Tuesday, March 20, 2018

پسي لهس نه لڇئا.


شفيق الرحمان شاڪر
امام آزادي حضرت سيد صبغت ا شاه راشدي ثاني المعروف  سورهيه بادشاه  23 صفر 1327هجري مطابق سن 1908ع ۾ درگاه عاليه راشديه ،پير جو ڳوٺ ضلع خيرپور ۾ جنم ورتو.سندن والد ماجد شمس العارفين   والعاشقين حضرت  حضرت پير شاه مردان شاه راشدي اول سن 1920غ ۾ وصال ڪيو ته پاڻ سن 1921ع ۾ صرف 12 سالن جي ڄمار ۾ گاديء تي ويٺا.پاڻ خانقاه اعليٰ ۾ پنهنجي والد جي زيرتربيت رهڻ سان گڏ ڪيترن ئي لائق استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪيائون.1937ع ۾ حرمين شريف جي حاضريء جو شرف حاصل ڪيائون.سندن ذاتي زندگيء متعلق جيڪي حقيقتون سامهون آيون آهن انهن جو تت اهو ته ڪڏهن ڪڏهن پنهنجو کاڌو پنهنجن هٿن سان پاڻ تيار ڪندا هئا.فجر کان پهرين اٿي ورزش ڪندا هئا ۽ بعد ۾ نماز فجر ادا ڪندا هئا.اڪثر پنهنجن مريدن ۽ فقيرن سان گڏجي سندن ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندا هئا.سندن دستور هو ته ڪوبه روڪ نذرانو پنهنجي هٿ سان نه وٺندا هئا پر جيڪر ڪو مسواڪ يعني ڏندڻ تحفي ۾ پيش ڪندو هو ته سنت نبويء صه جي نسبت سان هٿ ڊگھو ڪري وٺندا هئا.پاڻ رتنانگري جيل ۾ پنهنجن مريدن جي تربيت لاء هڪ ڪتاب به لکيائون جنهنجو خلاصو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 1957ع جي مهراڻ سوانح نمبر ۾ ڏنو آهي جنهن ۾ نهايت ئي قيمتي موتي موجود آهن. مثال؛ اي دوست! حرص نه ڪر،حرص قاتل آهي.هزارين عبادتون هڪ گناه جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نٿيون رکن.اي دوست! پنهنجي نفس جو شڪار ڪر جو اهو عجيب شڪار آهي.علم، حيا، سخاوت ۽ رحم کي هٿان وڃڻ نه ڏي.اي دوست! پيٽ تنهنجو دشمن آهي انهيء کي قابو ڪرڻ لاء روزا رک.
ماڻهن جي ديني تعليم،اخلاقي تربيت ۽ روحاني رهنمائيء جي ميدان ۾ سندن ڪارناما هڪ طرف ته ٻئي پاسي پاڻ برصغير ۾ انگريزن جي حڪمرانيء خلاف آزاديء جي جيڪا تحريڪ شروع ڪيائون ۽ ان جدوجهد ۾ جيڪي قربانيو ن ڏنائون ۽ جيڪي سختيون ۽ صعوبتون برداشت ڪيائون اهو تاريّخ جو هڪ سونهري ۽ نه وسرندڙ باب آهي.سندن اها تحريڪ “حر تحريڪ“ جي نالي ۽ “ڀيڄ پاڳارا“ جي نعري جي صورت ۾ اڄ به تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ آهي.حرن جي انهيء  جماعت پنهن جي روحاني رهنما جي حڪم تي وفائن ۽ قربانين جا اهڙا داستان رقم ڪيا جن تي پوري دنيا ۾ هلندڙ آزاديء جون تحريڪون ناز  ۽ ريس ڪن ٿيون.مقدمي دوران انگريزن پير سائينء ڏانهن پيغام موڪليو ته پاڻ انگريزن کان معافي وٺن ته کين آزاد ڪري سگھجي ٿو  ۽ اهڙيء طرح پاڻ ڦاسيء کان بچي سگھن ٿا پر پاڻ انگريزن کي  جيڪو جواب ڏنائون اهو جواب محمدصه جي گھراڻي سان تعلق رکندڙ ڪو آزاديء جو متوالو ئي ڏيئي سگھي ٿو.پاڻ فرمايائون ؛
“ شهادت اسان جو تاج ۽ اڳتي وڌي اهو تاج پائڻ اسان لاء عبادت آهي.اسان صرف آزاديء جي آس رکي آهي ۽ اهو ڪو ڏوه ناهي.ڪنهن ظالم کان معافي پنڻ جو اسان سوچي به نٿا سگھون.اسان ته صرف پنهنجي رب کان پنهنجن خطائن جي معافي گھرندا آهيون،”
جڏهن مليٽري ڪورٽ ۾ سندن خلاف بغاوت جو ڪيس هلايو ويو ته پاڻ اهڙي ته بي نيازي ۽ جرئت سان ان کي منهن ڏنائون جو حسينيت جي ياد تازي ٿي ويئي.پاڻ سرفروش مجاهدن جيان مرڪندي ڦاسيء جو ڦنڌو پنهنجي ڳچيء ۾ پوڻ منظور ڪيائون پر غير ملڪي قابضن سامهون آڻ نه مڃيائون.انگريز جيل سپرينٽينڊنٽ جيڪو سورهيه بادشاه سان جيل ۾ شطرنج کيڏڻ ايندو هو،جنهن رات سورهيه بادشاه کي ڦاسي ٿيڻي هئي ۽ کين اهڙو اطلاع به ڪيو ويو هو، پر جيل سپرينٽينڊنٽ جي حيرت جي انتها نه رهي جو ان رات به هو پير صاحب کان هڪڙي بازي به نه کٽي سگھيو.نيٺ هن چئي ڏنو ته پير صاحب! اوهان کي پنهنجي ڦاسيء جي خبر تي ڪا پريشاني ناهي؟ پاڻ فرمايائون ؛  “ شهادت ته اسان جي مٿي جو تاج آهي،ان ۾ پريشان ثيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟” بهرحال 20 مارچ 1943ع تي سنڌ جي هن سچي سپوت کي وطن سان وفا جي ڏوه ۾ صرف 35 سالن جي عمر ۾ صبح سوير سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ شهادت جو تاج پهرائيندي ڦاسيء تي لٽڪايو ويو.پر “ شهيد جي موت ۾ ئي قوم جي حيات آهي.” جي مصداق انگريز سورهيه بادشاه کي مقتل روانو ڪرڻ ۽ سندن حر جماعت تي ظلم ۽ ستم جا جبل ڪيرائڻ باوجود به ناڪام ئي رهيا جڏهن ته شهيدن جي رت مان آزاديء جا ڳاڙها گلاب ڦٽڻا هئا سو اهي سندن شهادت کان صرف پنج سال پوء اهڙي ته جوت سان جرڪيا جو انگريزن کي هن وطن ۾ لڪڻ جي جاء ته نه ملي پر سندن عظيم بادشاهت جو جھنڊو جيڪو سڄي دنيا ۾ ڦڙڪندو هو اڄ “ڪاريء وارا ڪک” لڳا پيا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو