Friday, June 15, 2018

ايندڙ اليڪشني پهلوان،عمران ۽ انقلاب!


شفيق الرحمان شاڪر
هڪڙو پهلوان جنهن کي اميدواريء جو سندرو ٻڌائي اليڪشن جي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي انهيء کي ٻيون ته کوڙ خبرون آهن پر کيس اهو پتو ناهي ته پاڪستان دنيا جي ڪهڙي کنڊ ۾ آهي.هڪ ٻيو پهلوان جنهن کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي ان جي اندر ظاهر ۾ ته ٻي ڪابه خوبي نظر نٿي اچي سواء ان جي جو سندس پيٽ جي ايراضي ڪافي پکڙيل آهي .هڪ ٻئي پهلوان کي ايتري به خبر ناهي ته حڪومت ۽ رياست ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي.هڪڙي ٻئي اليڪشني پهلوان کان سوال ڪيو ويو ته اليڪشن ۾ اميدوار بيهڻ وقت توهان جا ڪهڙا جذبا آهن؟ فرمايائين آئون نهايت ٿڌو ماڻهو آهيان ۽ مون کي ڪڏهن به جذبات ناهي ايندي.هڪڙي کان سوال ڪيو ويو ته چونڊون کٽڻ کان پوء توهان جو لاحئه عمل ڇا هوندو ؟ جواب ڏنائين پنهن جي مخالفن کي ڳولهي ڳولهي پورا پلاند وٺندس.هڪ ٻئي پهلوان کي اهو به پتو ناهي ته ڪنهن اسيمبلي ميمبر جو ڪم ۽ ذميداريون ڇا هونديون آهن. چوڻ لڳو ته اسيمبلي ميمبر کي پنهنجي ووٽر ن سان سندن مردن جي تعزيت ۽ سندن شادين ۾ شرڪت ڪرڻ ان جو بنيادي فرض آهي. هڪڙي مهربان جو چوڻ آهي ته اسيمبليء ۾ گھڻو گوڙ ڪرڻ سندس شان ۽ وقار جي خلاف آهي ان ڪري هو گذريل اسيمبليء ۾ به ننڊ جون گوريون کائي سمهي پوندو هو،باقي قاضي ڄاڻي ۽ قيام ڄاڻي.هڪڙي اميدوار کان سوال ڪيو ويو ته توهان ماضيء ۾ مسلسل نو ڀيرا ميمبر چونڊجي چڪا آهيو ان عرصي ۾ توهان پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي؟ چوڻ لڳو مون ان عرصي ۾ پنهنجي تڪ جي ماڻهن کي ايتري ته محبت ڏني آهي جو اهي مون کان سواء ٻئي ڪنهن اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو سوچي به نٿا سگھن.هڪڙي کان سوال ڪيو ويو ته توهان جي خيال ۾ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر نه هئڻ جو بنيادي سبب ڪهڙو آهي؟ فرمايائين؛ پاڪستان بار بار انڊيا جي فلمن تي پابندي لڳايو ڇڏي ته لاڳاپا ڌوڙ بهتر ٿيندا! هڪڙي ٻئي دانشور طرز جي پهلوان کان پڇيو ويوته سنڌ جي تعليم ڪيئن بهتر ڪري سگھجي ٿي؟ چوڻ لڳو ؛هڪڙو ئي علاج آهي ته سمورا سرڪاري اسڪول پرائيويٽ شعبي کي ڏيئي ڇڏڻ گھرجن،فيون ڳريون هونديون ته ماڻهن کي تعليم جو قدر ٿيندو.هڪڙي ديانتدار نظر ايندڙ اميدوار کان پڇيو ويو ته اوهان اسيمبلين ۾ پهچي پوء ڪرپشن ڇو ٿا ڪريو؟ جواب ڏنائين؛ هر اليڪشن ۾ خرچ ٿيل ڪروڙين روپيا جيڪر واپس حڪومت مان ئي وصول نه ڪيون ته پوء اسان هڪڙي اليڪشن ئي ۾ سڃا ٿي وڃون،ٻي ڳالهه اها ته اسان به عوام جا نمائندا ۽خزانو به عوام جو ،سو کير وهي پيو وري ڀت  ۾! اهي ته ٿيون هن اليڪشن جون ڳالهيون ،ماضيء ۾ توهان انهن سياسي پهلوانن جي دانش ۽ حڪمت ڀريل عظيم خيالن کان وقت به وقت واقف ۽ فيضياب ٿيندا رهيا آهيو.مثال؛ ڊگري ڊگري هوندي آهي پوء اصلي هجي يا نقلي!هڪڙي صاف گو ۽ سچي اسيمبلي ميمبر ته هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾ سرعام معصوميت وچان اهو سوال به ڪري وڌو ته ڇا ڪرپشن تي اسان اسيمبلي ميمبرن جو ڪو حق ناهي؟اليڪشن مهم دوران ٿيندڙ تقريرن ۾ به حڪمت ۽ سياڻپ جا عظيم موتي وافر مقدار ۾ وهندي نظر ايندا،بس ڪو اعليٰ دماغ هجي انهن رمزن کي سمجھڻ وارو.هڪڙو لطيفو جيڪو ڪافي پراڻو ٿي چڪو آهي جو بدين جي ڪنهن عوامي نمائندي کي سندس چونڊ مهم دوران ماڻهن ميٽرنٽي هوم جي سهوليت موجود نه هئڻ جي شڪايت ڪئي.بس هتان اهو مطالبو آيو ئي مس هو ته عوام جي درد سان لبريز ان انسانيت دوست اميدوار اهو اعلان ڪري وڌو ته اوهان رڳو هڪڙي ميٽرنٽي هوم جو مطالبو ڪيو آهي،ڇا ياد ڪندا جو آئون هڪ نه پر ٻه ميٽرنٽي هوم جوڙائيندس،عورتن لاء الڳ ۽ مردن لاء الڳ!شڪر ٿيو جو هن اها پابندي نه لڳائي ته مردن کي پڪڙي زبردستيء انهيء ميٽرنٽي هوم ۾ داخل ڪرايو وڃي.اهو لطيفو به گھڻن ضرور ٻڌو هوندو ته ڪو اليڪشني پهلوان چونڊ مهم دوران پنهنجن ووٽرن وٽ ڪنهن مردي جي تعزيت لاء پهتو،تعزيت بعد ان مردي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاء اميدوار صاحب خوشامدن جا پل تعمير ڪندي چوڻ لڳو ته مرحيات سان منهنجا تمام پراڻا تعلقات هئا ۽ ساڻس سڄيون سڄيون راتيون محفلون مچنديون ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون. ترت ئي پاسي ۾ ويٺل ڪنهن پراڻي چمچي سندس ڪن ۾ سس پس ڪندي چيو ؛ سائين باشا،ڇا ٿا ڪيو،اهو مردو مرد نه پر عورت هئي.خير،اهي ته هيون ڪجهه کل ڀوڳ جون ڳالهيون پر سنجيده ڳالهه اها ته پي ٽي آئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ عمران خان جي اڳواڻيء ۾ پاڪستاني سياست،سماج ۽ نظام حڪمرانيء ۾ عظيم تبديليء جو نعرو کڻي نروار ٿي هئي، موجوده چونڊن کان پهرين ئي سخت هيجان،بحران ۽ انتشار جي ڪيفيت جو شڪار ٿي چڪي آهي ۽ پارٽي ڪارڪنن جو احتجاج اجلاسن ۽ گڏجاڻين جا ليڪا لتاڙي روڊن ۽ رستن تي پهچي چڪو آهي.تحريڪ انصاف کي پيش آيل تازو بحران ڪنهن دشمن يا مخالف ڌر جو پيدا ڪيل نه پرخير سان عمران خان ۽ سندس ڪجهه “پيارن ” ساٿين جو پيدا ڪيل آهي يعني “اس گھر ڪو آگ  لگ گئي گهر ڪي چراغ سي،”ڪيڏي نه بدقسمتيء جي ڳالهه آهي جو سالن جي سياست جي ستمن جي ستايل عوام خاص طور تي نوجوانن جي نيڻن ۾ عمران جي صورت ۾ تبديليء جا جيڪي سپنا سرجيا هئا اهي هر ايندڙ ڏينهن تي چڪنا چور ٿيندا ٿا وڃن.انهيء الميي جي شروعات تڏهن ٿي جڏهن عمران خان پنهنجي پارٽيء ۾ شامل ڪيل يا  شامل ڪرايل ڪجهه “تجربيڪار“ سياستڪارن جن کي ٻين لفظن ۾ “اليڪٽيبلس” چئبو آهي انهن جي “دانشمنداڻين” صلاحن جي روشنيء ۾ پي ٽي آئي ۾ روايتي سياست يعني “نظرياتي” جي بدران “ مالياتي“ سياست جا در کولي ڇڏيا.جنهن مان پهريون تاثر ته آسن ڀري عوامي طبقي ۾ اهو مضبوط ٿيڻ لڳو ته عمران خان جو اول ۽ آخر مقصود ۽ مطلوب صرف ملڪ جي وزيراعظم جي ڪرسي تي ويهڻ آهي پوء انهيء لاء ڪهڙا به وڻندڙ يا اڻ وڻندڙ طريقا اختيار ڪرڻا ڇو نه پون.خان صاحب ڀلي سوين جواز ۽ دليل پيش ڪري پر سچ اهو آهي ته هن نه رڳو پنهنجن پراڻن ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي سخت مايوسيء جي ڌٻڻ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي پر ساڻس محبتون ۽ اميدون رکندڙ هڪ وڏي عوامي طبقي کي به افسوس ۽ حيراني ٿيڻ لڳي آهي.جهڙي طرح ٻين اهم سياسي پارٽين جو اصل سرمايو ڪارڪنن بدران فيوڊل ۽ سرمائيدار رهجي ويا آهن بلڪل اهڙيء طرح پي ٽي آئي به چند فيوڊلز ۽ سرمائيدارن وٽ يرغمال بڻجي ڪري رهجي ويئي آهي.روڊن تي موجود پي ٽي آئي ڪارڪن تحريڪ انصاف کان ٽڪيٽن جي ورهاست جي معاملي ۾ پراڻن،سچن ۽ قربانيون ڏيندڙ نظرياتي ڪارڪنن سان ٿيل ناانصافيء خلاف انصاف گھري رهيا آهن.ان سوال کي جيڪر ڪو ڪپتان جي انڌي محبت ۾ ڀلي نرانداز ڪري ڇڏي پر سوال ته بهرحال وزن رکي ٿو ته جيڪا قيادت پنهنجن ڪارڪنن کي انصاف مهيا ڪري نٿي سگھي اها ملڪ ۽ قوم کي ڪهڙو انصاف مهيا ڪري سگھندي؟ احتجاج جي ان صورتحال کي ڀلي  دشمن جي ڪنهن سازش جو نالو ڏنو وڃي پر ان حقيقت کان ڪيئن انڪار ڪري سگھجي ٿو ته عمران خان هڪ سو کان مٿي لوٽن کي پنهنجي پارٽيء ۾ پناهه ڏيئي چڪو آهي،انهن ۾ ٻين آزمايل پارٽين جيان ئي اهڙا به آهن جن تي ڪرپشن جا سنگين الزام آهن،ڪيترن تي ئي قومي خزاني مان ڦرلٽ جا ڪيس داخل آهن،ڪيترائي ڪرمنل ريڪارڊ رکندڙ وڏيرا ۽ جاگيردار شامل آهن جيڪي سالن کان پاڪستان جي غريب عوام کي آزاريندا،ايزائيندا،ستم ۽ سور ڏيندا ۽ هن استحصالي نظام جي مضبوطيء جو سبب بنبا رهيا آهن.جيڪر عمران خان وٽ ڪا اهڙي ڪرامت آهي جو هو ڪچين عمارتن مان ڪا پڪي عمارت جوڙي سگھي ، بيمار ذهنن مان ڪنهن صحتمند جسم کي جنم ڏيئي سگھي ،قانون جا بکيا اڍيڙيندڙن کي قانون ۽ انصاف جو محافظ بڻائي سگھي ۽ انسانن کي پنهنجو غلام سمجھي انهن سان جانورن کان به بدتر سلوڪ ڪندڙن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي  انسانيت جو خادم بڻائي سگھي ته اهڙو معجزو تاريخ ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي حصي ۾ ايندڙ پهريون معجزو ۽ تاريخ ۾ انهيء رنگ ۽ ڍنگ سان  ايندڙ ڪا حقيقي مثبت تبديلي پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو هوندو. ايندڙ اليڪشن جا نتيجا کڻي ڇا به اچن،عمران خان ڀلي اليڪشن کٽي وزيراعظم به ٿي وڃي پر افسوس جو هو اخلاقي ۽ نظرياتي جنگ بريء طرح هارائي چڪو آهي.

(روزاني عوامي آواز 14 جون 2018ع) 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو