Tuesday, March 6, 2018

سوشل ميڊيا کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ناهي!


سوشل ميڊيا کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ناهي!
شفيق الرحمان شاڪر
دنيا ۾ جيئن جيئن فيس بڪ جو استعمال وڌي رهيو آهي تيئن تيئن سائبر ڪرائيم ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. خاص طور تي پاڪستان ۾ قانون موجود هئڻ باوجود ان تي عمل نٿو ٿئي.فيس بڪ ۽ ڪمپيوٽر جو استعمال زياده تر نوجوان نسل ڪري ٿو جڏهن ته پنجاه سالن کان مٿي عمر وارا ماڻهو گھڻو ڪري ڪمپيوٽر يا سمارٽ فون استعمال نٿا ڪن.جڏهن ته فيس بڪ وارا پاڻ اهو اعتراف ڪري چڪا آهن ته گذريل سال ستاويهه ڪروڙ ڪوڙا فيسبڪ اڪائونٽ جوڙيا ويا آهن.انهن جعلي فيس بڪ اڪائونٽس استعمال ڪندڙن خلاف نه ته ڪا ڪاروائي عمل ۾ آئي ۽ نه ئي انهن جا اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويا.جڏهن ته اهڙا اڪائونٽس ٺاهڻ وارن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.انهن جعلي اڪائونٽس جي ڪري سائبر ڪرائيم جي وارداتن ۾ به ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.فيسبڪ جو جيڪر صحيح استعمال ڪيو وڃي ته نه رڳو بي روزگارن کي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي پر انهيء ذريعي گھر ويٺي ڪروڙن جا ڪاروبار به ڪري سگھجن ٿا ۽ ڪيا پيا وڃن.خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن سبب جي ڪري اسپيشل هجن يا اسپيشل ٻارهجن اهي ان ذريعي روزگار حاصل ڪري سگھن ٿا ۽ تعليم پڻ. جڏهن ته سوشل ميڊيا اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا  جي لاء به هڪ بهترين ذريعو آهي.جيڪي ماڻهو پنهنجون ڳالهيون ۽ سوچون اخبارن يا ٽيليويزن ذريعي ماڻهن تائين پهچائي نٿي سگھيا اهي  هاڻي سوشل ميڊيا جو سهارو وٺن ٿا جنهن ۾ فيسبڪ،ٽويٽر،واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام وغيره شامل آهي ۽ هاڻي سوشل ميڊيا دنيا جو طاقتور ترين ميڊيا بڻجي ويو آهي.انهيء کي استعمال ڪندڙ پوري دنيا سامهون پنهنجو موقف بنان روڪ ٽوڪ جي پيش ڪري سگھن ٿا ۽ انهيء ذريعي ڪروڙين ماڻهو هڪ ٻئي سان لاڳاپي ۾ رهن ٿا پرانهن ذريعن جو غلط استعمال سماج لاء بهتريء بدران نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو. نئون نسل جيڪو پنهنجن وڏڙن جي ڀيٽ ۾ آئي ٽي جي ميدان ۾ زياده سرگرم آهي اهو جتي ان جو گھڻو استعمال ڪري رهيو آهي اتي ان سان معاشري ۾ ڪيترائي مسئلا به پيدا ٿي رهيا آهن. موبائيل ۽ سوشل ميڊيا جي اجايي استعمال سبب ماڻهو پنهنجن مٽن،مائٽن ۽ ڪٽنبن کان به گھڻو پري ٿيندا ٿا وڃن جڏهن ته ٻاهرين ماڻهن سان سندن تعلقات وڌي رهيا آهن.جنهن ڪري ويجھا پري جڏهن ته پري وارا ويجھا ٿيندا ٿا وڃن.ان ۾ شڪ ناهي ته ايڪويهين صدي آئي ٽي جي صدي آهي۽ انهيء ذريعي ڪيتريون ئي انقلابي تبديليون به اچي رهيون آهن پر اسان کي پنهنجي زندگيء جي معاملن ۾پاڻ ڊسيپلين قائم ڪرڻو پوندوته جيئن اسان ان جو مثبت ۽ صحيح استعمال ڪري ان مان گھڻي ۾ گھڻا فائدا حاصل ڪري سگھون ۽ انهيء جي خرابين ۽ نقصانن کان پاڻ بچائي سگھون.انهيء جي غلط استعمال کان روڪڻ لاء سماج ۾ آگاهي ضروري آهي.خاص طور تي ٻارجن کي ان جي غلط استعمال متعلق ڪا سمجھه ناهي انهن کي سوشل ميڊيا جي نقصانن ۽ تباهين متعلق لازمي ڄاڻ ڏيڻ گھرجي ته جيئن اهي ان جي هاڃيڪار اثرن کان بچي سگھن.فيسبڪ، واٽس ايپ ، انسٽاگرام ۽ ٻين  ايپليڪيشنز کي استعمال ڪرڻ وقت سخت احتياط جي ضرورت آهي ڇو ته انهن شين  جو اجايو ۽ غلط استعمال ڪنهن کي سائيبر ڪرائيم جي ڄار ۾ ڦاسائي سگھي ٿو۽ ڏوهارين جي فهرست ۾ شامل ٿي سگھي ٿو.فيسبڪ انتظاميا کي به اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ گھرجي جنهن ذريعي غلط ۽ جعلي اڪائونٽس جي نشاندهي ٿي سگھي ۽ اهڙا اڪائونٽ ٺاهڻ ناممڪن بڻجي وڃي.پاڪستان ۾ سائيبر ڪرائيم متعلق موجود قانون کي موثر نموني فعال ٿيڻ کپي ۽ انهيء قانون تي عمل درآمد يقيني بنائڻ گھرجي. پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ  هڪڙي ان تي استعمال ٿيندڙ بازاري زبان آهي جنهن ذريعي ڪنهن به شريف ماڻهوء جو پٽڪو ڌوڙ ڪري سگھجي ٿو.ٻي ڳالهه بنان تحقيق ۽ ثبوت جي ڪنهن معاملي کي اڳتي پکيڙڻ آهي جيڪو نهايت ئي اڻ وڻندڙ عمل ۽ انساني بنيادي حقن جي صريح خلاف ورزي آهي. اهڙيء طرح  ڪنهن جي تصوير يا وڊيو جعلي نموني ايڊٽ ڪري انهيء کي اپلوڊ ڪرڻ يا اڳتي شيئر ڪرڻ اخلاقي طور تي نهايت ئي گندي ۽ ڪريل حرڪت آهي.جهڙيء طرح اليڪٽرانڪ  ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ مڪمل ذميداريء جو مظاهرو ضروري آهي ساڳي طرح سوشل ميڊيا تي به اهي ساڳيا اصول لاڳو ٿين ٿا.بدقسمتيء سان سوشل ميڊيا تي اڪثر اهڙيون بي بنياد،ڪوڙيون ۽ سنسني خيز خبرون پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاء ملن ٿيون جو مٿو چڪرائجيو وڃي. ڪيترين پوسٽن تي اهو لکيل ملندو آهي ته “جيڪو هن پوسٽ کي شيئر نه ڪندو ان تي لعنت آهي.“ اهڙيون ئي ٻيون غيراخلاقي تلقينون ٿيل ملنديون آهن جيڪا سراسر اڻ وڻندڙ حرڪت آهي.سوشل ميڊيا جو هڪ خطرناڪ ۽ نهايت ئي هاڃيڪار پاسو انهيء ذريعي مذهبي.لساني ۽ فرقيواراڻي نفرت پکيڙڻ به آهي.جنهن سان نه صرف  ٻين جي سخت دل آزاري ٿئي ٿي پر سماج ۾ تعصب ،نفرت ۽ تشدد پسنديء جو ٻج پوکجي ٿو.گھڻن ماڻهن سوشل ميڊيا کي ڄڻ ته پنهنجي لاء راند کيڏڻ جو ڪو رانديڪو ٺاهي ورتو آهي.اهي ٻين جي دل آزاريء ۾ پنهنجو خوشيون تلاش ڪن ٿا.ٻين کي خوار ڪرڻ ۽ کين دنيا توڙي سندن خاندان ۾ رسوا ڪرڻ ۾ دلي مزو اچي ٿو.اهڙن ماڻهن کي ٿورو سوچڻ گھرجي ته جيڪر ڪو ساڳي هلت جو مظاهرو ساڻن يا سندن ڪٽنبن سان ڪري ته ڇا اهي اهو سڀ ڪجھه پسند ڪندا؟ايئن نه ڪرڻ گھرجي.اخلاق،ذميداري،سهڻي گفتگو ۽ وڻندڙ طرز عمل جو دامن ڪنهن به صورت ۾ هٿان نه وڃڻ ڏجي.اجايو ٻين جي عيبن ۽ اوڻاين جي اپٽار نه ڪجي.پنهن جي منهن پاڻ ميان مٺو نه بنجڻ گھرجي . خدا جي ڪائنات تمام ويڪري،وسيع ۽ ڦهليل آهي، پنهنجي نظر ۾ اهڙي ئي وسعت پيدا ڪرڻ گھرجي،سوچن ۾ بدبوء بدران سرهاڻ هئڻ گھرجي ۽ لفظن ۾ تعصب،طنز،طعني،مهڻي.نفرت،ڪيني ،بغض ۽ ساڙ بجاء سچائي هئڻ گھرجي جو سچائي جو پنهنجو جوهر ،پنهنجي طاقت،پنهنجي توانائي ۽ پنهنجي خوشبوء هوندي آهي.جنهن کي سچائي سان ازلي ساڙ ناهي اهو پنهنجي وجود جي ڪنهن به حصي کي ڪوڙ جي ڪن سان ڪڏهن به ڪنو ڪرڻ پسند ناهي ڪندو.
(روزاني عوامي آواز)
 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو