Tuesday, June 26, 2018

سياسي پارٽين کي آخر ڪهڙي پريشاني آهي؟


شفيق الرحمان شاڪر
ملڪ ۾ چونڊن جو تماشو خير سان هڪ دفعو وري شروع ٿي چڪو آهي،سياسي ٿيٽر تيار ٿي رهيا آهن،سياسي اداڪار پنهنجن ڪردارن جي اڳواٽ لکيل اسڪرپٽ جي رهيسل ڪري رهيا آهن. تماشگر، تماشائي,امپا ئر ۽ ريفري سڀ جا سڀ ان راند ۾ حصو وٺڻ لاء پر توري رهيا آهن.پر هن دفعي جون چونڊون نهايت ئي منجھيل ۽ گنڀير ڪيفيت جو شڪار آهن.جن جي باري ۾ نه رڳو عوام پر انهيء ۾ حصو وٺندڙ اميدوار ۽ پارٽيون به شش پنج جي ڪيفيت ۾مبتلا آهن.اليڪشن ڪميشن،نگران حڪومتن ۽ سپريم ڪورٽ جي بار بار واضح پڪ ڏيارڻ باوجود به سياسي پارٽين جي ذهنن مان مقرر وقت تي چونڊون ٿيڻ بابت شڪ شبها اڃا تائين پوريء طرح نه نڪري سگھيا آهن.اصل ۾ ان قصي پويان به سياسي اڳواڻن جي اها حڪمت عملي ڪم ڪندي نظر اچي ٿي وچ ۾ ايڏو ڊگھو وقفو پوڻ هر صورت ۾ ناممڪن بنائجي جو ان دوران ڪو حقيقي احتساب جو عمل شروع ٿي وڃي انهيء سان گڏو گڏ جيڪر چونڊون وقت تي ٿين ٿيون جن جي وقت تي ٿيڻ ۾ ڪا رڪاوٽ يا شڪ شبهو ئي ناهي ته پوء سياستدان پنهنجي ان بيانيي کي عوام سامهون سچو ثابت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ هجن ته جمهوريت دشمن ڌرين هر حالت ۾ چونڊون ملتوي ڪري جمهوريت کي ڊيريل ڪرڻ گھريو ٿي پر انهن سياستدانن جي همت ۽ ڪوشش سان اهي چونڊون وقت تي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهنجو کين ڪريڊٽ ملڻ گھرجي.حلانڪه چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ڪو به پلان نه ته اصل اختيار ڌرين وٽ ۽ نه ئي عدالتن سامهون ويچار هيٺ آهي.اصل مسئلو اهو ڪونهي، اصل پهرين پريشاني ۽ مونجهارو سياسي پارٽين جي اندر آهي جنهن کي گھر جوگھوٽالو چئبو آهي.پارٽين جي اندر جنهن نوعيت ۽ جنهن درجي جي بغاوت،نااتفاقي،انتشار ۽ ڏڦير جيڪو هن وقت سامهون آيو آهي اهو اڳ۾ ان وڏي پيماني تي ڪڏهن به سامهون نه ايندو هو.انهي ڏڦير يا انتشار جو مکيه سبب اميدوارن ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست بڻي آهي پر رڳو اهو هڪڙو سبب به ناهي،ڪيترائي پارٽي اڳواڻ جيڪي شروع کان انهن سياسي پارٽين سان ڪافي حد تائين وفاداريون نڀائيندا رهيا هئا انهن کي گذريل هڪ ڊگھي عرصي کان پارٽين جي قيادتن طرفان نه رڳو مسلسل نظرانداز ڪري سندن اختيار کسيا ويا پر کين گھڻي تحقير ۽ تذليل جو نشانو به بڻايو ويو. اهي انهن پارٽين جي حڪومتن واري عرصي دوران ڪجهه مصلحتن تحت خاموش ضرور هئا پر سندن اندر ۾ ڪاوڙ ۽ محرومين جي باهه ڀڙڪي رهي هئي.جيئن ئي حڪومتن جو مدو پورو ٿيڻ جي ويجھو پهتو يا پورو ٿي ويو ته دل ۾ لڪيل شڪايتون سرعام نه رڳو زبان تي اچڻ لڳيون پر انهن مان ڪيترن ئي پنهنجو رستو انهن پارٽين کان الڳ ڪندي ڪنهن ٻئي پليٽ فارم يا آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪري ورتو.اها ته ٿي اميدوارن جي لحاظ کان پيدا ٿيل افراتفري پر ٻئي طرف انهن پارٽين جي سرگرم ڪارڪنن پڻ پنهنجي پارٽي قيادتن خلاف سندن فيصلن خلاف بغاوت جو اعلان ڪندي احتجاج شروع ڪري ڏنو جيڪو اڃا تائين ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي .سياسي پارٽين لاء ٽين پرِيشاني ۽ مصيبت اها پيدا ٿي پيئي آهي جوسندن نامزد ڪيل اميدوار جڏهن اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ عام ماڻهن وٽ وڃن ٿا ته اتي به انهن کي سخت تنقيد،ڪاوڙ ۽ احتجاج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.عام ماڻهو جنهن جرئت ۽ همت سان انهن کان سوال پڇي سندن احتساب ڪري رهيا آهن انهيء جو ماضيء ۾ تصور به ڪري نٿو سگھجي.چوٿين پريشاني سياسي پارٽين لاء اها بڻجي ويئي آهي جو ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا انهن جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي.پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ته وري به ڪنهن حد تائين مينيج يا ڪنٽرول ڪري سگھجي ٿو پر سوشل ميڊيا کي ڇا ڪن جتي هنن جي بيانن،تصويرن ۽ وڊيوز جي ذريعي سندن “شاندار” ڪارڪردگي پوري دنيا کي ڏيکاري پيئي وڃي ۽ سندن ماضيء جا سمورا ڪوڙ ۽ ڪرتوت پڌرا ٿيندا ٿا وڃن.گذريل اسيمبليء  ۾ڪيترا عوامي نمائندا گونگا،ڪيترا گوسڙو ۽ ڪيترا گمنام رهيا اهو سمرو چٺو به پڌرو ٿي رهيو آهي ۽ جمهوريت جي نالي تي اهي عوام سان جيڪا جٺ ڪندا رهيا آهن انهن جون جھلڪيون به سوشل ميڊيا تي بنان سينسر جي ڏيکاريون پييون وڃن.عدالتن ۽ نيب ۾ هلندڙ ڪيس ۽ تحقيقاتون به انهن پارٽين لاء سخت پريشانيء جو سبب بڻيل آهن،رهيل کهيل ڪم نامزدگي فارمن سان شامل ان حلفيه دستاويز پورو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هنن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پنهن جا سڀ اثاثا،مال ملڪيت،ڪاروبار،آمدنيء جا ذريعا ۽ٽيڪسن جي ادائيگيء بابت تفصيل جمع ڪرائڻا پئجي رهيا آهن ۽ هاڻي شايد اهو به فيصلو ٿي چڪو آهي ته اهي سڀ تفصيل انٽرنيٽ ذريعي ڪنهن ويب سائيٽ تي عام پڙهندڙن لاء شايع ڪيا ويندا.جيڪر اثاثا آمدنيء جي حدن کان ٻاهر نظر ايندا ته سوال ٿيندو ته اهي ڪٿان آيا ۽ جيڪر اصل حقيقت لڪائي ڪا شيء گھٽ يا غلط ظاهر ڪئي ويئي ته سوال ٿيندو ته اوهان دوکيبازي ڪري اصل اثاثا ڇو لڪايا يا غلط بياني ڪري صادق ۽ امين هئڻ واري آئيني آرٽيڪل جي خلاف ورزي ڇو ڪئي؟ توڙي جو هن وقت رٽرننگ آفيسر انهن کان ان متعلق ڪي تفصيلي سوال يا تحقيقات نه ڪري رهيا آهن پر ايندڙ وقت ۾ اها جنات انهن جو پيڇو نه ڇڏيندي.انهن مان گھڻا جهڙيء ڦڙتيء سان اليڪشن کٽي اسيمبلين جي راهه وٺندا اهڙيء ئي چستيء سان واپس نااهل ٿي گھر موٽنداسو هي اليڪشن ٻين عام اليڪشنن جيان بلڪل ئي نه هوندي پر هتي هڪ وڏو ملاکڙو مچڻ وارو آهي.فتح جو فيصلو هميشه پهرين ملهه تي نه پر آخري ملهه تي ٿيندو آهي.اهو ته طيء آهي ته پهرين ملهه انهن مان اڪثر سياسي پهلوان ماري ٻنهي ڄنگھن تي نچندي پنهن جي فتح جو جشن ضرور ملهائيندا ۽ ميلي ۾ داد به وصول ڪري وٺندا پر فيصلو ٻي ۽ آخري ملهه تي ٿيڻو آهي جنهن ۾ ڪريل ملهه اڪثر بيهوش به ٿي ويندا آهن ۽ کين واپس هوش ۾ آڻڻ لاء ڪيترن ئي ٻين پهلوانن کي کين مٿي تي مالش ڪرڻي پوندي آهي!
(روزاني عوامي آواز 24 جون 2018ع)



No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو