Sunday, June 3, 2018

روزي جو روحاني فلسفو.


شفيق الرحمان شاڪر
حضرت عمر فرمائين ٿا ته اسان پاڻ ڪريم ﷺجن جي خدمت ۾ ويٺل هئاسين ته  هڪڙو اڻ واقف شخص آيو ۽ پنهنجا گوڏا پاڻ سڳورن ﷺ جي گوڏن سان ملائي ويهي رهيو ۽ عرض ڪرڻ لڳو “ حضور! مون کي ٻڌايو ته ايمان ڇا آهي؟”حضور ﷺفرمايو “ايمان اهو آهي ته تون ايمان آڻين تي ،ان جي رسولن،پوين سمورن ڪتابن تي،سٺي يا بري تقدير تي ۽ ايمان آڻين ملائڪن تي.”  انهيء جواب تي هو چوڻ لڳو؛ “توهان سچ چيو.” حضرت عمر فرمائين ٿا ته اسان کي انهيء تي گھڻي حيرت ٿي جو هي ڪهڙو شخص آهي جيڪو سوال به پاڻ ڪري ٿو ۽ وري جواب جي تائيد به پاڻ ئي ڪري رهيو آهي.وري چوڻ لڳو؛ “ اسلام ڇا آهي؟” حضور ﷺجن فرمايو “اسلام اهو آهي ته تون نماز پڙهين،روزا رکين،حج ڪرين، زڪوات ادا ڪرين.” هو وري چوڻ لڳو؛ “ توهان سچ فرمايو.” اسان کي وري حيرت ٿي.پوء هو پڇڻ لڳو؛ “ احسان ڇا آهي؟”ته پاڻ ﷺجن فرمايو ؛ “ احسان اهو آهي ته تون پنهنجي پاليندڙ جي عبادت اهڙيء طرح ڪر جو ڄڻ ته تون هن کي ڏسي رهيو آهين ۽ جيڪر توکي اها ڪيفيت حاصل نٿي ٿئي ته گھٽ ۾ گھٽ اهو تصور ڪر ته هو توکي ڏسي رهيو آهي.” انهيء تي ان شخص ساڳيا لفظ ورجايا ته “اوهان سچ فرمايو.” جڏهن اهو شخص واپس هليو ويو ته حضور ﷺجن فرمايو “ عمر!ڄاڻين ٿو ته هي شخص ڪير هو؟هي جبرئيل امين هو جيڪو اوهان کي دين سيکارڻ آيو هو.”اها حديث صحيح بخاري ۽ حديث جي ٻين ڪتابن ۾ بيان ٿيل آهي.
هن حديث ۾ جيڪا ٽين شيء بيان ڪئي ويئي سا آهي “احسان” جنهن کي تصوف جي زبان ۾ “طريقت” جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو اصل ۾ اسلام جو روح آهي.ان حديث جي روشنيء ۾ طريقت جي تقاضا اها آهي ته بندو پنهنجي مالڪ جي عبادت اهڙيء طرح ڪري ڄڻ ته هو مالڪ کي ڏسي رهيو آهي پر جيڪر ڪنهن کي اها مثالي ڪيفيت ملي نه سگهي ته  گھٽ ۾ گھٽ اها ڪيفيت ته پيدا ڪري ته مالڪ هن کي ڏسي رهيو آهي.اها ڪيفيت ئي جيڪر بندي کي حاصل ٿي وڃي ته ان جي زندگي بدلجي وڃي.جڏهن نماز پڙهڻ بيهي ته ان يقين سان ته منهنجو مالڪ مون کي ڏسي رهيو آهي ۽ جڏهن ڪوبه نيڪ عمل ڪري ته انهيء سرور سان ته منهنجي مالڪ جي محبت ڀري نظر منهن جي مٿان آهي.حضرت علي کان ڪنهن پڇيو؛“ جنهن رب جي عبادت ڪرين ٿو ان کي ڪڏهن ڏٺو به اٿئي؟” حضرت شير خدا  جو جواب ٻڌو! فرمايائون ؛ “لم اعبد رباً لم اراہٗ، يعني آئون ان رب جي عبادت ناهيان ڪندو جنهن کي مون نه ڏٺو هجي.” اهو احسان جو هڪ بلند درجو آهي جيڪو هرڪنهن کي نصيب نٿو ٿئي.
حضرت داتا گنج بخش رحه جن “ڪشف المحجوب” ۾ هڪڙي حديث نقل ڪئي آهي ته “حضور ﷺجن ارشاد فرمايو؛ “ فاقا ڪڍڻ ۽ بک ۽ اڃ برداشت ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪريو، ممڪن آهي ته هن دنيا ۾ ئي اوهان پنهنجي دل جي اکين سان پنهن جي رب جو ديدار ڪري سگھو.” انهيء جو مطلب اهو ٿيو ته احسان جو اهو درجو جيڪو اصل ۾ مومن جو مقصود آهي سو روزي سان حاصل ٿي سگھي ٿو.پر جيڪر روزيدار کي اها ڪيفيت نه به ملي تڏهن به اها دولت هن کي پڪ سان حاصل ٿئي ٿي ته منهنجو مالڪ مون کي ڏسي رهيو آهي.گنهگار کان گنهگار شخص به ٻرندڙ منجھند جو جڏهن اڃ جي سختيء کان تڙپي رهيو هجي ۽ هن کي ڪو ٻيو ڏسڻ وارو به نه هجي پر هو پاڻيء جو هڪڙو ڍڪ به پنهنجي نڙيء تان هيٺ نٿو لاهي جو هن جو يقين آهي ته سندس مالڪ هن کي ڏسي رهيو آهي.اهو رمضان جو اهڙو خاص نور آهي جيڪو مومن کي نصيب ٿئي ٿو.ڪاش اهو نور رمضان وڃڻ کان پوء به سنڀالجي سگھجي ۽ اهو يقين انسان جي طبيعت ۾ گھر ڪري وڃي ته منهنجو مالڪ مون کي هروقت ۽ هر هنڌ ڏسي رهيو آهي.جيڪر اهو نور سدائين لاء انسان جي روح اندر پنهنجو گھر ٺاهي وٺي ته انسان جوگناهه کان بچڻ آسان بڻجي وڃي ٿو.جڏهن ڪو بندو روزي دوران ان احساس سان پاڻي نٿو پيئي ته مالڪ ڏسي رهيو آهي ته پوء اهو دوڪان تي ويهي ٻه نمبري ڪيئن ڪري سگھي ٿو،ٻين جو حق ڪيئن کسي سگھي ٿو،رشوت ڪيئن وٺي سگھي ٿوجو تبارڪ وتعاليٰ ته ان وقت به ڏسي رهيو آهي.جڏهن ڪوٺيء جو دروازو بند ڪري ۽ اتي رکيل بت مٿان چادر وجھي زليخا حضرت يوسف عليه السلام کي گناهه جي دعوت ڏني ته پاڻ فرمايائون؛ “ جي پناهه! منهنجو خدا ته ستين ڪوٺيء ۾ به ڏسي پيو.”
 محبوب مدني ﷺجن فرمايو؛ “ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جڏهن ڪا ڇانو نه هوندي ته ست ماڻهو اهڙا هوندا جن کي رب تعاليٰ پنهنجي عرش جي ڇانو ۾ جڳهه ڏيندو جن مان هڪڙو شخص اهو هوندو جنهن کي ڪنهن خوبصورت عورت گناهه جي دعوت ڏني پر هن اهو چئي سندس ان پيشڪش کي ٺڪرائي ڇڏيو ته آئون خدا کان ڊڄان ٿو.”
امام يافعي “روض الرياحين” ۾ هڪڙو واقعو لکيو آهي ته هڪڙو نوجوان ڪپڙي جي دوڪان تي ڪم ڪندو هو.هڪڙي عورت آئي جنهن جي ان نوجوان سان دل اڙي پيئي.هن ضرورت کان گھڻو ڪپڙو خريد ڪري دوڪاندار کي چيو ته هن نوجوان کي مون سان گڏ موڪل ته منهن جي ڳٺڙي کڻائي هلي.جڏهن اهو نوجوان ان عورت جي گھر پهتو ته عورت اندران دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ هن کي گناهه جي دعوت ڏيڻ لڳي.ان نوجوان چيو ته “آئون خدا کان ڊڄان ٿو.“ پر عورت هن جي هڪ به نه ٻڌي. آخر هن کي هڪڙي اٽڪل سمجهه ۾ آئي.هو بيت الخلاء ۾ ويو ۽ پنهنجي منهن ۽ بدن تي گندگي ملي ڇڏي.جڏهن عورت کيس ان حالت ۾ ڏٺو ته سندس سمورا نشا ٽٽي ويا ۽ هن سمجھيو هي ته ڪو پاڳل آهي سو دروازو کولي ڇڏيائين.ٻاهر نڪري ان نوجوان خدا جو شڪر ادا ڪيو جو هو ظاهر ۾ ته گندو ضرور ٿيو پر سندس من گناهه جي گندگيء کان بچي ويو.جيئن بزرگ فرمائين ٿا ته دل جي ڪاراڻ کان منهن ڪارو چڱو! امام يافعي لکن ٿا ته اهو نوجوان جيترو عرصو زندهه رهيو سندس بدن مان مشڪ ۽ امبر جي سرهاڻ ختم نه ٿي ۽ جڏهن گذاري ويو ته اها خوشبوء سندس قبر جي مٽيء مان به ايندي هئي.
احسان جو اهو معاملو صرف بندي ۽ سندس مالڪ جي وچ ۾ راز هوندو آهي ۽ تعاليٰ پنهنجن اهڙن پيارن ٻانهن جا ناز کڻڻ فرمائيندو آهي.انهيء ڪري هڪ حديث قدسيء موجب   تبارڪ وتعاليٰ فرمائي ٿو ته “روزو خاص منهنجي لاء آهي ۽ آئون ئي ان جو بدلو آهيان.”انهيء ڪري جو اها هڪ لڪيل عبادت آهي جنهن ۾ انسان جي حقيقي پرهيزگاريء جي پرک ٿئي ٿي ۽ بندو احسان جي منزل طرف سفر ڪري ٿو.هاڻي مٿين ٻنهي حديثن کي جيڪر ملائي ڏسجي ته اها روحاني حقيقت سمجھڻ ۾ آساني ٿي وڃي ٿي. جيڪورڳو خدا جي خوف کان گناهه جي ويجھو نه وڃي ته انهيء جي جڳهه عرش الاهيء جي ڇانو ۽ جيڪو خاص خدا جي لاء روزو رکي ان جو اجر رب ڪريم پاڻ! انهن ٻنهي معاملن ۾ هڪڙو ڳانڍاپو آهي سو آهي خدا جي خوف ۽ اخلاص جو.روزي جو مقصد صرف کاڌو پيتو يا جنسي خواهشون ڇڏڻ نه پر اهو احساس پنهنجي روح اندر مستحڪم ۽ مضبوط ڪرڻ آهي ته منهنجو مالڪ مون کي ڏسي رهيو آهي ۽ اهو احساس ايترو ته پڪو ٿئي جو زندگيء جي هر معاملي،اٿڻ ويهڻ،ڏيتي ليتي،ڌنڌي ڌاڙي،وهنوار ۽ ورتاءمطلب ته زندگيء جي هر راه ۽ هر سفر ۾ انسان احسان جي اها منزل حاصل ڪري وٺي جتي سندس اندر مان ڪنن کي اهو آواز صاف ٻڌڻ ۾ ايندو هجي ته “ اي انسان! يقين رک ته وڏي محبت ۽ شفقت وچان تنهن جو خدا توکي ڏسي رهيو آهي.”
(روزاني مهراڻ 2 جون 2018ع)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو