Wednesday, June 6, 2018

فلسطينين تي استعمال ٿيندڙ هٿيار ۽ برطانيا.


شفيق الرحمان شاڪر
برطانيا جي هٿيارن جي واپار مخالف هڪ تنظيم Compaign Against Arms Trade(CAAT) انڪشاف ڪيو آهي ته ذريل سال برطانيا اسرائيل کي ٻاويهه ڪروڙ ۽ ڏهه لک پونڊ ماليت جا هٿيار وڪڻڻ جا لائسنس جاري ڪيا هئا جيڪو هيستائين هڪ وڏو ريڪارڊ آهي.2016ع ۾ برطانيا اسرائيل کي اٺ ڪروڙ سٺ لک پونڊن جا هٿيار وڪرو ڪيا هئا جڏهن ان کان پويين سال رڳو ٻن ڪروڙ پونڊن جا هٿيار ۽ ٻيو فوجي ساز سامان اسرائيل سان وڪيو ويو هو.اهڙيء ريت گذريل پنجن سالن ۾ برطانيا اسرائيل کي پنجٽيهه ڪروڙ پونڊن جا هٿيار ۽ جنگي سامان وڪرو ڪري چڪو آهي.
گذريل سال اسرائيل سان برطانيا جيڪي هٿيار وڪرو ڪيا هئا تن ۾ ميزائيل ۽ ٽينڪ اڏائيندڙ گولن کان سواء بندوقون ۽ انهن جون گوليون به شامل هيون جيڪي اسرائيل وڏي بي درديء سان خالي هٿين احتجاج ڪندڙ غزا جي فلسطينين تي فائرنگ دوران وسائي رهيو آهي.اسرائيل کي ايڏي وڏي ۽ غيرمعمولي هثيارن جي وڪري پويان دراصل حڪمران ٽوري پارٽيء ۾ “فرينڊس آف اسرائيل” جي تنظيم جي مهم ڪم ڪري رهي آهي.اها تنظيم ۽ برطانيا ۾ موجود ٻي مضبوط اسرائيلي لابي براطانوي حڪومت تي لاڳيتو دٻاء وجھندي رهي آهي ته اسرائيل کي گھڻي کان گھڻو ۽ جديد ترين هٿيار وڪيو وڃي ڇو ته ان کي “فلسطيني دهشتگردي“ جو سخت خطرو آهي.
گذريل ڏينهن ۾ فلسطينن کان زبردستيء سندن زمين ڦري کين پنهنجن گھرن مان بي دخل ڪرڻ واري عمل جي سترهين سال غزا جا فلسطيني “گھر واپسي” جي نالي سان اسرائيل جي سرحد تائين هڪ پرامن لانگ مارچ ڪري رهيا هئا ته انهن تي اسرائيلي فوج انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سو ٻارهن فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهن ته سوين زخمي ٿي پيا.اسرائيلي فوج جيڪو اسلحو استعمال ڪيو تنهن ۾ برطانيا کان خريد ڪيل هٿيار به شامل هئا.
انهيء پس منظر ۾ ولي عهد شهزادي چارلس جو وڏو پٽ شهزادو وليم اسرائيل جي دوري تي وڃي رهيو آهي جنهن تي انساني حقن جي تنظيمن شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.هنن جو چوڻ آهي ته هن وقت جڏهن فلسطين ۾ باهه ڀڙڪي رهي آهي شهزادي وليم جو اهو دورو ڪرڻ نهايت ئي بيوقوفاڻو عمل هوندوڇو ته اسرائيلي فوج جي بي رحماڻين ڪاروائين سبب اڳي ئي فلسطينين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر موجود آهي.
اسرائيلي سرحد تائين پرامن مارچ ڪندڙ هٿين خالي فلسطينن تي فائرنگ کي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اسرائيلي فوج جو دفاعي قدم ڪوٺيو هو جڏهن ته برطانيا جي وزيراعظم ٽريسا انهيء فائرنگ جي باري ۾ اڻ ڌري ۽ شفاف تحقيقات جو مطالبو ڪيو هو.
هٿيارن جي واپار جي مخالف تنظيم جي هڪ اڳواڻ اينڊريو سمٿ چيو آهي ته گذريل ڏينهن ۾ غزا جي پرامن مظاهرين تي فائرنگ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيل غزا جي معصوم عوام کي ڪهڙي نه بري نموني گڏيل سزا ڏني آهي!
برطانوي حڪومت هڪ طرف اسرائيل جي اهڙين ڪاروائين تي ڳڻتي ظاهر ۽ جاچ جا مطالبا ڪندي ٿي رهي ته ٻئي طرف انهيء جي باوجود لاڳيتو اسرائيل کي هٿيار به وڪرو ڪندي ٿي وڃي ته جيئن اهو انهن بي گناهه فلسطينن تي پنهنجو ظلم ۽ ستم جاري رکي.اينڊريو سمٿ جو چوڻ آهي ته شهزادي وليم جو هاڻوڪو دورو فلسطينن جي قتل عام جي پس منظر ۾ ٿي رهيو آهي.جيڪڏهن شهزادو وليم پنهنجي ان اسرائيلي دوري ۾ کلي ڪري انهيء قتل عام تي اسرائيل جي مذمت نٿو ڪري ته پوء اهو ئي سمجھبو ته برطانيا،شاهي خاندان ذريعي فلسطينين جي قتل عام ۽ اسرائيل جي قهري ڪاروائين جي حمايت ڪري رهيو آهي.شهزادي وليم جي ان دوري سان جتي وچ اوڀر ۾ برطانيا مخالف جذبا اڀرڻ جو انديشو آهي اتي خود برطانيا ۾ به انهيء تي احتجاج جي لهر پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.
 (روزاني عبرت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو