Wednesday, March 21, 2018

شاعريء جي زبان ؛ اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.(راشد مورائي)



جسم جي ولوڙجي، ته   ذهن ٿو نچوڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جهان جوڙجي.

انڌيري ۾ نظر ڪٿي، اچي ٿو کڙ کٻيتڙو،
مگرسڄي ئي جڳ کي، ڏئي ته جوت جيتڙو،
ڦري  ٿو گول  گول  هي ، دماغ  آھ چيچڙو،
دماغ  آھ  چيچڙو،   ته   ذهن   آھ   چيچڙو،
پيو ٿو رت چوسجي ته ماس پيو ٿو روڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو،  نئون جهان جوڙجي.

وڌي  وڌي  گھڻا  ٿيا، هيءَ ڏيھه ۾ ڏُڪاريا،
جي  گورَ  ڍور  وانگيان،  وتن سدا خُماريا،
ڪٿي  لٽينِ  پانهنجا،  ڪٿي  ڦرينِ   ڌاريا،
اهو آ ڪيرُ، جنهن ڳلن تان لڙڪ ڪين هاريا،
او پيٽ وڏا، قوم جو، ٻيڙو نه هينئن ٻوڙجي!
اَچو! نئون سماج ڪو،   نئون جھان جوڙجي.

اڃيان رهون ٿا آب لئه، مهراڻ جي ته ڪَپَ تي،
گذر ٿئي ٿو  پانهنجي هوندي به، خير لَپَ تي،
چئون ٿا سچ تا، رکيو وڃي ٿو ڪَپُ چَپَ تي،
مگر نه بندشون پون ٿيون، بازَ جي ته جھپَ تي،
اٿو!  ته ظلم  جي خلاف  هاڻي   عَلم کوڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو،  نئون   جھان جوڙجي.

اَچو ته ظالمن کي هاڻِ، مُنهن چڙهي چئي ڏيون،
اَسان ۾  هِمتون  وڏيون، نپوڙجي نٿا سگھون،
ڏيو جواب  غاصبو!  اوهان  کان ٿا اسان پُڇون،
اوهان جي عيش لاءِ، طيش ۾ جيون ته ڇو جيون؟
اَچو ته چُپ چُپات جي  شيشي کي هاڻِ  ٽوڙجي،
اَچو! نئون سماجُ ڪو،  نئون  جھان  جوڙجي.

اَچو! ته ڏاڍ ۽ ڏمر جي  ڏونگرن کي ٽوڙجي،
عياشَ لَعنتيءَ  اڳيان،  نه لوئجي نَه لوڙجي،
اٿو  ته  ظالمن کي  هاڻِ باھِ ٿي وِڪوڙجي،
غريب کي جھنجھوڙجي ۽ ننڊ کي نهوڙجي،
بُجو ڪو ٻُوٿَ ڏاڍَ جي تي، راشد! گھروڙجي،
اچو! نئون سماجُ ڪو، نئون جھان جوڙجي.
(راشد مورائي)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو