Sunday, October 27, 2019

طنز مزاح؛ ڌرڻي ڌڻين لاء ڪجهه ڌيان طلب !!!



شفيق الرحمان شاڪر
ماڻهن کي سال کان انتظار هو ته مولانا ڌرڻي جو ڪو حتمي اعلان ڪري ته جيئن اهي کيس ڌرڻي جي باري ۾ ڪجهه مفيد مشورا ڏيئي ”نيڪيء جي ان ڪم“ ۾ پنهنجو حصو ملائي سگھن.ٻه مهينا ته ان ڇڪتاڻ ۾ ئي گذري ويا ته مولانا اچي رهيو آهي ڇو ته هو غصي ۾ آهي، مولانا نه پيو اچي ڇو ته کيس ”پرچايو“ پيو وڃي.هاڻي جڏهن مولانا جي آمد لڳ ڀڳ طيء ٿي چڪي آهي ته سندس ”خير خواهه “ کيس ڪجهه قيمتي مشورا به ڏيئي رهيا آهن.سڀ کان پهرين ته مولانا صاحب پنهنجن انهن ارشادن ۽ فرمانن کي ماڻهن جي نظرن مان گم ڪري جن ۾ هو ڌرڻي ڪلچر کي ”بغاوت“ قرار ڏيئي چڪو آهي.عمران خان ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف جي استعيفا کان گھٽ ڪنهن شرط تي راضي نه هو،اڄ مولانا به وزير اعظم عمران خان جي رخصتي گھري ٿو.ٻنهي ڌرڻڻ جو مقصد ته ساڳيو آهي توڙي جو طريقو مختلف هجي.جيڪر اها خان صاحب جي ”بغاوت“ هئي  ته خير سان اڄ مولانا به ”باغي“ بڻيل آهي.
مولانا صاحب عمران خان جي ڌرڻي خلاف هڪ ڌڙڪيدار۽ شاندار تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ چيو هو ته جڏهن حالتون ٽڪراء طرف وڃن ٿيون ته ”ڪا ٽين طاقت“ فائدو کڻندي آهي ان ڪري هن وقت به مولانا صاحب کي يقيني بنائڻو پوندو ته سندس ڌرڻي جو فائدو ملڪي سياست ۾ ڪا ”ڏاڍي“ ۽ ”تڪڙي“ ڌر کڻي نه سگھي.مولانا صاحب جي همت ۽ فراخ دليء تي اوهان کي کيس ضرور داد ڏيڻو پوندو ته فرض ڪريو ته عمران خان جي حڪومت هلي به وڃي،نيون چونڊون ٿين به سهي تڏهن به مولانا جي جماعت جو پوري ملڪ ته ڇا پر ڪنهن هڪڙي صوبي ۾ به پنهن جي حڪومت جوڙڻ جو ڪو امڪان ئي ناهي،مولانا کي ڏيئي وٺي ڪشمير ڪميٽيء جي اڳواڻي يا وري منسٽر انڪليو ۾ هڪڙو بنگلو ئي ملڻو آهي.اهو سڀ ڪجهه ڄاڻندي ٻجھندي به جيڪر هو پنهنجو سڀ ڪجهه داء تي هڻي حڪومت خلاف ڀرپور بغاوت ڪرڻ لاء تيار آهي ته پوء مولانا واقعي وڏي دل وارو آهي.اهو ته طيء آهي ته جي يو آئي ايف ڪارڪن نعرا هڻي هڻي پنهنجون نڙيون سڪائي ڇڏين ۽ ڌرڻو ڪامياب به بڻائي ڇڏين تڏهن به ڌرڻي جو امڪاني بينيفيشري گھٽ ۾ گھٽ اڪيلي مولانا نه ٿيندو،اهو ته ايئن ٿيندو جو “ سور کائي ڳيري ۽ بيضا کائي ڪانء.“
هڪڙي سوچ اها به آهي ته مولانا پنهنجي حصي جي ٻوٽيء لاء اڳئين جي پوري ڳئون ڪهڻ جي چڪر ۾ آهي.پر هڪڙن جي سوچ اها به آهي ته مولانا نهايت ئي ڏاهو بلڪه نهايت ئي ”گهگھه“ سياستدان آهي،هر حڪومت ۾ ايئن ئي ته ايڊجسٽ ناهي ٿي ويندو.هو شيخ رشيد جيان قربانيء جي تاريخ نٿو ڏئي البته قربانيء جو وقت ڪڏهن ايندو هن کان بهتر ڪير ڄاڻي سگھي ٿو؟مولانا کي اندازو آهي ته وزير اعظم جي حمايت ڪرڻ وارا هاڻي پڇتائي رهيا آهن.عمران خان لاء وڇايل بساط جا مهرا هاڻي هيڏانهن هوڏانهن لڙهڪي رهيا آهن،حڪومت جا ڏينهن جڏهن به ڳڻيا ويندا ڳڻپ مولانا جي ڌرڻي کان شروع ٿيندي.هاڻي جڏهن ڌرڻو اڻٽر آهي ته مولانا کي ڪجهه اهم ڳالهيون به سوچ هيٺ ضرور آڻڻ گھرجن.جيئن ته اڇي ۽ ڪاري پارٽي جھنڊي جيان ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙ به اڇن ۽ ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس هوندا،ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو ڌرڻي ۾ ڪجهه رنگ به ڀريا وڃن.جيڪر مولانا ڌرڻي ۾ جي يو آئي ايف جي ڪارڪن ۽ ووٽرعورتن کي به گڏ آڻڻ جو بندوبست ڪن ته جيئن گھٽ ۾ گھٽ انهن عورتن ۽ مردن جيڪي پنهنجو پاڻ کي لبرلز سڏائين ٿا انهن جو ڀرم رهجي وڃي جيڪي عمران خان جي بغض ۾ مولانا جي حمايت ڪري رهيا آهن.مولانا جي جماعت کي سياست ڪندي هڪ زمانو ٿي چڪو آهي،مولانا سياست ۾ عورتن جي ڪردار کي به ضرور مڃيندو هوندو سو هن کي پنهن جي طاقت مڃرائڻ لاء رڳو مدرسن جا شاگرد نه پر زندگيء جي هر طبقي ۽ شعبي جا ماڻهو پنهنجي ڌرڻي ۾ شريڪ ڪرائڻا پوندا.مولانا کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته اهو رڳو مردن يا مدرسي جي شاگردن جو نه پر عوام جو ڌرڻو آهي ۽ عوام ۾ هر عمر جا مرد توڙي عورتون شامل آهن.
طاهرالقادري مولانا فضل الرحمان جيان مذهبي شخصيت آهي،مولانا کي گھرجي ته هو طاهرالقادريء وارن ٻن ”ڪامياب“ ڌرڻن جي هڪ مختصر جائزي واري رپورٽ به تيار ڪرائي وٺي جنهن سان اهو ڄاڻڻ ۾ مدد ملندي ته ڌرڻي جي شرڪاء کي لاڳيتو ”انگيج“ رکڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا ”ڪرتب“ گھربل هوندا؟ڏينهن جو وقت ته پنهنجو موبائيل فون چارج ڪندي،هتان هتان ٻه ٽي گل ٻوٽا ٽوڙي،دوڪان تان نسوار،پان،سوپاري ۽ سگريٽ ڳولهيندي،ڪنهن گاڏي تي چانهه جا سرڪ ڀريندي،دل پشوري ڪندي ۽ ميڊيا وارن کي ڏسي ٻه ٽي نعرا هڻندي گذري ويندو پر ٿڌڙي موسم جون ڊگھيون راتيون ڪيئن گذرنديون؟ان لاء مولانا حقيقت ۾ مولانا طاهر جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگھي ٿو.جڏهن رات ڊگھي ٿيڻ لڳي ۽ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيندڙن جو جذبو ٿڌو ٿيڻ لڳي ته حڪومت کي ڪيرائڻ لاء فجر جي نماز جو الٽيميٽم ڏنو وڃي،وقت پورو ٿي وڃي ته ان مهلت جو وقت وڌائي وچين يا سانجھي نماز تائين ڪري سگھجي ٿو.نوجوانن جي ٽولين کي ”روشن مستقبل“ ۽ ”سونهري ڏينهن“ جا خواب ڏيکاري روزانو ٻن کان ٽي ڪلاڪ سڪون سان گذاري سگھجن ٿا جڏهن ته اهو اعلان ته هڪ اهم حڪومتي اڳواڻ هٿ ادب جا ٻڌي ڳالهين لاء اچڻ گھري ٿو.ٻڌايو منهن جا بهادر ڪارڪنو!،ڇا ڪرڻ گھرجي؟ظاهر آهي ته جذبات جي چوٽ چڙهيل هجوم مان ”نه،نه“ ۾ ئي جواب اچڻو آهي.اهڙيء طرح ان قسم جي ڪرت ۾ به ٻه ٽي ڪلاڪ نڪري سگھن ٿا.جنهن ڏينهن نظر اچي ته اڄ ڌرڻي وارن جي ارمانن تي مارگلا ٽڪرين مان اٿندڙ ڪڪرن جي ماڪ جو وسڪارو ٿي رهيو آهي،بس انهيء ڏينهن بافتي جي ڪجهه وال ڪپڙي جو بندوبست ڪري اسٽيج تان ”ڪفن پوش” ڌرڻي جو اعلان ڪيو وڃي ان سان ميڊيا کي به ”بريڪنگ“ لاء پٽيون ملي وينديون ۽ طاهرالقادريء واري ڌرڻي جون يادون به تازيون ٿي وينديون.اهڙيء طرح آڪٽوبر مهيني جي بجليء واري بل کي ڦاڙي ساڙڻ وارو ڪرتب به نظاري ۾ چار چنڊ لڳائي سگھي ٿو،اهڙيء طرح  خان صاحب کي به ڪنٽينر جون اهي ”دل فريب“ شامون ۽ ”وصال ڀريون“ راتيون ياد ڏياري سگھجن ٿيون.
مولانا صاحب جي ”با ذوق“ ڪارڪنن پردي پويان هلڪي موسيقيء سان ڪجهه تحريڪي ترانا به جوڙيا آهن پر رڳو اهي ڪافي ناهن.“ انصافي“ ۽ ”طاهري“ ڌرڻن جيڪي معيار قائم ڪيا آهن،مولانا کي انهن کي سامهون رکي ڪري منصوبا بندي ڪرڻي پوندي.بک جي مستيء ۾ ٻڏل عوام جي ستل روح کي سجاڳ ڪرڻ لاء ڪنن کي پردا ڦاڙ سائونڊ سسٽم جي ضرورت پوندي.هونئن مولانا جي پارٽيء کي جي ڊي بٽ پارٽيء کان مشورن جي گھرج ناهي،ميگا فون ۽ لائوڊ اسپيڪر جو استعمال مولوين کان وڌي ڪري ڪير ٿو ڄاڻي؟ مولانا جيڪر طيء ڪيل پلان موجب اڪٽوبر جي پڇاڙيء ۾ انٽري ڏيندو ته شهر اقتدار جي موسم وڌيڪ مست ۽ ظالم ٿي ويندي اهڙي حالت ۾ مولانا لاء بازار گرمائڻ ايترو آسان نه رهندو.ڪارڪنن کي ڪمبل ۽ رضائيون گڏ کڻي اچڻ جو چيو ويو آهي پر مورال هائي رکڻ لاء ڪجهه هائي ليول انتظام ڪرڻا پوندا.ان سلسلي ۾ حضرت خادم رضوي اينڊ ڪمپني جو تجربو گھڻو ڪشادو آهي.هاڻي اهو حضرت رضوي پاڻ يا سندس ڪارڪن ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته انهن کي فيض آباد ڌرڻي دوران پوندڙ غضب جي ٿڌ سان وڙهڻ لاء بادام،کجور ۽ ڪاجو جا کوکا ڪير پهچائيندو هو؟
وفاقي گھرو وزير اعجاز شاه فرمائي ٿو ته ڪهڙي خبر مولانا رات جو سمهي ۽ صبح جو کيس ”هدايت“ نصيب ٿي وڃي پر جيستائين هدايت جي روشني نٿي ملي تيستائين ڌرڻي جي اونداهين راتين کي مقدر جو لکيو سمجھي خان صاحب جي ٽيم کي ”تياري “ ته ضرور ڪرڻي آهي.عمران خان جي ٽيم کي ڌرڻي جو ته ڀرپور تجربو آهي پر ڌرڻو روڪڻ لاء ڪهڙي مهارت گھرجي انهيء فن جو انهن کي ايترو تجربو به ناهي جيترو تجربو شيخ رشيد جو ريلوي ۾ آهي!ڌرڻي ڌڻين لاء ڌيان طلب مشورن جي اها ديڳ ورهائڻ بعد به مون جهڙن بي سمجھن کي اڃا ته اهوئي سمجھه ۾ ٿو اچي ته  31آڪٽوبر تي ڌرڻو نه پر رڳو آزادي مارچ ئي ٿيندو  پر جيڪر واقعي ڌرڻو لڳي ٿو ته اهو سيلاب هاڻوڪي وقت جي حڪمرانن کي لوڙهيندو يا وري اسلام اباد پهچڻ کان اڳ ئي خود ڌرڻي ڌڻين مٿان اٿلي پوندو،ان جي اڳڪٿي رڳو شيخ رشيد جهڙا سياسي پنڊت ئي ڪري سگھن ٿا،ٻي عام خلق کي ان تي چپ چورڻ جي اجازت ڏيئي نٿي سگھجي!
(روزاني هلال پاڪستان 22 آڪٽوبر 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو