Saturday, March 3, 2018

ڏوهه ۽ نيون فني مهارتون.

شفيق الرحمان شاڪر
اسان اربن انسانن جي جنهن دنيا ۾ رهون ٿا اتي هر انسان جي سوچ،ڪردار ۽ زندگي گذارڻ جا  طريقا ٻئي کان جدا آهن.جيڪر دنيا ۾ رڳو نيڪ،پرهيزگار ۽ قانون جو احترام ڪندڙ ماڻهو موجود هجن ته پوء اسان کي قانون،عدالتن ۽ پوليس وغيره جهڙن ادارن جي شايد ضرورت ئي نه پوي پر جيئن ته فساد،جھيڙو،غصو،لالچ ۽ دوکي وغيره جهڙيون ناڪاري صفتون انساني فطرت ۾ شامل اهن ان ڪري دنيا ۾ ڏوهن جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري خود انساني تاريخ! ڪائنات جي پهرئين انسان جي ٻن پٽن مان هڪڙي ٻئي کي قتل ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو ڪائنات ۾ پهريون انساني قتل هو. سو جيستائين هيء ڪائنات آهي نيڪي ۽ برائيء جو وجود انساني جيون سان چنبڙيل رهندو۽ جيستائين انسان کي اختيار جي آزادي حاصل آهي سندس ڏوهن جو سلسلو به جاري رهندو. البت انساني تاريخ ۾ ڏوهن جي نوعيت ۽ انهن جي واردات جو طريقو ضرور وقت سان گڏوگڏ بدلجندو رهيو آهي.اهو صحيح آهي ته پراڻن دورن ۾ ڏوهن جي شرح گھٽ هئي،ڏوه ڪرڻ جا طريقا ايترا منجھيل ۽ سائنسي نه هئا ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان هو.ان جو هڪڙو سبب اهو جو پراڻن دورن ۾ انساني آبادي به گھٽ هئي جنهن ڪري ڏوهن جي شرح به ٿوري هئي. انساني آبادي وڌڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجيء جي استعمال ڏوهن ۾ گھڻو اضافو آندو آهي.پراڻي دور ۾ ڪنهن ڳوٺ يا علائقي ۾ڪا چوري چڪاري ٿيندي هئي ته پوليس يا ڳوٺ جي نيڪ مردن کي اهو اندازو ٿي ويندو هو ته اهو ڏوهه ڪنهن ڪيو آهي.انهيء سلسلي ۾ نامي گرامي چورن جي موجود ريڪارڊ مان به مدد ورتي ويندي هئي ۽ قابل “پيرين” ذريعي چور جي پيرن جي نشانن مان سڃاڻپ ڪرائي ڏوهاريء تائين پهچبو هو.انهن پيرين وٽ اهڙو ته بي مثال فن هو جو پير جي نشان مان ان ڏوهاريء جي قبيلي تائين پهچي ويندا هئا.پوليس وٽ اهڙا پيري مستقل موجود رهندا هئا.پر پوء آهستي آهستي پيرين وارو اهو قصو به دم ٽوڙي ويٺو.يا ته پوء وارن پيرين وٽ پير سڃاڻڻ جي اها ڏات نه رهي يا اهي پيري ڪنهن نه ڪنهن سبب اهڙن ڏوهارين تي پردو  وجھڻ يا انهن سان ٻٽ ٿيڻ لڳا.جنهن ڪري  ڏوهارين کي پڪڙڻ لاء “پيرين” تي ڀاڙڻ وارو طريقو ختم ٿيندو ويو جنهن کان پوء انهيء مقصد لاء سکيا ڏنل ڪتا استعمال ٿيڻ لڳا جيڪي ڪنهن ڏوهاريء جي پير جي بوء سونگھي ان جو پيڇو ڪرڻ لڳا ۽ ڪنهن اهڙيء جڳهه تي وڃي ويهي رهندا هئا جتي ڪو ڏوهاري موجود هوندو هو.پر اهڙن کوجي ڪتن جي ان عمل کي به ڪنهن حتمي راء ۾ بدلائڻ ممڪن نه هو جو ڪيترائي ڀيرا انهن ڪتن جي اهڙي سموري ڪارڪردگي غيراطمينان بخش ثابت ٿي ۽ اهي ڪنهن حقيقي ڏوهاريء تائين نه پهچي سگھيا.ماڻهن اهڙن ڪتن جون ڪمپنيون جوڙي ورتيون جيڪي ڳري في وٺي ڳوٺاڻن يا ادارن کي اهڙن ڪتن جون خدمتون حوالي ڪندا آهن.
دنيا ۾ جيئن ئي نئين ٽيڪنالاجيء جو استعمال انساني فائدي لاء ٿيڻ لڳو تيئن ئي ڏوهاري قسم جا ماڻهو به انهي ٽيڪنالاجيء جو سهارو وٺي پوليس کان بچڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويا ۽ ڪيترائي ڏوهه نئين ٽيڪنالاجيء جي مدد سان ٿيڻ لڳا.پر انهيء جو مطلب اهو ناهي ته روايتي طريقي سان ٿيندڙ ڏوهن جو انداز ئي ختم ٿي ويو هجي.اڄ به جيڪر ڪي هيڪرز دنيا جي ڪنهن ڪنڊ مان هزارين ميل پري ڪٿي ڪا ڏوهاري واردات ڪن ٿا ته ٻئي طرف اسٽريٽ ڪرائيم ۽ گڏهه گابي جي چورين جهڙيون وارداتون به جاري آهن.انهن ڏوهارين پنهن جي ڏوهه ڪرڻ جا طريقا برابر تبديل ڪيا آهن پر قانون نافذ ڪندڙ ادارا به ساڳي ٽيڪنالاجيء جي سهاري انهن تائين ضرور پهچيو وڃن.
ڏوهن کي دنيا مان بلڪل ختم ڪرڻ ناممڪن آهي البت ڏوهن کي ضابطي ۾ آڻڻ يا انهن کي گھٽائڻ لاء دنيا ۾ هاڻي پوليس جي سرشتي کي جديد بنايو پيو وڃي.جاچ جي روايتي طريقن سان گڏوگڏ جديد سائنسي طريقا به اختيار ڪيا پيا وڃن.فنگر پرنٽ جي ريڪارڊ،ڊي اين اي ٽيسٽ کان مدد ۽ ڏوهارين جي ڊيٽابيس تيار ڪري مختلف رياستي ۽ حڪومتي ادارن وچ ۾ شيئر ڪئي ويندي آهي.پوليس جون پنهنجون فرنزڪ ليبارٽريون قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ سمورن سائنسي شعبن جي ماهرن سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجيء جا ڄاڻو به موجود هوندا آهن.پر انهن سڀني طريقن جي استعمال باوجود جيڪا شيء ڏوهارين کي پڪڙڻ  ۽ سڃاڻڻ ۾ وڌيڪ موثر ۽ فائديمند ثابت ٿي رهي آهي سا آهي سي سي ٽي وي ڪيميرا يعني ڪلوز سرڪٽ ٽي وي ڪيميرا. جڳهه جڳهه تي لڳل سيڪيورٽي ڪيميرائون جيڪي چوويهه ڪلاڪ هر ايندڙ ۽ ويندڙ جي حرڪتن کي ريڪارڊ ڪنديون رهنديون آهن.هاڻي پوري دنيا ۾ گھڻي ۾ گھڻا ڏوهاري انهن ئي ڪيميرائن ذريعي سڃاتا ۽ پڪڙيا وڃن ٿا،بلڪه ڏوهه ٿيڻ جي ڪجھه ئي ڪلاڪن اندر ڏوهاري پوليس جي پڪڙ ۾ هوندو آهي.
پاڪستان ۾ به دهشتگرديء جي وڌندڙ وارداتن سبب وڏن شهرن ۽ اهم قومي،عوامي ۽ حساس نوعيت جي جاين تي اهڙيون ڪيميرائون لڳايون وييون هيون جن ذريعي اسان جي پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن کي ڏوهارين تي نظر رکڻ لاء گھڻي مدد ملي.دهشتگرديء جي وڏن وڏن واقعن کان ويندي عام چوري چڪاريء جا ڏوهاري به انهن ڪيميرائن جي مدد سان قانون جي گرفت ۾ آيا.
لاهور مال روڊ تي ٿيندڙ آپگھاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي جا قاتل انهن ئي ڪيمرائن ذريعي قابو ڪيا ويا پر اها سموري ڪاميابي رڳو سيف سٽي پروگرام جي ڪيميرائن ذريعي نه حاصل ٿي پر ڪجھه پرائيويٽ ڪيمرائن ذريعي گھڻو فائدو ٿيوجيڪي دوڪاندارن پنهنجي پاران لڳايون هيون.هن وقت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ڪيميرائون ته لڳايون ويون آهن پر وقت گذرڻ سان گڏ اهي ناڪارا ٿينديون ٿيون وڃن. جنهن جو بنيادي سبب هڪ ته انهن جي سار سنڀال ۽ مرمت جو ڪو خيال نٿو رکيو وڃي ۽ ٻيو ته انهن ڪيميرائن جي خريدرايء ۾به مبينا طور تي ڪافي ڪرپشن ٿي آهي ۽ گھٽ درجي واريون ڪيميرائون خريد ڪيون ويون آهن جن جي وڊيو ڪوالٽي نهايت ئي ڪمزور آهي.جن ۾ ماڻهو گھمندي ڦرندي ته نظر اچن ٿا پر سندن چهرن جي سڃاڻپ ڏکي ٿئي ٿي.تازو قصور جي زينب واري واقعي ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿيو.ڏوهاريء جي سڃاڻپ سيڪيورٽي ڪيميرا ذريعي نه ٿي سگھي جنهن کان پوء سندس خاڪو ٺهرائڻو پيو.ان ڪري هاڻي ملڪ ۾ اهو بحث ڇڙيو آهي ته جيڪر اهي ڪيميرا سٺي ڪوالٽيء جا لڳل هجن ته ڏوهارين جي سڃاڻپ آسانيء سان ٿي سگھي ٿي جنهن جي چهري جي سڃاڻپ نادرا کان ڪرائي انهن تائين سولائيء سان پهچي سگھجي ٿو.اسان وٽ ڪجھه هنڌن تي اهڙيون ڪيميرا لڳل آهن اتي اڪثر اهو به لکيل هوندو آهي ته “ خبردار! اوهان کي ڪيميرا جي اک ڏسي پيئي.”مطلب ڪهڙو ته اوهان هتي ڪجهه نه ڪريو باقي هن ڪيميرا کان هٽي ڪري جيڪو وڻيو سو ڏوهه ڪري وٺو.سمجھه ۾ نٿو اچي ته اهو جملو اتي لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟
گھڻو ڪري وڏن شهرن جي اڪثر بينڪن ۾ اهي ڪيميرائون لڳل هونديون آهن پر جڏهن انهن بينڪن ۾ ڪا ڦر وغيره جي واردات ٿئي ٿي ته ڏوهاري نٿا پڪڙجن.انهيء جو سبب به اهڙن ڪيميرائن جو غير معياري هئڻ آهي.ڏوهن کي گھٽائڻ لاء صرف ٽيڪنالاجيء جو نه پر مناسب ۽ معياري ٽيڪنالاجيء جو استعمال ضروري آهي.جڏهن ڪيميرا جي اک ئي انڌي هجي ته پوء ان ڪيميرا لڳائڻ مان ڪهڙو کڙ تيل نڪرندو.دنيا ۾ جنهن اعليٰ درجي جي ٽيڪنالاجي ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاء استعمال ڪئي پيئي وڃي اسان ان معاملي ۾ اڃا گھڻو پوئتي آهيون.چين سيڪيورٽي ڪيميرائن جي ميدان ۾ پوري دنيا کي پوئتي ڇڏي چڪو آهي.چهرا سڃاڻندڙ ٽيڪنالاجيء سان ڀرپور چين جي شاهراهن تي لڳل ڪيميرائن کان بچڻ اٽڪل ناممڪن آهي .جديد ٽيڪنالاجي وارين انهن ڪيميرائن جي رينج ۾ ايندي ئي ڪنهن ماڻهوء جي سڃاڻپ ۽ ان جو پورو ريڪارڊ اسڪرين تي اچي وڃي ٿو.چين ۾ نگرانيء جي ان موثر نظام جي آزمائش ڪرڻ لاء هڪ برطانوي صحافيء تجرباتي طور تي پوليس ريڪارڊ ۾ پنهنجو پاڻ کي مشڪوڪ داخل ڪرايو.جڏهن اهو صحافي مانيٽرنگ نظام جي رينج ۾ آيو ته کيس چند منٽن ۾ ئي پوليس پنهنجي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.چين جي ان جديد مانيٽرنگ سسٽم ۾ هن وقت تائين ستر ڪروڙ ڪيميرائون لڳي چڪيون آهن ۽ چيني حڪومت 2020ع تائين هائي ٽيڪ سي سي ٽي وي ڪيميرائن جو انگ پنجيتاليهه ڪروڙن تائين پهچائڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي.چيني عملدارن جي چوڻ مطابق هي نظام نه رڳو ڏوهن کي روڪيندو پر ڏوهه ٿيڻ کان پهرين ئي قانون نافذ ڪندڙ ادارن کي ان بابت واقف رهڻ ۾ مدد ملندي.چين جي هڪ بينڪ ته چهرو سڃاڻڻ جي ٽيڪنالاجيء جي بنياد تي پنهنجن گراهڪن کي اي ٽي ايم ڪارڊ رکڻ يا پاسورڊ ياد ڪرڻ جي ڏکيائيء کان به آزاد ڪري ڇڏيو آهي.صارفين اي ٽي ايم مشين ۾ لڳل ڪيميرا ۾ منهن وجھي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي پئسا ڪڍائي سگھن ٿا.ٻئي طرف اسان جي حالت اها آهي جو اسان جي اي ٽي ايم مشينن ۾ جگاڙي پنهنجو نظام لڳائي پراوا پئسا ڪڍيو وڃن. جيڪر ملڪ مان ڏوهن کي گھٽائڻو آهي ته قانون ۾ سڌارن سان گڏوگڏ ڪيتريون ئي ٻيون تبديليون ڪرڻ جي به ضرورت آهي. جنهن ۾ امير ۽ غريب جو فرق گھٽائڻ، معاشي انصاف سان گڏ روزگار جا نت نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ گڏوگڏ پوليس جي اوزارن،جاچ جي طريقن کي سائنسي بنائڻ ۽ سٺي معيار واريون ڪيميرائون مهيا ڪرڻ به شامل آهي.هن وقت مختلف هنڏن جهڙوڪ اسپتالن،اسڪولن،بينڪن،هوائي اڏن،چوڪن ۽ چوراهن، وڏن وڏن شاپنگ سينٽرن، پيٽرول پمپن توڙي ٻين اهم جڳهن تي جيڪي ڪيميرائون لڳل آهن انهن کي چڪاس ڪرڻ ۽ انهن جي مناسب سار سنڀال ۽ مرمت وغيره جي سخت ضرورت آهي.


(روزاني عوامي آواز)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو