Tuesday, October 1, 2019

اسرائيلي چونڊون،نيتن ياهو ۽ اردن ماٿري.



شفيق الرحمان شاڪر
ٻاويهين ڪنيسٽ(پارلياماني) چونڊن ۾ نيتن ياهو جي جماعت ”ليڪود“ ۽ سابق آرمي چيف بيني گانتز جي ”بليو اينڊ وائيٽ پارٽي“ اٽڪل هڪجيتريون سيٽون حاصل ڪيون آهن.نيتن ياهو جي جماعت ليڪود جي سربراهيء واري اتحاد کي 120 جي ايوان ۾ 55 سيٽون جڏهن ته کاٻي ڌر جي اتحاد کي 56 سيٽون مليون آهن جڏهن ته حڪومت جوڙڻ لاء ڪنهن به پارٽيء کي 61 سيٽن جي ضرورت هوندي آهي.انهن مان اڪيلي حڪمران جماعت ليڪود رڳو 31 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي آهي جڏهن ته سندس مخالف بليو اينڊ وائيٽ پارٽيء کي 33 سيٽن تي ڪاميابي ملي آهي.عرب اتحاد کي 12 سيٽون مليون آهن.ان معمولي ڪاميابيء خاطر نيتن ياهو هڪ چونڊ جلسي ۾ اعلان ڪيو هو ته هو 17 سيپٽيمبر تي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪاميابيء بعد اردن جي وادي ۽ اترئين بحر مردار جي علائقي کي اسرائيل ۾ ضم ڪري ڇڏيندو.ان احمقاڻي ۽ غير ذميداراڻي بيان تي اسلامي دنيا جو سخت رد عمل سامهون آيو.اسرائيلي حڪومت جي ان ڪڌي حرڪت کي ترڪ وزير خارجه مولود جاووش اوگلو ڪريل چونڊ نعرن ذريعي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش قرار ڏنو.جدي ۾ اسلامي تعاون تنظيم او آئي سي جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ ان کي غير آئيني، ناقابل قبول ۽ سچائين کي تبديل ڪندي پنهنجي مرضيء جو اسٽيٽس لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو ويو.اردن کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان بلڪل اهڙي دعويٰ آهي جيئن اڄ ڪلهه هندستان والاريل ڪشمير جي حوالي سان پرڏيهي وزير جئي شنڪر کان وٺي وزير داخلا راجناٿ تائين سڀ جا سڀ بيان مٿان بيان ڏيئي رهيا آهن.جغرافيائي لحاظ کان اردن جي ماٿري اتر ۾ بحيره طبريا کان بحيره مردار تائين پکڙي پيئي آهي.هن وقت  الهندي ڪناري جي اوڀر ۾ واقع اردن ماٿري جي ڊيگهه 120 ۽ ويڪر 15 ڪلوميٽر آهي.ان جي مجموعي پکيڙ 16 لک دونم آهي ان مان 2 لک اسي هزار دونم پوک جي لائق آهي.فلسطينين وٽ هن وقت ان جو 50 هزار دونم آهي جڏهن ته 27 هزار دونم يهودي آباد ڪارن جي قبضي ۾ آهي.آباديء جي نسبت ڏسجي ته ان ماٿريء ۾ فلسطيني 65 هزار ۽ يهودي آبادڪار 11 هزار آهن.اهو الهندي ڪناري جو 30 سيڪڙو علائقو آهي.اسرائيل سنه 1967ع ۾ اردن ماٿريء تي قبضي بعد اتي 90 فوجي ڪيمپون ۽ ڇاوڻيون قائم ڪيون ۽ 31يهودي وسنديون آباد ڪري ان تي قبضي ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪري چڪو آهي.ان دوران اردن ماٿريء جي 50 هزار کان وڌيڪ رهواسين کي بي گھر ڪيو ويو.اسرائيل ۽ پي ايل او جي وچ ۾ 1993ع ۾ طيء ٿيل اوسلو ٺاهه مطابق ان علائقي جي 90 سيڪڙو حصي کيص زون سي ۾ شامل ڪري اسرائيلي سيڪيورٽي ۽ انتظامي ڪنٽرول ۾ ڏنو ويو هو.اردن ماٿريء ۾ آبادي گھٽ آهي پر زمين نهايت ئي زرخيز آهي ان ڪتري هتي شهري مرڪز،توانائي ۽ صنعت جي شعبن ۾ امپورٽ ۽ بنيادي ڍانچي جون سهوليتون کي ترقي ڏياري ان کي واپاري مرڪز بنائي سگھجي ٿو.نيتن ياهو جي ان اعلان تي فلسطيني برادري،بين الاقوامي ۽ عرب ملڪن جي سطح تي سخت مذمت ۽ غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو ويو ۽ مسلمان ملڪن سان ايڪتا جو مظاهرو ڪندي سڀ کان اڳ جرمني ان کي رد ڪيو.ان کان پوء يورپي يونين ۽ گڏيل قومن ان جي مخالفت ڪئي ۽ روس پڻ ان جي خوفناڪ انجام جو اشارو ڏنو.اهڙيء طرح دنيا جي هڪ وڏي حصي کي ناراض ڪندڙ ان انتخابي شعبدي بازي جو به ياهو کي ڪو خاص فائدو نه ٿيو.
امريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي دوستي ۽ حمايت به هن ڀيري نيتن ياهو جي ٻيڙي پار نه لڳائي سگھي توڙي جو هن ان مقصد لاء نريندر مودي سان سندس ويجھڙائپ کي به استعمال ڪيو.چونڊ نتيجن بعد ياهو تي مايوسي ڇانيل آهي،ان اڃا تائين هار يا جيت تسليم ڪرڻ جو باقائدي ڪو اعلان ناهي ڪيو يعني جوڙ توڙ ۾ لڳل آهي.موديء جو هم عمر 69 سالا نيتن ياهو پنهنجي هڪ مختصر بيان ۾ رڳو ايترو چيو ته سندس ارادو عرب جماعتن سواء صيهوني حڪومت قائم ڪرڻ آهي ڇو جو عرب جماعتون گانتز جي حمايت ڪري سگھن ٿيون.هن جي گھبراهٽ جي حالت اها آهي جو داخلي صورتحال سبب سندس گڏيل قومن وارو دورو به منسوخ ڪري ڇڏيو آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران اسرائيلي وزير اعظم ٽرمپ سان ملي خراج عقيدت پيش ڪرڻ وارو هو پر جڏهن ڪاميابي ئي نه ملي ته پوء شڪريو ڪهڙو؟في الحال اسرائيل اندر اقتدار جي رسا ڪشي  جاري آهي. ٻنهي طرفن جا اڳواڻ حڪومت جوڙڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن.ان ۾ جيڪر ياهو ٻيهر ڪامياب تي ٿو وڃي ته وچ اوڀر جي هاڻوڪي صورتحال تي ڪو خاص فرق نه پوندو پر بيني گانتز جي اقتدار ۾ اچڻ سان جزوي تبديليون اچي سگھن ٿيون ۽ عالمي سياست تي به ان جو واضح اثر نظر ايندو.اردن واديء سميت سمورا هٿڪنڊا استعمال ڪرڻ باوجود حاصل ٿيل ناڪاميء نيتن ياهو کي پاڳل ڪري رکيو آهي ۽ هو روزانو عجيب بيوقوفاڻا بيان ڏيئي رهيو آهي.اقتدار جي هوس ۾ ياهو پنهنجي مخالف بيني گنتز جي سامهون هڪ گڏيل قومي حڪومت جي تجويز رکي يعني ٻه سال هو پاڻ حڪومت ڪري ۽ باقي ٻه سال بيني حڪومت ڪري.بيني گنتز سندس ان صلاح کي بنان دير جي رد ڪري ڇڏيو آهي.سوال اهو آهي ته ڏهن سالن تائين حڪومت ڪرڻ بعد ياهو اهو موقف ڇو اختيار ڪيو؟ان جو هڪڙو سبب ته اهو آهي جو چونڊن کان پهرين اسرائيل جون مختلف سياسي پارٽيون ڪيڪڙي جيان هڪ ٻئي جون ڄنگھون ڇڪينديون رهيون ۽ چونڊن کان پوء ننڍيون ننڍيون جماعتون ڏيڏر وانگر ٺينگ ٽپا ڏيئي رهيون آهن.اهڙي حالت ۾ انهن تي ڀروسو ڪرڻ مشڪل آهي ڇو ته سڀ جون سڀ مادي پرست ۽ مفاد پرست آهن ان ڪري ياهو سوچيو ته  جيڪر سڀ کان وڏيون ٻه جماعتون پاڻ ۾ گڏجي وڃن ته 120 مان 64 جي اڪثريت جڙي ويندي ۽ اهي ملي ڪري باقي ننڍين سياسي جماعتن کي لتاڙي ڇڏينديون.اقتدار خاطر ياهو جي اڻيل ان ڄار کي بيني هڪ ئي جھٽڪي سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڀني کان گھڻو عرصو اسرائيل تي حڪومت جو خواب ڏسندڙ حڪمران نيتن ياهو خوار ۽ بدنام بڻجي ڪري رهجي ويو آهي.ياهو جي ان پيشڪش جو ٻيو سبب سندس خلاف بدعنوانيء جا هلندڙ ڪيس آهن جن ۾ ڪاروائيء کان هو اڳ ۾ اقتدار سبب محفوظ هو.چدمبرم وانگر جيل وڃڻ جو ڊپ هاڻي هن کي به ستائڻ لڳو آهي ان ڪري هو ڪنهن به طرح اقتدار سان چنبڙيل رهڻ گھري ٿو.ان ڪري اخبار دي گارجين ياهو جي ان ڪوشش کي “اقتدار جي زخميء جون آهون“ سان تعبير ڪيو آهي.نيتن ياهو جهڙيء طرح چدمبرم جي انجام مان سبق سکيو آهي اهڙيء طرح اميت شاه کي به گھرجي ته هو ياهو جي ناڪاميء مان عبرت وٺي ان ڪري جو جيڪر اردن جي واديء تي قبضي جي سياسي راند ناڪام ٿي سگھي ٿي ته ڪشمير واديء جي معاملي ۾ ڪاميابي ڪيئن ٿي حاصل ٿي سگھي؟
(روزاني هلال پاڪستان 29 سيپٽيمبر 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو