Monday, October 21, 2019

اقتدار جو مست گھوڙو ۽ خواهشن جو سمنڊ !



شفيق الرحمان شاڪر
حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ عمران خان تڏهوڪن حڪمرانن جي ڪجهه پاليسين ۽ عملن جو مذاق اڏائيندي پاڪستاني قوم کي دنيا جي هڪ عظيم قوم بنائڻ جون ڀڙڪون هڻندي نه ٿڪندو هو. سندس چوڻ هو ته ٻين ملڪن کان قرض وٺندڙ ۽ عالمي ادارن کان امداد پنندڙ قوم جي دنيا ۾ ڪا عزت ۽ اهميت نه هوندي آهي.هو اهو به چوندو هو ته ماضيء جي حڪمرانن بي نظير انڪم سپورٽ ۽ سستي ماني جهڙين اسڪيمن ذريعي پوري قوم کي پينو فقير بنائي ڇڏيو آهي.هو جيڪر حڪومت ۾ آيو ته نه ٻاهرين ملڪن سامهون ڪنهن امداد لاء جھولي جھليندو ۽ نه ئي عالمي ادارن جي ظالماڻن شرطن تي ڪو قرض وٺندو.هو هر جلسي ۽ هر تقرير ۾ احتساب جو رينگٽ به وڄائيندو رهيو ته اقتدار ۾ ايندي ئي سندس لفظن ۾ ماضيء جي انهن ”چورن“ ۽ ”لٽيرن“ کان عوام جي کسيل دولت واپس وٺندو ۽ ملڪ ۾ عظيم خوشحالي اچي ويندي.ملڪ ۾ سستائيء جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳندو،ملڪ ۾ سرمائي جو مينهن وسڻ لڳندو ۽ بيروزگاريء جو خاتمو اچي ويندو نه رڳو اهو پر هن اهو به چيو ته پاڪستان قرض وٺندڙ ملڪن بدران قرض ڏيندڙ ملڪن جي صف ۾ شامل ٿي ويندو.ملڪي ۽ رياستي ادارن جي نئين سر اڏاوت،سڌارن ۽ بهتريء جون به دعوائون ڪيون وييون،انصاف ۽ پوليس جي نظام ۾ بنيادي تبديليون آڻڻ جا به وعدا ڪيا ويا.زندگيء جون بنيادي سهوليتون ماڻهن کي سندن در تي مهيا ڪرڻ لاء هڪ بهترين بلدياتي ۽ مڪاني حڪومتن جي نظام آڻڻ جون به ڊاڙون هنيون وييون.نوجوانن کي سندن صلاحيتن ۽ لياقتن مطابق ميرٽ جي بنياد تي مناسب روزگار مهيا ڪرڻ جون به ٻٽاڪون ٻڌڻ ۾ آيون،تعليمي ۽ معاشي نظام ۾ بنيادي سڌارن جون به لٻاڙون لڳيون، صحت جي شعبي ۾ انقلابي قدم کڻڻ جا قصا به ٻڌايا ويا،تباهه ٿيل قومي ادارن کي واپس زندهه ڪرڻ جا به خواب ڏيکاريا ويا،سياست ۽ حڪومت ۾ پنهنجا نوازڻ،بد انتظامي ، بدديانتي ۽ ناانصافي واري روش ختم ڪري انصاف،ميرٽ،ايمانداري ۽ گڊ گورنس جون هامون هنيون وييون پر وقت ثابت ڪيو ته عمران خان جون اهي عظيم دعوائون ۽ شاندار اعلان،اهي وعدا ۽ وچن قوم سان هڪ عظيم مذاق ئي ثابت ٿيا.قرض وٺڻ لاء سندس حڪومت نه رڳو آئي ايم ايف جي ظالماڻن شرطن آڏو پنهنجا گوڏا کوڙيا پر قرض وٺڻ جي معاملي ۾ هن رڳو هڪڙي سال اندر ئي ماضيء جي سمورن حڪمرانن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا.ملڪي معيشت کي پنهنجن پيرن تي ڇا بيهڻو هو،عمران خان جي حڪومت غريب ماڻهن کان ٻن وقتن جو مانيء گراه به کسي ورتو.ماڻهن کي مناسب روزگار مهيا ڪري انهن کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ بدران سهارا ۽ لنگر اسڪيمن ذريعي پوري قوم کي پنڻ جي رستي تي لڳائڻ جو سفر شروع ڪيو ويو.ان جي بدران جو ملڪ جي سٺ سيڪڙو نوجوانن لاء روزگار جا ڪي مناسب موقعا پيدا ڪجن ها،اڳ ۾ روزگار سان لڳل هزارين نوجوان بيروزگاريء طرف ڌڪجي رهيا آهن.غلط معاشي پاليسين سبب ڏينهون ڏينهن ڪاروبار ٺپ ۽ صنعتي يونٽ بند ٿي رهيا آهن.ڪاروباري طبقو جنهن حد تائين عدم تحفظ ۽ غير يقينيء واري ڪيفيت جو شڪار آهي انهيء جو اندازو سندن احتجاجن،مظاهرن ۽ تازو آرمي چيف سان ملاقات دوران پيش ڪيل سندن تحفظن ۽ ڳڻتين مان لڳائي سگھجي ٿو.قومي ادارن ۽ حڪومتي سطح تي بچت مهم جي دعويدارن جي وفاقي حڪومت ۾ وزيرن ۽ مشيرن جي فوج جو گڏيل انگ 82 تي پهچي چڪو آهي،اهي سڀ جا سڀ ڪهڙي ڪرت ۾ لڳل آهن ڪا خبر ناهي.انهن مان گھڻن جي ڪارنامن ۽ ڪرتوتن جا ڪارا چٺا احتسابي ادارن وٽ موجود آهن پر .انصاف پسند“ وزير اعظم جي دست شفقت سبب قصو اتي جو اتي رڪيل آهي،سياسي ڇڪتاڻ ته پهرئين ڏينهن کان ئي عروج تي آهي پر هاڻي حڪومت ۽ واپارين جي وچ ۾ به وڇوٽيون وڌي رهيون آهن ۽ پوري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جا سڏ به ٻڌڻ ۾ پيا اچن.مختلف حڪومتي ادارن جي وچ ۾ ڪا ايڪتا يا هم آهنگي نظر نٿي اچي.حڪومت جي وزيرن ۽ مشيرن مان به هر ڪو پنهنجي الڳ راڳڻي ڳائي رهيو آهي. ايف بي آر جي پاليسين جو اڃا تائين منهن پير سمجھه ۾ نٿو اچي،صبح جو هڪڙي ڳالهه آهي ته شام جو بلڪل ان جي ابتڙ بيان اچي ٿو.سموري حڪومتي ٽيم عملي طور تي غير فعال ۽ غير موثر بڻيل آهي رڳو چند خاص ماڻهو آهن جن جا فيصلا هلي رهيا آهن.ملڪ کي هن وقت سڀ کان وڏو چيلينج معيشت جي بحالي آهي پرتبديلي سرڪار جي معاشي ٽيم ۾ هاڻي چونڊيل عوامي نمائندن بدران رڳو عالمي ادارن جا نمائندا رهجي ويا آهن جن جو عوام جي آزارن ۽ مسئلن سان نه ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي ڪو احساس.اهي انهن عالمي ادارن جي حڪم تي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان عوام جون رڙيون نڪري وڃن.اهي ان عالمي ايجنڊا هيٺ وڏي بي حسي ۽ بيدرديء سان نون نون ٽيڪسن ۽ عام استعمال جي شين جي اگھن ۾ اضافي ذريعي ماڻهن جو رت چوسيندا ٿا وڃن ۽ عمران خان جي وس ۾ ئي نه رهيو آهي جو هو انهن کان ڪو سوال جواب ڪري سگھي يا انهن کي عوامي ڀلائيء لاء ڪو حڪم جاري ڪري سگھي.هڪ طرف ملڪ اندر سياسي ۽ معاشي صورتحال جي بي يقينيء جو اهو عالم آهي ته ٻئي طرف وزير اعظم پوري دنيا جي تڪرارن ۽ تنازعن کي حل ڪرائڻ جو ٺيڪو کڻندي غير ملڪي دورن ۾ مصروف آهي.ڪڏهن سعودي ايران ڇڪتاڻ ۾ ثالثي ڪرائڻ جون دعوائون ڪيون پييون وڃن ته ڪڏهن افغانستان اندر امن قائم ڪرائڻ لاء جدوجهد جي سرواڻي ڪئي پيئي وڃي.ملڪ اندر عوام جنهن آزار ۽ ايذائن مان گذري رهيو آهي،مهنگائي جهڙيء طرح ماڻهن کي برباد ڪري رهي آهي ۽ بيروزگاري جهڙي ريت ماڻهن خاص طور تي نوجوانن کي ذهني مريض بنائي رهي آهي ان جو احساس شايد عمران خان جي ايجنڊا ۾ شامل نه رهيو آهي.اقتداري سياست جو اهو ئي ته الميو آهي جو وقت جي هر حڪمران کي هر وقت سڀ ڪجهه ٺيڪ ئي نظر ايندو آهي ۽ سچائيون صرف تڏهن سامهون اينديون آهن جڏهن انهيء وٽ نه وقت رهندو آهي ۽ نه ئي اقتدار.ماضيء جي حڪمرانن جا ڪارا ڪرتوت ڳڻيندي ۽ ملڪ ۾ موجود هر خرابيء جو گند مٿانئن اڇلائيندي هي چوڏهون مهينو شروع ٿي چڪو آهي،انهن چوڏهن مهينن دوران تبديلي ۽ سڌارن جي دعويدارن هن وقت تائين پاڻ ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي،انهيء سوال جو جواب ڏيڻ بدران سامهون رڳو سهڻا سپنا،مستقبل جا ساوا باغ ۽ رياست مدينا جي طرز جي مملڪت قائم ڪرڻ جون اهي دعوائون آهن جيڪي ٻڌي ٻڌي ماڻهن جا ڪن ئي پچي پيا آهن ۽ هاڻي خلق خدا ۾ مايوسيء کان پوء ڪاوڙ جو سمنڊ به ڇوليون هڻندي محسوس ٿئي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه حڪمرانن کي اڃا نظر نٿو اچي جو انهن کي اڃا به اڻ کٽ ۽ لامحدود طاقت ۽ اختيار جي طلب سندن هوش وڃائي رکيو آهي.اهي زبان جي هڪڙي لرزش سان پنج سو ماڻهن کي چوراهن ۽ چواٽن تي ٽنگڻ گھرن ٿا پر کين هر وقت اهو احساس محرومي ستائي رهيو آهي جو اهي ايئن نٿا ڪري سگھن.اهي اهو ڪم ڪري سگھن ٿا جيڪر ملڪ جي سمورين عدالتن کي تالا لڳائي،احتسابي ادارن کي ٻنڌڻ ٻڌي ۽ آئين کي کڻي ڪنهن رديء جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏين ته پوء پڪ سان سندن اها حسين خواهش پوري ٿي سگھي ٿي.طاقت جي مست گھوڙي تي ويهي پوري دنيا کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙڻ جي اها حسين خواهش جنهن ماضيء جي حڪمرانن مان ڪنهن کي هلاڪو ياچنگيز ته ڪنهن کي ميسوليني يا هٽلر بڻايو هو!
(روزاني هلال پاڪستان 16 آڪٽوبر 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو