Monday, March 11, 2019

ماضيء جو آئينو ؛ ڪراچيء جو دريا لال مندر.




شفيق الرحمان شاڪر
ڪراچي جنهن کي ”فخر اوڀر“ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو بيشڪ اڄ دنيا جي اهم ترين شهرن مان هڪ آهي.هڪ ننڍڙي عرصي ۾ ان جي شاندار معاشي،صنعتي ۽ ثقافتي ترقيء جي پويان سالن جي تاريخ موجود آهي.1729ع ۾ جڏهن ”کرک“ بندرگاهه جيڪو ٺٽي جي ويجھو هو واريء سان ڀرجي ويو ۽ مهاڻن جون ٻيڙيون ان ۾ ڦاسڻ لڳيون ته ”ڀوڄو مل“ نالي مهاڻي قبيلي جي هڪ سردار ان وقت جي ”ڪلاچي“ يا ”ڪولاچي“ طرف لڏپلاڻ ڪئي ۽ هتي منهوڙي جي ڪپ تي پنهنجي قبيلي سان گڏ آباد ٿيو پر اها ڪلاچيء جي سروعات هرگز نه هئي جو ڪراچيء ۾ ان کان اڳ به مهاڻا آباد هئا جنهن جي تصديق ماضيء جي مورخ علي احمد بروهي به ڪئي آهي.هو پنهنجي کوجنا جي روشنيء ۾ چوي ٿو ته ماڙي پور جي آسپاس جي علائقي ۾ هڪڙو تلاء موجود هو جنهن جي چوڌاريء مهاڻا آباد هئا ۽ انهيء تلاء سبب ئي انهيء کي ڪولاچي چيو ويندو هو.مورخ جنهن تلاء جو ذڪر ڪيو آهي اهو هڪ شاهي تلاء هو جنهن جون حدون ويسٽ هارف ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان ٽاور واري علائقي تائين هيون جتي مهاڻن کي شڪار سميت مٺي پاڻيء جون سهوليتون ميسر هيون.جيڪر ڪجهه نه هو ته اهو هڪڙو مندر هو ان ڪري مهاڻا جن جي گھڻائي هندن تي ٻڌل هئي ٽي سو سال پهرين ڪراچي پورٽ ٽرسٽ  ويجھو هڪ دڙي جيڪو پاڻيء کان ٻاهر هو تنهن تي هڪ مندر جو بنياد رکيوجنهن کي عام طور تي درياء جي ويجھو ئي بنايو ويندو آهي ۽ ”جھنگشاهي“ جي پٿرن مان هڪ ننڍڙو مندر جوڙي ان جو نالو ”دريا لال مندر“ رکيو ۽ اتي پڄا پاٽ شروع ڪري ڏني.ڏسندي ئي ڏسندي ان مندر جي مشهوري ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ منهوڙي سميت ٻين ساحلي پٽين جي مهاڻن ان مندر ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو.ان مندر سان مهاڻن جي عقيدت جو اهو حال هو جو جڏهن شڪار جي لاء پنهنجون ٻيڙيون ڪاهي نڪرندا هئا ته ان مندر تي حاضري ضرور ڏيندا هئا ۽ هتي چوويهه ڪلاڪ ٻرندڙ ڏيئي ۾ تيل ضرور وجھندا هئا.جڏهن ته ٽالپور حڪومت به مندر جو ڏيئو روشن ڪرڻ لاء هر مهيني ست سير تيل جو نذرانو ڏيندي هئي ان کان سواء بعد ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي جڙندڙ عمارت جي ٽرسٽي هر چند رائي داس به هن مندر جو خاص خيال رکندو هو ۽ پوء سمنڊ ۽ درياء پوئتي هٽڻ لڳا ۽ ويسٽ هارف ٽاور،ڪياماڙي،ڪلفٽن،گزري،محمود آباد،ويسٽ هارف جا علائقا سڪيء تي اچي ويا.هڪ معروف محقق ميجر ريورني هيء دعويٰ ڪئي ته سمنڊ ٽن صدين دوران پنجاهه ميل پوئتي هليو ويو آهي.بندرگاهه جي آسپاس جا علائقا سڪيء تي اچڻ بعد ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ،ڪسٽم هائوس ۽ ٻين عمارتن جي اڌاوت شروع ٿي ويئي ۽ اهو ننڍڙو مندر انهن ۾ گم ٿي ويو.مهاڻن جي هجرت ڪري وڃڻ بعد اهو مندر فعال نه رهيو ۽ جڏهن پاڪستان بڻيو ته ان وقت به اهو لاڳيتو بند رهيو ۽ پوء 1965ع ۾جڏهن پاڪ ڀارت جنگ شروع ٿي ته انتها پسندن مندر کي سخت نقصان رسايو.1971ع ۾ ۽ بعد ۾ 1992ع ۾ بابري مسجد دهليء تي انتها پسندن جي حملي بعد ماڻهن هن مندر کي جارحيت جو نشانو بنايو جنهن سان هي قديم مندر تباهه حاليء جو شڪار ٿي ويو ۽ هندو جيڪي هن علائقي مان لڏي چڪا هئا خوف سبب هيڏانهن منهن به نه ڪندا هئا.انهن حالتن ۾ ايڊلجي ڊنشا جيڪو سنڌ ۽ هند جي هڪ معروف شخصيت هو ۽ هن ڪراچيء اين اي ڊي يونيورسٽي،ليڊي ڊفرن هاسپيٽل سميت لاتعداد سماجي ڪم ڪيا ان جي نالي سان قائم ٽرسٽ جي ذميدارن جڏهن مندر جي اها حالت ڏٺي ته ته انهن 2015ع ۾ ويهه لک روپين جي رقمسان مندر جي مرمت ۽ سينگار جو ڪم ڪرايو ۽ ڀارت جي شهر جي پور مان دريا لال ڀڳوان جي ڇهن لکن جي مورتي گھرائي هتي لڳرائي ۽ پوء گورنر عشرت العباد 13 ڊسمبر 2015ع ۾ ان جو باقائدي افتحاح ڪيو جنهن بعد چاليهه فٽ ڊگھي ۽ چاليهه فٽ ويڪري مندر جون رونقون بحال ٿيون ۽ ماڻهن هتي پوڄا پاٽ شروع ڪري ڏني.دريا لال مندر جنهن جي آسپاس جي علائقي تي ڪي پي ٽي قبضو ڪري هڪ طرف ٽرانسپورٽ ڪمپنيء ۽ ٻئي طرف هڪ چانهه جي هوٽل کي مسواڙ تي ڏيئي رکيو آهي ۽ جنهنجي مسواڙ ڪي پي ٽي وصول ڪري ٿي جنهن سبب مندر جي نظام هلائڻ لاء ڪو سهارو ناهي. هيء قديم مندر جنهن جو شمار قديم آٿارن ۾ ٿئي ٿو،گھڻين تبديلين بعد هڪ جديد مندر ۾ بدلايو ويو آهي پر ان جي باوجود هيستائين هتي پوڄا پاٽ لاء ايندڙن جي گھٽتائي آهي.قديم دريا لال مندر جي گرو سواني وجي مهاراج هن مندر جي قدامت باري ۾ دعويٰ ڪئي ته هي مندر ٽن سو سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي،توڙي جو ان جي ويجھو ڻيٽي جيٽي پل هيٺان مندر ضرور موجود آهن پر انهن جي قدامت ايتري ناهي جيتري هن مندر جي.هن چيو ته هن مندر تي بار بار حملن سان هن علائقي جي تاريخ بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.هي علائقو نهايت ئي تاريخي پس منظر رکي ٿو ۽ ماضيء ۾ اهوپورو علائقو سمنڊ ۽ درياء جي پاڻي ۾ ٻڏل هو جنهن جو زندهه مثال دريا خان مندر جو وجود آهي ڇو ته دريا لال مندر اتي جوڙيو ويندو آهي جتي دريا ۽ سمنڊ موجود هوندا آهن ان ڪري هن ڳالهه مان ثابت ٿئي ٿو ته مندرن جي ويجھا علائقا اڄ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ،ڪسٽم هائوس،ڊاڪيارڊ،شپيارڊ ۽ ٻيا علائقا پاڻيء اندر ٻڏل هئا.هن جو چوڻ هو ته مندر قديم تاريخ آهي پر ان جي باوجود اڃا تائين هندو برادريء جا مک ماڻهو ۽ حڪومت جي قديم آثارن واري کاتي طرفان ان جي سار سنڀال جو ڪوبه بندوبست نه ڪيو ويو آهي جيڪا ڳڻتي ۽ افسوس جي ڳالهه آهي. دريا لال مندر جيڪو نهايت ئي زبون حالت ۾ هو جڏهن ايڊلجي ڊنشا ٽرسٽ ان جي مرمت ۽ سينگار جو ڪم شروع ڪيو ته بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا زيبا بختيار مندر تي رنگ روغن لاء هڪ ڪلر اسڪيم ڏني جنهن جو مندر جي تعمير بعد خيال رکيو ويو ۽ مندر تي انهيء انداز جو رنگ روغن ٿيل آهي جيڪو زيبا بختيار کي پسند هو.

(روزاني سرواڻ)
۔


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو