Saturday, March 17, 2018

شاعريء جي زبان ؛ الئي ڇو اوهان جون اکيون ياد آيون.(ڊاڪٽر آڪاش انصاري)



ڊاڪٽر آڪاش انصاري
جڏھين ڪنھن به بادل، ولھاريون وساريون،
الئه   ڇو   اوھان  جون اکيون ياد   آيون ،


جڏھين  چنڊ  چوڏس   ڪيون    چلولايون   الئه   ڇو   اوھان  جون اکيون ياد   آيون ،
جڏھين   ڪنھن   به  ڪوئل اسر ويل ڳايو،
تڏھين  وِلھه  ويتر        وڇوڙو    وڌايو ،

جڏھين ماڪ مُکڙيون ڀنيءَ جون  ڀڄايون، الئه   ڇو   اوھان  جون اکيون ياد   آيون ،
جڏھين  کيٽ  ۾  ٻاجھرين  سنگ    واريا،
جڏھين    چيٽ     ۾  ڦول  ڄانڀي    ڦُلايا،
جڏھين    ٿر تي مورن ڪي ٻوليون ٻُرايون،   الئه   ڇو   اوھان  جون اکيون ياد   آيون ،
جڏھين  تو  سان  نيڻن  جو  ناتو  ڇِنو  ھو،
تڏھين  دور       آڪاش  ڪيڏو  رُنو    ھو،
جڏھين  جيءُ  جھورڻ  ھي   آيون  جدايون،
الئه  ڇو  اوھان  جون  اکيون      ياد آيون.




No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو