Monday, March 12, 2018

شاعريء جي زبان ؛ چاندي چاندي وار، جواني ڪاڏي وئي(امداد سولنگي)


امداد سولنگي

چاندي چاندي وار، جواني ڪاڏي وئي،
ڳولين  ٿو   اڄ يار،  جواني ڪاڏي وئي.


راتين  جو   فانوس   هٿن    ۾     لوڏيندي،
سوچيو  چوڪيدار، جواني ڪاڏي وئي.


چادر   اُوڙهي     لاچارين  جي     بستر     ۾،
ڀُڻڪي  ٿو    بيمار،    جواني   ڪاڏي  وئي.


چڙهندو هو سج روز سکي جي لالي جو،
ڇوريءَ ڇا سينگار، جواني ڪاڏي وئي،

لفظن جي محبوب سفر ۾ ٿيو گم آ،
اڻپورو  اقرار،    جواني ڪاڏي وئي.


هٿ کي هر هر لوڏي راند رچائڻ لاءِ،
ڌوڻن ٿا ڪي ٻار ،جواني ڪاڏي وئي.


عينڪ جي آڌار جيئاري نيڻن کي،
ڳڻجن ٿا پل چار، جواني ڪاڏي وئي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو