Wednesday, March 21, 2018

شام جي صورتحال ۽ مغربي ميڊيا جي منافقت.


شفيق الرحمان شاڪر
جيئن ئي شامي حڪومت انتها پسند گروپ “ جيش الاسلام” کان غوطا شهر جو قبضو خالي ڪرائڻ لاء طاقت جو استعمال شروع ڪيو آهي ته اولهه جي ميڊيا انهن دهشتگرد ٽولن جي مچايل سموري ٻائيتال کي نظرانداز ڪندي غوطا ۾ سموري تشدد ۽ تباهيء جي ذميداري اڪيلي شامي حڪومت تي وجھڻ  شروع ڪري ڇڏي آهي.غوطا اهو آخري شهر بچيو آهي جيڪو گذريل ستن سالن کان دهشتگرد ويڙهاڪ گروپن جي قبضي هيٺ آهي ۽ ملڪ جي ٻين حصن کان ڪٽيل آهي.انهيء کان اڳ اليپو،مدايا ۽ هومس شهر انهن جي قبضي ۾ هيا جيڪي شامي حڪومت هن وقت تائين مڪمل نموني خالي ڪرائي چڪي آهي.اولهه جي ميڊيا جي حوالي سان جيڪر حالتن جو جائزو وٺبو ته ايئن محسوس ٿيندو ته ڄڻ ٻه ڌرين يعني شامي حڪومت ۽ شهرين وچ ۾ ڇڪتاڻ هجي پر اها جنگ ايتري سادي ناهي.اوڀر غوطا هن وقت جن باغين جي قبضي هيٺ آهي اهي ڪيترن ئي جهادي گروپن جهڙوڪ جيش الاسلام، اسلامي آرمي ۽ سلفي جهادي وغيره تي مشتمل آهن جن جي مدد سعودي عرب بشار الاسد حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء ڪري رهيو آهي پوء ڀلي ان جي مقابلي ۾ آئي ايس يا جيش الاسلام جي حڪومت ڇونه قائم ٿي وڃي جيڪي فرقا پرست ۽ انتهاپسند دهشتگرد گروپ آهن.هڪ ٻيو سچ جنهن کي اولهه جي ميڊيا ڄاڻي واڻي لڪائي رهي آهي سو اهو ته غوطا ۾ جيڪي شهري شهر ڇڏي حڪومت جي قبضي هيٺ شهرن ڏانهن پناه لاء ڊوڙي رهيا آهن انهن کي اهي دهشتگرد وڏي پيماني تي پنهنجن دهشتگرد ڪاروائين جو نشانو بنائي رهيا آهن ته جيئن انهن شهرين کي غوطا ڇڏڻ کان روڪي کين انساني ڍال طور استعمال ڪري سگھجي.هڪ غيرملڪي اخباري رپورٽ مطابق شام شايد سندس تاريخ جي هڪ اهڙي جنگ مان گذري رهيو آهي جنهن متعلق اولهه جي ميڊيا هڪ سوچيل سمجھيل منصوبي هيٺ پوري دنيا ۾ شام جي بشار الاسد حڪومت کي خوار ۽ خراب ڪري ڇڏيو آهي.اخبار مطابق مغربي ملڪن ۽ سندن مددگارن ڪروڙين ڊالر انهيء ميڊيا کي صرف ان ڪري ڏنا آهن ته جيئن بشار الاسد جو عالمي تاثر نهايت ئي ڀوائتو بنائي دنيا سامهون پيش ڪري سگھجي. هڪ اهڙي جنگ جيڪا آمريڪا ۽ سندس اتحادي اسد جي خلاف ميڊيا ذريعي وڙهي رهيا آهن.انهيء جنگ جو مکيه ڪردار “ وائيٽ هيلميٽس” نالي هڪ ريسڪيو گروپ آهي جنهن جي ڳري مالياتي مدد آمريڪا ۽ برطانيا جون حڪومتون ڪري رهيون آهن.“ پي آر فرم” پاران مارڪيٽ ۾ آندل وائيٽ هيلميٽس گروپ کلي طور تي شام ۾ حڪومتي تبديليء جي وڪالت ڪري ٿو ۽ سندس شام جي متاثر علائقن ۾ القائدا سان لاڳاپا لڪيل ناهن رهيا.اولهه جي ميڊيا ٻئي جنهن گروپ جي خبرن کي پنهنجون شهسرخيون بنائي ٿي اهو آهي “ انساني حقن لاء شامي مشاهداتي گروپ” جنهن کي هڪ اهڙو شخص هلائي رهيو آهي جيڪو برطانيا ۾ رهي ٿو.انهيء کان سواء پنهنجو پاڻ ڪيتريون ئي من گھڙت خبرون جوڙي انهن جي تشهير ڪرڻ ۾ پڻ اولهه جي ميڊيا ماهر آهي.بدقسمتيء سان اولهه جي آزاد ميڊيا جا ڪي نمائندا شام جي انهن متاثر ٿيل علائقن ۾ سفر ڪري نٿا سگھن جو انهن کي جان جو خطرو آهي.ان ڪري اولهه جي ميڊيا ۾ صرف هڪ طرفيون خبرون نشر ۽ شايع ٿي رهيون آهن.حقيقت اها آهي ته انتها پسند ۽ دهشتگرد گروپ اوڀر غوطا ۾ پنهنجو اختيار وڃائي رهيا آهن،انهن کي صرف ٻاهرين مداخلت ئي شڪست کان بچائي سگھي ٿي.ظاهر آهي ته جنگي حالتن ۾ ڪنهن حڪومت جي هر خبر کي به سچو مڃي نٿو سگھجي پر اها ڪهڙي صحافتي ديانت آهي جو حڪومت خلاف بغاوت ڪندڙن جي هر خبر کي وڏائي ۽ وڏو ڪري پيش ڪجي جڏهن ته حڪومتي موقف يا خبرن جو بلڪل ئي بليڪ آئوٽ ڪيو وڃي.پر شام واري صورتحال ۾ اولهه جي ميڊيا اها ئي راند رهندي ٿي اچي. سالن کان غوطا جا اهي دهشتگرد گروپ دمشق ۾ هزارين بيگناهه انسان قتل ڪندا رهيا آهن ۽ پوري ملڪ ۾ انارڪي ۽ دهشت جي بازار گرم ڪري رکي آهي پر مجال آهي جو اهڙين ڪاروائين تي اولهه جي ميڊيا ڪڏهن ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍيو هجي.هڪ شرمناڪ ڪوڙ جيڪو اولهه جا ڪجھه ملڪ هڪ آواز ٿي ڳالهائيندا رهيا آهن ۽ اها ئي ميڊيا سندن ان ڪوڙ کي دنيا سامهون نهايت ئي بيشرميء سان پکيڙيندي رهي آهي سو اهو ته شام ۾ ٿيندڙ فسادن ۽ قتل عام  جو سبب  صدر بشارالاسد جي حڪومت جي ڊيگھه آهي جڏهن ته پوري دنيا کي خبر آهي ته اصل مسئلو اهو ناهي،شام جي تباهيء ۽ برباديء ڏانهن ڌڪجڻ جو سبب اتي انهن ئي ٻاهرين ملڪن جي مداخلت آهي جن القائدا ۽ دائش جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي نه صرف وجود بخشيو پر اڻ سڌيء طرح انهن جي مڪمل حمايت ۽ مدد ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ شام اڄ هڪ وڏي انساني ذبح خاني ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.نومبر 2011ع ۾ جڏهن شام ۾ انهن انتهاپسند ۽ هٿياربند ويڙهاڪ گروپن طرفان ڪاروايون زور وٺي رهيون هيون ته اڳوڻي آمريڪي اوباما حڪومت ساليانو هڪ ارب ڊالر شام جي انهن علائقن ۾ اهڙن ويڙهاڪن جي سکيا ۽ انهن کي هٿيار مهيا ڪرڻ لاء خرچ ڪري رهي هئي جن ويڙهاڪن جا سڌيء طرح القائدا سان لاڳاپا هئا ۽ مقصد اهو هو ته بشارالاسد کي حڪومت کان ٻاهر ڪيو وڃي.القائدا تاريخ ۾ پنهنجو ايڏو وڏو نيٽ ورڪ آمريڪا جي شام۽ ٻين ملڪن ۾  “حڪومت بدلايوراند”واري پاليسيء جي نتيجي ۾ ئي مضبوط ڪري سگھي هئي.اولهه جون اهي منافق حڪومتون ، ڪجهه ميڊيا جي حصي سان گڏجي دنيا کي نام نهاد آزاديء جي جنگ جي نالي ۾ بيوقوف بنائينديون ٿيون اچن پر حقيقت ۾ اهي اهڙن ملڪن ۾ صرف دهشتگرد پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي مڪمل سهائتا ڪنديون رهيون آهن.هتي سوال بشارالاسد يا ٻئي ڪنهن حڪمران جي حمايت يا مخالفت جو ناهي،پر سوال اهو آهي ته اولهه جي انهن چوڌرين کي ٻين ملڪن جي عوام جي ان نام نهاد “آزاديء” جو ايڏو اونو آخر ڇو آهي؟دنيا کي اهو سچ به ڇو نٿو ٻڌايو وڃي ته شام ۾ لکين ماڻهو انهن دهشتگرد گروپن جي ظالم ڪاروائن کان تنگ ٿي شهر ڇڏي ڪنهن پناهه جي تلاش ۾ آهن. جڏهن ته ٻيا ان ڪري شهر ڇڏي رهيا آهن جو کين خطرو آهي ته حڪومت انهن دهشتگردن خلاف بمباري ڪندي جو دهشتگرد حڪومت کي اهڙين ڪاروائين جي پاڻ دعوت ڏين ٿا. فرض ڪجي ته آمريڪا يا سندس ٻئي ڪنهن اتحادي ملڪ ۾ به اهڙي صورتحال پيدا ٿئي جو ٻاهريان موڪليل ڪجهه هٿياربند دهشتگرد گروپ ٻئي ڪنهن ملڪ جي فنڊنگ تي حڪومت ۽ رياست خلاف اهو سڀ  ڪجهه ڪرڻ لڳن جيڪو اڄ ڪلهه شام ۾ ٿي رهيو آهي ته پوء به ڇا آمريڪا ۽سندس خريد ڪيل  اولهه جي ڪجهه ميڊيا اهڙن ماڻهن کي “آزادي پسند هيروز“ ۽ “اعتدال پسند ويڙهاڪ“ڪري پيش ڪندي؟ ۽ انهن خلاف ڪنهن به رياستي ۽ حڪومتي ڪاروائيء کي “انساني حقن جي خلاف ورزي” ۽ “ جنگي ڏوهن“ جو نالو ڏيندي؟ 9 سيپٽيمبر جي صرف هڪڙي وڏي دهشتگرد ڪاروائيء کان پوء آمريڪا سڄي دنيا ۾ ڪهڙيء طرح “سڪن وچ ساوا“ ساڙي ڇڏيا هئا،اهو قصو اڃا ڪو ايترو پراڻو ته نه ٿيو آهي.ڪلهوڪي ڳالهه آهي جوعراقي حڪومت اتحادي آمريڪي فوجن سان گڏجي عراق جي وڏن شهرن جهڙوڪ موصل ۽ فلوجا وغيره کي باغين کان ڇڏائڻ لاء شهرن مٿان خطرناڪ بمباري ڪئي جنهن ۾ هزارين معصوم عراقي  ٻار ۽ وڏا مري ويا ۽ لکين ماڻهو معذور ٿيا ان وقت ته آمريڪا ۽ اولهه جي ميڊيا کي “انساني حقن“ ۽ “جنگي ڏوهن“ جي يادگيري نه آئي هئي.اڄ شامي حڪومت جيڪر روس جي مدد سان اهڙن ئي باغين خلاف ڪي ڪاروائيون ڪري ٿي ٿه ساڳي ئي آمريڪا ۽ اولهه جي ڪجهه وڪيل ميڊيا کي اهو سڀ ڪجهه “ انساني قتل عام “ نظر اچي ٿو ۽ کين “انساني همدردي” جا پيٽ ۾ وڪڙ اچڻ لڳن ٿا.منافقت جي به ڪا انتها هوندي آهي پر جڏهن منافقت سان گڏ بي شرمي به هجي ته پوء “ سڀ صحيح آهي”.

(روزاني عوامي آواز 19 مارچ 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو