Monday, June 4, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ انتها کي پهچ ته کُلي پوين



أشۡتَدِّیۡ ازمَۃُ تَنۡفَرِجِیۡ( هي حديث مبارڪ امام محمد بن يوسف شامي پنهنجي ڪتاب سيرت “ سبل الهديٰ والرشاد” ۾ آندي آهي.
ترجمو: اي سختي، انتها کي پهچ ته کُلي پوين.

سمجهاڻي:موسم جي حوالي سان سخت گرمي ۽ گهٽ ٻوسٽ ٿيندو آهي. پوءِ ترت ڪارا ڪڪر ٿي رحمت جا بادل وسڻ لڳندا آهن. ڏڪار پويان سڪار، زحمت کان رحمت ۽ ڏکن پٺيان سک ۽ سڪار سڻايون ٿينديون آهن. هميشه عروج کي زوال اچڻو آهي. مشڪلاتون سدائين نه هونديون آهن. پر آزمائش کان پوءِ مشڪلاتون حل ٿي وينديون آهن. سک ۽ سهنج جا گونچ ڦٽندا وڻ وڻڪار ۽ گل گلزار ٿي پوندا آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هن حديث نبويءَ جي هن ريت ترجماني ڪئي آهي.
ڏکن پٺيان سک، سگها ٿيندئي سسئي
پير مَ ڇڏج پرينءَ جو، توڻي لڪون لک
ڏورج پاسي ڏک، ته پوي ٻاجهه ٻروچ کي

(شاهه)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو