Saturday, March 16, 2019

ڇا وري استادن تي لٺيون وسائڻيون آهن؟



شفيق الرحمان شاڪر
ارسطو چيو هو ته جيڪي ماڻهو ٻارن کي سٺي تعليم ڏين ٿا انهن جي عزت ڪريو جو ماء پيء پيدا ڪن ٿا پر استاد انهن کي سٺي زندگي گذارڻ جو فن سيکارين ٿا.استادن جي عظمت بابت پوري دنيا جي زبانن ۾ بي شمار قول موجود آهن ۽ مهذب سماجن ۾ انهن کي عزت ۽ قدر جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.ترقيء جون منزلون تعليم سان جڙيل آهن ۽ تعليم جو عمل استادن سواء ممڪن ناهي ۽ جيڪر استاد ذهني ۽ مالي طور تي مطئمن نه هوندا ته اهي تعليمي ۽ تدريسي نظام ۾ گھربل نتيجا نه ڏيئي سگھندا.استاد هڪ سٺي نظام تعليم جو بنيادي عنصر ۽ ان جو روح آهن.جيستائين استادن کي سماج ۾ استادن کي سندن جائز حيثيت نه ٿي ملي جنهنجا اهي حقدار آهن اهي پنهنجا فرض صحيح نموني ادا نه ڪري سگھندا.اهو صحيح آهي ته انهيء پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ به ڪئين ڪوتاهيون ۽ ڪمزوريون آهن پر اهي ته سماج جي هر شعبي ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جو اسان جو سماج جنهن ناانصافي جو شڪار آهي ان ۾ اهڙين خرابين جو پيدا ٿيڻ هڪ فطري عمل آهي.انهيء ڪري پوري تعليمي نظام جي تباهيء جو الزام رڳو استادن کي ڏيئي پنهنجي جان آجي ڪرائي نٿي سگھجي.يونيسيڪو بينڪاڪ ۽ ڪورين ايجوڪيشن ڊولپمينٽ انسٽيٽيوشن 2014ع ۾ ايشيا پيسيفڪ لاء هڪ سيمينار منعقد ڪيو هو جنهن ۾ استادن کي تحفظ ڏيڻ ۽ ان پيشي کي باوقار بنائڻ لاء پنجن نڪاتي سفارشون پيش ڪيون وييون هيون.جن مان پهرين سفارش اها هئي ته استادن کي تحفظ ڏيڻ ۽ سندن ڪارڪردگي موثر بنائڻ لاء پاليسي جوڙي وڃي ۽ انهن کي هڪ قانوني ڍانچو مهيا ڪيو وڃي.ٻي اها ته ان پيشي ۾ اهڙن ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون وڃن جيڪي تربيت يافتا هجن،جن کي پڙهائڻ جو شوق هجي،انهن لاء اسڪولن ۾ وڻندڙ ماحول پيدا ڪيو وڃي ۽ اتي تعليمي ساز ۽ سامان پوريء طرح مهيا ڪري ڏنو وڃي. ٽين اها ته جيڪي ماڻهو اهو پيشو اختيار ڪرڻ گھرن انهن کي درس تدريس شروع ڪرڻ کان اڳ کين ان جي تربيت ڏني وڃي جيڪا نوڪريء دوران به وقت بوقت جاري رهي.استادن لاء انهن جي ڪيريئر جي ترقيء لاءباضابطي پروگرام تيار ڪيو وڃي.چوٿين اها ته استادن کي انهن علائقن ۾ موڪليو وڃي جتي انهن جي سخت گھرج هجي.پري پري وارن علائقن ۾ ڪم ڪندڙ استادن کي پرڪشش معاوضو ڏنو وڇي،انهن کي سفري الائونس سان گڏ صحت جون سهولتيون به مهيا ڪيون وڃن ۽ نوڪري جو عرصو پورو ٿيڻ تي سٺي پينشن ۽ ٻيون رعايتون ڏنيون وڃن.۽ پنجين سفارش اها هئي ته نوڪريء دوران هر طرح سان استادن جي مدد ڪئي وڃي،انهن سان پورو سهڪار ڪيو وڃي،سندن حالتون پر سڪون ۽ اطمينان بخش بنايون وڃن.سندن سٺي ڪارڪردگيء کي ساراهيو وڃي ۽ سندن معيار کي پرکڻ جو طريقه ڪار صاف سٿرو ۽ شفاف هجي ۽ کين بااختيار بنايو وڃي.
ڪنهن به سماج مان انتها پسندي ۽ دهشتگردي،غربت۽ جهالت ختم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليء جي شاهراهه تي وجھڻ لاء تعليم جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگھجي ۽ تعليم جو اهو عمل تيستائين موثر ۽ مفيد ٿي نٿو سگھي جيستائين استادن جي مسئلن،مونجهارن ۽ مشڪلن ۾ سندن مدد نه ڪئي وڃي ۽ سندن مستقبل کي محفوظ بنائڻ جو يقين نه ڏياريو وڃي.استاد جو ڪوبه نعم البدل ٿي نٿو سگهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ استاد نهايت ئي مشڪلن ۽ بي يقينيء جو شڪار رهن ٿا ۽ کين ڪڏهن به اهو سماجي رتبو ناهي ملي سگھيو جنهن جا اهي حقدار آهن.پاليسيون ٺاهيندڙ پاليسيون ٺاهڻ وقت نه ته استادن سان ڪا مشاورت ڪن ٿا ۽ نه ئي کين ڪنهن معاملي ۾ اعتماد ۾ ورتو وڃي ٿو بلڪه عام طور تي استادن کي اها شڪايت رهي ٿي ته حڪومتون روزانو نت نوان پروگرام ۽ پاليسيون آڻين ٿيون جن سان نه رڳو استادن جي تذليل ۽ تضحيڪ ڪئي وڃي ٿي پر منجهن عدم تحفظ جو احساس به وڌڻ لڳي ٿو.اهو ئي سبب آهي جو استاد وقت به وقت اهڙن پروگرامن ۽ پاليسين تي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا.انهيء ۾ شڪ ناهي ته تعليمي ادارن ۾ هڙتالون وغيره ڪو وڻندڙ عمل ناهي پر جڏهن حڪومتي عملدار ڳالهين ذريعي استادن جا خدشا دور ڪرڻ بدران ضد ڪري بيهي رهن ۽ استادن کي نه رڳو ڌمڪيون ۽ دڙڪا ڏنا وڃن پر احتجاج جي ڏوهه ۾ سندن خلاف انتقامي ڪاروائيون به ڪيون وڃن ته پوء استادن وٽ سواء هڙتالن ۽ ڌرڻن جي باقي ڪهڙو آپشن باقي رهجي وڃي ٿو.اسان جي ملڪ ۾ نه ته شروعاتيتعليم طرف مناسب ڌيان ٿو ڏنو وڃي نه وري اسڪولن کا سندن روزمرهه جا خرچ هلائڻ لاء سالياني يا ماهوار ڪا بجيٽ مهيا ٿي ڪئي وڃي ۽ نه وري مدي خارج تعليمي نصاب کي بدلائڻ طرف ڪا سنجيده ڪوشش ٿي نظر اچي.امتحانن جو نظام بلڪل ناڪارا بڻجي چڪو آهي،اسڪولن کي فرنيچر،سائنسي ۽ راندين جو سامان مهيا ڪرڻ ته پري ٿيو پر چاڪ خريد ڪرڻ لاء پئسا به نٿا ڏنا وڃن ۽ ٻئي طرف تعليم جي سموري تباهيء جي ذميداري رڳو استادن تي وجھي هرڪو پنهنجو ڪنڌ ڪڍايو وڃي.سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي.ماضيء ڪيترن سالن تائين هڪ بااٿر ڪاموري سنڌ جي تعليم کاتي جي سربراهيء دوران هيڪاري تعليم جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو.هن کي استادن سان ڄڻ ته ڪو عناد يا ذاتي دشمني هئي جو لاڳيتو استادن کي هروڀرو سيڪريٽيريٽ ۾ حاضريون ڀرايون وييون ۽ اهڙيء طرح اسڪول تباهه ٿي ويا.ان ۾ شڪ ناهي ته سنڌ جو هاڻوڪو تعليم وارو وزير هڪ درد دل رکندڙ شخص آهي ۽ هو چاهي به ٿو ته سنڌ جي تعلي۾ ۾ ڪي سڌارا اچن پر اسان جي نوڪر شاهي کيس غلط قسم جا مشورا ۽ انگ اکر پيش ڪري رهي آهي.تازو سنڌ جا سمورا استاد سراپا احتجاج بڻيل آهن جو ٽائيم اسڪيل ۽ مينيجمينٽ ڪيڊر توڙي هيڊ ماسترن جي نين ڀرتين ۾ گھربل تعليمي لياقت تبديل ڪرڻ جهڙن معاملن تي استادن کي سخت خدشا ۽ ڳڻتي آهي پر حڪومت جي بي حسي ڏسو جو ڪوبه انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار ناهي.توڙي جو هن وقت اهو احتجاج رڳو وقتي مظاهرن تائين محدود آهي پر ان احتجاجي پروگرام ۾ ڌرڻا به شامل آهن.آخر حڪومت ان مسئلي کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان پهرين استادن جي نمائندن سان ڳالهيون ڇو نٿي ڪري ته جيئن معاملي کي وڌيڪ خراب ٿيڻ ۽ ٻارن جي تعليم کي متاثر ٿيڻ کان بچائي سگھجي.آخر ان ڏينهن جو انتظار ڇو پيو ڪيو وڃي جڏهن استاد مجبور ٿي وزير اعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ لاء مجبور ٿين ۽ پوليس انهن مٿان ماضيء جيان ڏنڊا وسائي.ماضيء مان اسان اهڙي ئي شرمناڪ صورتحال جو شڪار رهيا آهيون جو پهريان ئي پنهنجن شهرين تي لٺيون ۽ ڳوڙها آنيندڙ گئس وسائيندا آهيون،پوري دنيا ۾ پنهنجو تماشو ڪرڻ بعد نيٺ انهن ئي ماڻهن سان آخر ۾ ڳالهيون ڪندا آهيون.اها ڪهڙي عقلمندي آهي!
(روزاني عوامي آواز 13 مارچ 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو