Tuesday, March 20, 2018

جتي ناهي نينهن، اتي اوندهه اونداهي


ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ
سنڌ جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ تحقيقي ادارن جيڪڏهن پنهنجي ڪارڪردگي سان مون کي متاثر ڪيو هجي ها ته آئون پنهنجي ۽ پنهنجي قائدن جي وات مان گرهه کسي لکين رپيا خرچ ڪري گل حيات انسٽي ٽيوٽ قائم نه ڪريان ها.
اسان جڏهن پي ايڇ ڊي ڪئي ته ان وقت پگهار ۾ ان لاءِ ڪو  الائونس ڪو نه هيو. پنهنجو جذبو ۽ شوق هئو ته سنڌ  جي تاريخ تي ڪم ڪجي. انهيءَ تحقيقي ڪم ڪرڻ دوران ادارن جي اوندهه ۽ علم، ڌڻين جي بي فيضيءَ کي ڏسڻو ۽ ڀوڳڻو پيو. مان، ڊاڪٽر نواز علي” شوق“ ۽ ڊاڪٽر مرحوم اياز قادري پي ايڇ ڊي ڪرڻ ۾ همعصر هئاسين. مون ڏٺو ته دوستن کي ڊاڪٽري ڪرڻ ۾ مٿو اڇو پئي ڪرڻو پيو، ڇو ته مواد ۽ معلومات جي کوٽ ۽ مٿي ڄاڻايل سببن ڪري ڪم پوري ڪرڻ ۾ سال ٿي لڳا. انهن ڏينهن ئي ۾ ذهن ۾ آيو ته ڪو اهڙو ادارو ٺاهجي جو تحقيق ڪندڙ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا نه پون.  گل حيات انهيءَ ئي پس منظر ۾ٺاهيم.
1990ع کان پٽيوالي کان وٺي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بلڪه ڊائريڪٽر جنرل تائين سمورو ڪم پاڻ کي ڪرڻو پيو، ابتدا ۾ ننڍو ڀاءُ امير بخش ڏينهن رات منهنجو ٻانهن ٻيلي ٿيو ۽ هاڻي پٽ ممتاز ۽ پوٽو محسن انهيءَ ڪم ۾ هٿ ونڊائي رهيا آهن. گل حيات جي قيام کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين اسان برطانوي دور کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين چڱو خاصو ۽ اهميت وارو ناياب مواد گڏ ڪيو آهي. سنڌ جي سرڪاري ۽ درٻاري ادارن جي اڳ ئي خبر آهي. دل ۾ خيال آيو ته اسلام آباد وڃي، اتان جي ادارن جو جائزو وٺي اچان ۽ اهو ڏسان ته انهن ادارن ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان ڪهڙو ۽ ڪيترو مواد موجود آهي. جيئن ان مان پاڻ به استفادو ڪري سگهجي ۽ ٻين محققن جو ڌيان به ڇڪرائي سگهجي.
پاڪستان آرڪائيوز جو دفتر اڳ ڪراچيءَ ۾ هوندو هئو. ان جي ميڙي چونڊيءَ ۾ ” ڊيلي گزيٽ “ اخبار به هوندي هئي. مون ڪراچي ۾ 1884 کان 1947ع تائين واري دور جي سمورن پرچن جو مطالبو ڪيو هو. ان مان سنڌ جي سياست، سماج، ثقافت وارو مواد نوٽ به ڪيو هو ۽ پنهنجي مرضي واري مواد جي انڊيڪس به پاڻ لاءِ ٺاهي هئي.
” ڊيلي گزيٽ “ ۾ سنڌ جي تاريخ جو وڏو خزانو موجود آهي پر ان کي اسلام آباد منتقل ڪرڻ سان سنڌ ۾ رهندڙ محققن کي هڪ وڏي ۽ اهم معلوماتي ذريعي  کان محروم ڪيو ويو. عام محقق جي وس جي ئي ڳالهه ڪانهي ته هو اٽو ٻڌي اسلام آباد وڃي، ان اخبار مان پنهنجي مقصد جو گهربل مواد نوٽ ڪري سگهي. هاڻي اتي ان جي مائڪرو فلم ٺاهي اٿن ۽ اهڙو ڪئٽالاگ پڻ اتي موجود آهي. سنڌ حڪومت يا سنڌ مان قومي اسيمبلي يا سينيٽ لاءِ چونڊجي ويندڙ سياستدانن تي اهو سنڌ جو قرض ٿئي ٿو ته سنڌ کان ٻاهر سنڌ بابت اهڙي مواد ۽ رڪارڊ جي ڪاپي سنڌ ۾ موجود ڪرئي ڏين ته جيئن تاريخي تحقيق کي هٿي ملي سگهي.
سنڌ بابت کوڙ سارو مواد لاهور ۽ اسلام آباد ۾ موجود آهي. جيڪو اتان هٿ ڪري، ان کي ڪنهن هڪ اداري حوالي ڪري. هڪ هٽي قائم ڪرڻ ۽ ڪرائڻ بدران هر ضلعي هيڊ ڪوارٽر تائين سرڪاري لائبريرين تائين آندو وڃي ۽ محققن کي ان تائين رسائي ڏني وڃي.
لئمبرڪ جو اولاد سنڌ ۾ آيو هو ۽ پيءُ جو رڪارڊ سنڌ ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين  پر ان جي مخالفت ٿي ۽ هنن همراهن اهو مواد اسلام آباد ۾ سرڪاري اداري کي ڏنو. اسان کي اهڙي مخالفت  ڪرڻ نه گهرجي ها، ڇو ته بلاشڪ اهو ظالم ۽ حُرن جو دشمن هو. هنن قهري ڪيس ڪيا پر هن جي ڪاڳرن ۽ فائلن ۾ اسان جي انهن سمورن جا مذڪور ۽ دردن جا داستان موجود آهن. اهڙن ظالمن جي تحرير مان اسان کوڙ ساريون شاهديون ۽ ثابتيون وٺي  ٿي سگهياسين .
پاڪستان آرڪيائيوز، نيشنل ڊاڪيومينٽيشن ونگ ۽ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس صاحبن کان سواءِ هلي رهيا آهن. ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي کان پوءِ ڪو اڃا چيئرمين مقرر نه ٿيو آهي. ان ڪري انهن ادارن جي نگراني ۽ نگهباني ايڊيشنل سيڪريٽري ڪري ٿو. ان ڪري ادارن  جي فعاليت تي سٺو اثر  ڪو نه ٿو پئي. پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس وارن مون کي ڏٺو  ۽ شايد دل ئي دل ۾ ڊڄي ويا ته هي همراهه متان ڊاڪٽر ٻگهيي جي جاءِ والاري، کين مون کي آٿت ڏيڻو پيو  سرڪاري ۽ درٻاري نوڪرين ڪرڻ جو شوق نه آهي ۽ نه وري عمر ئي آهي.
پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اديبن جي مالي مدد به ڪندي آهي. هن اداري ڪيترن اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن کي ڏيساور جا سير سفر به ڪرايا. دل گهريو ته اداري وارن کان اهو پڇجي ته سندن عياشين ۽ نوازشن  جي صوبي واري تقسيم ڪهڙي آهي؟ هن وقت تائين ڪيترن قلم ڌڻين کي ٻاهرين ملڪن جو سير سفر ڪرايو ويو ۽ ان مان سنڌ جا ۽ سنڌي ڪيترا ۽ ڪهڙا آهن؟ هن وقت تائين ڪيترن  اديبن ۽ شاعرن جي مالي پرگهور لڌي وئي ۽ ان  ۾ سنڌ جو تناسب ڪيترو آهي. هن وقت تائين اڪيڊمي جي ڇپيل ڪتابن مان صوبي وار  ليکڪن ۽ مصنفن جو تعداد  ڪهڙو ۽ ڪيترو آهي؟ ههڙن ادارن کان اهڙا سوال اسان جا صحافي ڪري سگهن ٿا يا مرڪزي اسيمبلي يا وري سيينٽ ۾ چونڊيل نمائندا ئي ڪري سگهن ٿا. اهي اسيمبلي يا سينيٽ جي پليٽ فارم تان اهڙا سوال پڇي سگهن ٿا. پر مصيبت اها آهي ته اسان جي يارن کي اهڙن سوالن ڪرڻ جي فرصت ئي ڪٿي.
اهڙا چونڊيل نمائندا سنڌ جا قرضي آهن. هنن کي ايوانن ۾ اهڙا سوال اٿارڻ گهرجن. سنڌ جنهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، ڏسڻ گهرجي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان جي حقن جي ڪيئن ۽ ڪيتير حفاظت ٿي آهي. ملڪي گاديءَ جي هنڌ تي جيڪو هنڌين ماڳين مون کي تاثر مليو. اهو هيءُ آهي ته ارهه زورائي ۽ ڪوڙن ڊوميسائلن   جي زور تي لوئر  ڪلاس جي ملازمتن ۾ سنڌ جي وڏي لتاڙ ٿي آهي. اسان جي چونڊيل نمائندن کي ڪا باختيار ڪميشن ٺهرائي. سڄي صورتحال جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرائڻ  گهرجي.
گادي جي شهر ۾ کوڙ سارا اهڙا ادارا به موجود آهن، جن ذريعي پنهنجن کي نوڪريون ته ڏنيون ويون آهن. ليڪن اهي ادارا ۽ انهن جا ملازم ڪک ڀڃي ٻيڻو به ڪو نه ٿا ڪن. انهيءَ سان ٻين صوبن سان جهڙوڪ زيادتي پئي ٿئي. ماڻهن سان ملندي ۽ ڪچهريون ڪندي اهو تاثر مليو ته ” ڀٽي ادارا جوڙيا، ۽ نوازشريف اهي ادارا ٻوڙيا“ اسلام آبادي ماڻهو جيڪڏهن ڀٽي کي پوڄن يا ياد ٿاڪن ته اهي نوازشريف جي ڪنڌ جي ڪلئي  واري ڳالهه ضرور ڪن ٿا.
مون کي ادبي حلقن ۾ وڃڻ ۽ ويهڻ جو موقعو به مليو. ترقي پسند دوستن سان ملندي اهو تاثر مليو ته ملڪي سياستدان دليون تقسيم ڪرڻ جي ڪم ۾ مصروف آهي ته هن قلم ۽ علم، ڌڻي دلين جوڙڻ واري ڪرت ۾ لڳا پيا آهن. منو ڀائي ۽ عاصمه جهانگير جي وفات تي هڪ ادبي رفرنس ٿيو. ان ۾ مون کي خاص مهمان طور شريڪ ٿيڻ جو موقعو مليو. مقررن جتي منو ڀائي ۽ عصما جهانگير تي ڳالهايو، اتي ڪامريڊ ڄام ساقي تي به خوف ڳالهايو. ڪامريڊ ڄام ساقي جي وڇوڙي تي به هنن ساڳئي ريت ڏک جو اظهار ڪيو.
اهم ڳالهه جيڪا اسلام آباد جي دوري دوران محسوس ٿي، اها هي آهي ته جيئن انڊيا ۾ سنڌي هندن جو اولاد سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کان پري ٿيندو پيو وڃي. تيئن اسلام آباد ۾ سنڌي گهراڻا هٿ وٺي پنهنجي  اولاد کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت کان پري ٿا رکن. هنن وٽ ذريعا ۽ا وسيلا به آهن پر اهڙا ادارا قائم ڪري نه ڪري نه سگهيا آهن، جن ۾ ڪي ” دي –ڪيئر “ ”ڪي جي“ يا ٽيوشن سينٽر قائم ڪري پنهنجي اولاد کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي ويجهو آڻن. اسلام آباد ۾ سنڌي ناٽڪ منڊيلون قائم ڪري سگهجن ٿيو. سنڌي ثقافتي ڏينهن ۽ ڏڻ باقاعدي ملهائي سگهجن ٿا. اهو ڪم اسان جي انهن جوڌن جوانن کي ڪرڻو پوندو، جيڪي اسلام آباد ۾ رهن ٿا ۽  ڪي انهن مان سماجي تنظيمون به سنڀالن ۽ هلائن ٿا.
پر ڳالهه آهي، نينهن جي ۽ ڌرتيءَ سان ناتي جي ، اگر نينهن نسبت ۽ رغبت ناهي ته پوءِ اوندهه ئي اوندهه آهي. مون کي اهڙي نينهن جا نظارا اسلام آباد ۾ نظر گهٽ ئي آيا. ادارن ۾ ماڻهو فقط مهيني ختم ٿيڻ جي انتظار ۾ مگن نظر آيا. اسان جا چونڊيل نمائندا ڪنهن ٻئي ڪم ڪار ۾ مصروف محسوس ٿيا.  اٽي ۾ لوڻ برابر سنڌين جو اهو حال آهي ته هو روز بروز وڃن ٿا ضم ٿيندا ۽ ختم ٿيندا. شايد اسان کان وارثي ۽ مالڪي ڪرڻ جو ڏانءُ رسي ويو آهي
(روزاني عوامي آواز 20 مارچ 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو