جي واپار خاطر پوري دنيا م مختلف ملڪن ۾ جنگيون ڪرايون ۽ انهن ملڪن کي پنهنجا هٿيار وڪيا.اسرائيل جي هوا اڀي ڪرڻ بعد ايلومينائي وچ اوڀر جي تيل ۽ حڪمرانن تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ ڪري ورتي.وچ اوڀر جون بادشاهتون ۽ امارتون هاڻي سندن وجود برقرار رکڻ لاء امريڪي هٿيارن،فوجن ۽ حمايت جون محتاج بڻجي چڪيون هيون۽ اهڙيء طرح مسلمان ملڪن خلاف سازشن جو هڪ نئون دور شروع ٿي چڪو هو.
(روزاني عبرت 6 مارچ 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو