Friday, June 8, 2018

هڪ ٻي نظرياتي شمع وسامي ويئي!


شفيق الرحمان شاڪر
کاٻي ڌر جي سياست ڪندڙ ،ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جي ڳوٺ مونگر پليجو ۾  21 فيبروري 1930ع تي جنم وٺندڙ عظيم ڏاهو،دانشور، محقق،ليکڪ،سياستدان ۽ قانون دان جناب رسول بخش پليجو 88 سالن جي ڄمار ۾ نيٺ هي فاني جهان ڇڏي ويو.ننڍپڻ کان ئي ذهين.چست ۽ محنتي طبيعت جو مالڪ پليجو صاحب نه رڳو هند ۽ سنڌ پر بين الاقوامي ليول تي به پنهنجي قابليتن،ذهانت ۽ صلاحيتن جي بنياد تي گھڻي عزت  ۽ شهرت حاصل ڪئي.هن جي سڃاڻپ رڳو ڪنهن هڪڙي شعبي جي ڪري نه هئي پر هو هڪ ئي وقت اصول پسند سياستدان،زبردست قانوني ماهر،انقلابي اڳواڻ،نظرياتي انسان،تاريخ دان ،محقق،اديب ۽ تنقيد نگار هو.پليجو صاحب ٻين جي راء ٻڌڻ ۽ پنهنجي راء بنان ڪنهن مصلحت ۽ منافقت جي سڌي ۽ صاف انداز ۾ ڏيڻ جو عادي هو.ڪو وقت هو جو سندس نظرياتي ڪارڪن سندن ڳالهين،خيالن،اٿڻي ويهڻي ۽ لباس وغيره ذريعي پري کان سڃاتا ويندا هئا.سنڌ ۾ پيادل لانگ مارچ جو تصور حقيقت ۾ هن ئي متعارف ڪرايو.وقت جي بدلجندڙ حالتن ۽ ماحول جا اثر ٻين پارٽين ۽ تحريڪن جيان پليجي صاحب جي جماعت تي به ضرور پيا تنهن هوندي به هن اجتماعي سوچ،مستقل جدوجهد،اعتماد ،صبر ۽ تحمل جي حوالي سان سنڌ جي سياست تي جيڪي اثر ڇڏيا انهن کان انڪار ڪري نٿو سگھجي.پليجو صاحب پنهنجي سياسي جدوجهد دوران زندگيء جا يارهن سال جيل ۾ گذاريا.وقت جي بدترين آمر ضياء جي خلاف هلندڙ ايم آرڊي جي تحريڪ ۾ پليجو صاحب تحريڪ جي مرڪزي روح روان جي حيثيت سان جيڪو شاندار ڪردار ادا ڪيو سنڌ ان کي وساري نٿي سگھي.انهيء تحريڪ دوران 1980ع ۾ پليجو صاحب ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد به رهيو.1981ع ۾ کيس ايمنيسٽي انٽرنيشنل پاران  ضمير جو قيدي قرار ڏنو ويو.هڪڙي دفعي پليجي صاحب جي اڳواڻيء ۾ ريلي ڪڍي ويئي هئي.ان ريليء کي  گورنر هائوس تائين پهچڻو هو،ريلي صدر مان گذري رهي هئي ۽ ريليء جي پويان پوليس لڳل هئي. پوليس جي ڪوشش هئي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ريليء کي اتي ئي روڪيو وڃي يا ان جو رخ تبديل ڪيو وڃي  ته جيئن اها ريلي ڪنهن به صورت ۾ گورنر هائوس نه پهچي سگھي ۽ ريليء ۾ شامل مظاهرين کي هيڏانهن هوڏانهن منتشر ڪري ڇڏجي.انهيء دوران ريليء جي ڪوريج لاء آيل فوٽو گرافرن پليجي صاحب کان مطالبو ڪيو ته هو ٿوري دير لاء ريليء کي روڪي ته جيئن ته جيئن اهي ڪجهه تصويرون ٺاهي وٺن.جڏهن ان مقصد لاء پليجي صاحب سان رابطو ڪيو ويو ته هن صاف انڪار ڪيو ته اسان جي پويان پوليس لڳل آهي،ريليء جو مقصد تصويرون ڪڍرائڻ نه پر گورنر هائوس تائن پهچڻ آهي ان ڪري ريليء کي ڪنهن به صورت ۾ روڪي نٿو سگھجي.اهڙيء طرح نيٺ اها ريلي پنهنجي منزل تي پهچي ويئي.آخري سالن ۾ پليجي صاحب جي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي ۽ هو ڪافي ڪمزور به ٿي چڪو هو پر ان حالت ۾ به هن هڪ دفعي سکر کان ڪراچيء لاء نڪرندڙ پيادل ريلي جي قيادت ڪئي ۽ هر وقت ڪارڪنن سان گڏ رهيو.
پاڪستان ۾ سياسي جدوجهد جي تاريخ مان رسول بخش پليجي جو نالو ٻاهر ڪڍي نٿو سگھجي.هن تمام ڊگھي جدوجهد ڪئي  آهي.جڏهن خان عبدالولي خان عوامي نيشنل پارٽيء جو صدر  هو تڏهن جناب پليجو صاحب ان جو جنرل سيڪريٽري هو.جڏهن بزم صوفيا سنڌ قائم ٿي ته سائين جي ايم سيد ان جو صدر ۽ پليجو صاحب ان جو  سيڪريٽري   جنرل بڻيو.رسول بخش پليجو جڏهن سنڌ ۾ پنهنجي نئين پارٽي  سنڌي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ته مقبول عوامي شاعر شيخ اياز ان جو نائب صدر  بڻيو.رسول بخش پليجو ون يونٽ جي خاتمي جي تحريڪ ۽ جنرل ضياء جي آمريت خلاف ايم آرڊي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو.هن سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيء جي جديد انداز ۾ تنظيم سازي ڪئي  ۽ هزارين مضبوط نظرياتي ڪارڪن پيدا ڪيا.پليجي صاحب ڪيترين ئي سياسي جماعتن ۽ تنظيمن ۾ ڪم ڪيو ۽ ڪيترين ئي سماجي تنظيمن جو بنياد وڌو جن ۾ عوامي نيشنل پارٽي،سنڌ متحده محاذ،سنڌ قومي اتحاد،سجاڳ ٻار تحريڪ،عوامي جمهوري تحريڪ،ڪالا باغ ڊيم مخالف ايڪشن ڪميٽي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ،پاڪستان عوامي تحريڪ،پونم،سنڌ مزدور تحريڪ،اينٽي گيٽر ٿل ڪينال تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ شامل آهن،. سنڌ هن وقت تاريّ جي جنهن نازڪ موڙ تي بيٺل آهي اتي پليجي صاحب جو لاڏاڻو هڪ وڏو قومي نقصان ۽ سندس خال ڀرجڻ نهايت ئي مشڪل آهي.
(روزاني هلال پاڪستان 8 جون 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو