Monday, June 4, 2018

جمهوريت جي جٺ


حافظ سڪندر تنيو
اڄڪلھه جي اخبارن ۾ ۽ ميڊيا جي چئنلز ۾ سياسي ماڻهن جا رڳو ڀوڳ تماشا باندرن وارا ڏسڻ ۾ پيا ٿا اچن، ميڊيا جي هٿن ۾ تن جون ڏوريون ۽ ڊيٻڪيون ڏنل آهن جن تي کين نچايو پيو وڃي، ان ڪري اخبارون پڙهڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ تان ارواح ئي کڄيو ٿو وڃي، ليکڪ جي مجبوري هوندي آهي ته هو اخبارون ۽ چينل ڏسي مواد لکڻ جو سامان هٿ ڪري، پر هتي جي پارليامينٽ پڻ ڇيڙي ٻڌي ڇيڄ ڪندي ٿي رهي، جنهن کي جمهوريت چيو ٿو وڃي، ڪٿي هڪ ٻئي مٿان گارين جي ڳئي پئي ٿي پوي، ڪٿي جتيون ٽڪڻ تي ٿيون وسن، ڪٿي ٽيبلن کي وڄائي راڳ ست سريون ڳايو ٿو وڃي، انڪري اسين ڪنڊ پاسن جون خبرون پڙهي مضمون لاءِ مواد ميڙي وٺندا آهيون، تازو قومي اسيمبلي جو آخري اجلاس هلي پورو ٿيو، ميمبر بوڇڻ ڪلهي تي رکي گهرن ڏانهن راهي ٿيا، پر47 ۾ انڊيا کان آيل پناهگير جن کي شايد اڃا گهر گهاٽ ملي نه سگهيو آهي تن مان چوڏهن ڄڻاايئر ڪنڊيشن هال ۾ ويهي پنهنجي پناهگير يت جو روئڻو روئي رهيا هئا، ساڻن ٻه ٻيا ميمبر به گڏ ويهي ننڊ جا گهوگهرا هڻي پنجن سالن جا مزا ياد ڪري سٺا خواب لهي رهيا هئا، اسپيڪر اجلاس ڇڏي هليو ويندو آهي ته پويان هڪ ميمبر کي سندس غير موجودگي ۾ ڪو مسئلو پيش ٿئي ته ان کي حل ڪرڻ لاءِ سيٽ تي ويهاري ويندو آهي، ان ڏينهن اها ذميواري هڪ پناهگير کي ڏيئي هليو ويو هيو، اوچتو ايم ڪيو ايم جي چوڏهن ميمبرن کي مٿي کي ڀانواٽي اچي ويئي،
هن ان ميمبر کي چيو ته اسان سنڌ کي ورهائي ڏکڻ صوبو ٺاهڻ جي رٿ آڻڻ ٿا چاهيون کين اهڙي اجازت ڏني وڃي، هن ميمبر ۾ ڪي چڱا لڇڻ اڃا ثابت هئا، تن کين چيو ته رٿ آڻڻ جا طريقا هوندا آهن هڪ ڪميٽي هوندي آهي ان آڏو پيش ڪئي ويندي آهي، ان جي اجازت ملڻ بعد رٿ ڏيئي سگهبي آهي، همراهن جو اڇليل ڍارو ناڪام پئي ويو هنن سمجهيو ته سورنهن ميمبرن مان هي 14 ڄڻا لاوارث ويٺل آهن، سو اڪثريت سان اهو بل پاس ٿي ويندو، اردو دهلاري ميڊيا انتي طبلا وڄائي بريڪنگ نيوز بڻائيندي ته سنڌ جي ورهاست بابت هڪ رٿ گهڻائي جي راء سان پاس ڪئي ويئي، پر ان ميمبر کين اجازت نه ڏني، پوءِ جيئن ته سندن فطرت ۾ فساد سمايل آهي جيڪو هو ٻيو سامان ته سڃا ڀائي اتان نه آڻي سگهيا هئا پر نفرت جون ڳنڍيون مٿي تي کڻي سنڌ پهتا هئا، هنن کڻي اڀ مٿي تي کنيو ته جيڪڏهن کين رٿ پيش ڪرڻ نه ڏني ويئي ته جمهوريت خطري ۾ پئجي ويندي، سو هن اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو همراهن سان ”دل ڪي ارمان آنسوئون ۾ بھ گئي، ” ڀري دنيا ۾ آخر ھم اڪيلي رهه گئي “ جهڙي ڪار ٿين، ميڊيا کي بريڪنگ نيوز نه ملي سگهي، اخبارن جون وٽيون پاسا ڳولهيندي هڪ پراڻي خبر ڏٺم ته لاهور جي چڙيا گهر جي ڇويهن سالن جي هاٿڻ جي ٻچي کي هڪ دواساز ڪمپني جي مالڪ ست لک ٻٽيهن هزارن ۾ خريد ڪري گود، هنج ورتو آهي،
جيئن ڪجهھ سال اڳ شارجا۾ عرب سڳورا دنيا ڀر جي ڪرڪيٽر رانديگرن کي هنج وٺي ويهاريندا هئا، سندن نيلامي ڪرائي ويندي هئي، مئچ فڪسنگ جا سٽا انهن پاليل ٻچن ذريعي هنيا ويندا هئا. سموري دنيا جا سرمائيدار شيخ مرحبا جا نعرا هڻندي ايئر پورٽن تي لهندا هئا، عرب اسپانسر سندن ڳلن تي چميون ڏيئي يا حبيبي چئي سندن ڀليڪار ڪندا هئا، پوءِ ميچ ۾ پيسا هارائي پاڪستاني سرمائيدار ڀاڙي جي پئسن نه بچڻ ڪري پاڻي جي جهازن تي نوڪر ٿي ڪراچي اچي پهچندا هئا، ان هاٿيءَ جي ٻچي کي هنج وٺندو ڏسي اسان جي حڪمرانن به سنها ٿلها ڏٻرا متارا جانور هنج وٺڻ شروع ڪيا، صدارتي ۽ وزارتي محلن ۾ گهوڙن جي ڪڙهه بڻائي ويئي جتي پولو کيڏڻ جا گهوڙا بادام کائڻ لڳا، هڪ آمر ايڊمنسٽريٽر پڻ ڪتن جا ٻچا ڪڇ ۾ کڻي کين سرهن صابڻن سان وهنجاريندو رهيو، هڪ پير صاحب پڻ ريس جا گهوڙا گود وٺي پئي پاليا، هير سيالڻ جي جهنگ شهر جي هڪ عابد گذار پڻ گهوڙن جو واپار ڪرڻ لڳي ۽ پوءِ گهوڙن جو ملھه ڏسي ڪيترا اسيمبلي ميمبر پڻ پولھيون لوڏي پڙي ءَ تي وڪڻڻ لاءِ اچڻ لڳا.اسين جانورن کي پالڻ، پيار ڪرڻ کي خراب نٿا سمجهون، پر ايتري اهميت انسان جي اولاد کي ملي ته جيڪر سندن سور لهي وڃن، جو غريب ماڻهو سور جي ڪيپسول وٺڻ جي سگهه نه هوندي تڙپي ساهه ڏيو ٿو ڇڏي ، ڪن ٻارن کي سردي کان بچڻ لاءِ ڳوڻ جو ٽڪرو حاصل ناهي،
ڪيترا ٻارڙا پيرين اگهاڙي اسڪول وڃن ٿا، ڪي پڙهڻ ڇڏي بيک پني پيٽ ۾ ڳڀو وجهن ٿا، 70سال جي جمهوريت ۽ آزادي ماڻهن کي پڙهائي نه ڏيئي سگهي آهي، اڻ پڙهيلن جو انگ سنڌ۾ وڌندو ٿو وڃي، جنهنڪري وڏيرا ووٽ کانئن کسي رهيا آهن. ۽ وڏيرن جي تعليم پرائڻ جو حال هي آهي جو ويھه سال لاڳيتو ميمبر رهڻ باوجود اسيمبلي ۾ هڪ اکر ڳالهائي نه سگهيو آهي، وري وري ساڳين گونگن کي ٽڪيٽ ڏني ٿي وڃي. جيڪي زبان هوندي ڳالهائي نٿا سگهن تن جون زبانون هن ڀيري ووٽ گهرڻ وقت ڪاڪڙي کان ڪپيون وڃن. جمهوريت جي نالي ۾ ھيء جٺ به ڏٺي سين جو اقتدار جي ڌڻين ملڪي خزاني جا پئسا کڻي سئزرلينڊ، دبئي، انڊيا۽ انگلينڊ جي بئنڪن ۾ پنهنجي اولاد جي نالي لڪائي مني لانڊرنگ پئي ڪئي آهي، جيڪڏهن ملڪ جو ڀلو گهرڻو آهي ته قانون ۾ ترميم ڪرڻ گهرجي، جنهن کي اولاد ٿيڻ جو آسرو ئي نه هجي انکي ميمبر ٿيڻ ڏنو وڃي، جو اولاد کي آسودو رکڻ ڪري ڪرپشن ڪئي ٿي وڃي، انڪري ئي هاڻي کدڙن فقيرن کي ئي اليڪشن ۾ بيهڻ جي اجازت هئڻ کپي، جوکين اولاد ٿيڻ جو آسرو ئي ناهي ته هو ڪرپشن ڪنھن لاءِ ڪندا؟ پر ان تي نظر به رکي وڃي ڇو جو هتي ڪيترا ميمبر اهڙا ڏٺاسين جن مدرسن ۾ نه پڙهندي به ملان جي واسڪوٽ ۾ وڏا نوٽ وجهي کانئس ملا مشائخ جي ڪوڙي ڊگري وٺي اسيمبلي ميمبر ٿيڻ جو اهل بڻايو هيو، ٻئي طرف ميڊيڪل جا ڊاڪٽر پڻ چڱن ڀلن کي بيمار ڄاڻائي کين ڪوڙ جا سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهن ته ڀوتار جو علاج هتي اسپتالن ۾ ٿيڻ مشڪل آهي سندس بيماري زائفن جي بيماري جيان ٻڌائڻ جهڙي ناهي، کين جيل مان جلدي ڪڍي پر ڏيھه روانو ڪجي، اهڙي طرح ايئن نه ٿئي جو اڳتي هلي سڀيئي ميمبر کدڙي هئڻ جو سرٽيفڪيٽ آڻي اليڪشن ۾ بيهي رهن ۽ ڪيل قانون سازي اهميت وڃائي ويهي رهي، گود وٺڻ تان ڳالھه ياد آيم ته يورپ جي ھڪ ايڪٽر يس ڏهه ٻارنهن يتيم ٻار هنج وٺي پاليا هئا جنهن عمل جي دنيا سڄي ۾ ساراهه ڪئي ويئي پر اسان جي ملائيت فتوا جاري ڪئي ته ڪسبياڻي ءَ اهو ڪفر جوڪم ڪيو آهي، جڏهن ته پاڻ هنن هڪ ٻار يتيم به هنج وٺي ڪين پاليو آهي، اهڙي طرح ستارايڌي جيڪو پاڻ ته گدلو رهندو هيو، جو مهينو مهينو وهنجندو به ڪين هيو، پنهنجي جان تي خرچ بجاءِ ھزارين يتيم ٻار هن پالي انسانيت کي اعزاز بخشيو هيو، پر ملائيت سندس جنازو پڙهڻ کان انڪار ڪيو هيو.
اهڙي طرح ڏٺوسين شام جي گهرو ويڙہه وقت عرب پناهگير پناهه خاطر ڀر وارن ملڪن ڏانهن روانا ٿيا ته سڀني ڪلمي پڙهندڙ ملڪن سندن لاءِ سرحدون بند ڪري ڇڏيون، هڪ معصوم ٻارڙو سمنڊ ۾ جهاز ٻڏي وڃڻ سبب لڙهي مري ويو، سندس لاش اونڌي منهن اچي ڪناري تي پهتو، جنهن سموري دنيا کي سواءِ عرب جي حڪمرانن جي رئاري وڌو هيو، اسان وٽ نگران حڪومت جو تصور پڻ رائج ڪيو ويو آهي ته اهڙا ماڻهو نگران ڪيا وڃن جيڪي اليڪشن کي شفاف بڻائين ۽ اقتدار کٽي ايندڙ ماڻهن حوالي ڪري هليا وڃن، پر سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي پاڻ ۾ ڪٿي لڪيل ته ڪٿي ظاهر سنگت آهي تن صلاح ڪري اهڙي نگران حڪومت آندي آهي، جيڪا ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي اشارن تي هلڻ واري آهي، وزير اعلي کي ڪابينا پڻ ٻنهي پارٽين پنهنجي ماڻهن جي ٺاهي ڏني آهي، جنهن ۾ واجد دراني نالي هڪ رٽائرڊ پوليس آفيسر آهي، جنهن کي گهرو وزير بڻايو ويو آھي جنھن مٿان مير مير مرتضي جي قتل جا الزام پڻ لڳل آهن، ان ڪري اهڙي وزارت ۽ ڪابينا پنهنجو غيرجانبداري هئڻ وارو تاثر وڃائي ويهي رهي آهي، جنهن ڪري ماڻهن جوجمهوريت تان ويساهه کڄي ويو آهي ۽ جمهوريت جي نالي ۾ جٺيون ٿي رهيون آهن، بس خدا پاڪ سنڌ تي رحم ڪري.
(روزاني عوامي آواز 4 جون 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو