Friday, May 25, 2018

وال پيپر؛ لساني نفرتن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي


سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڌار صوبي جي ڳالهه ڪندڙن تي لعنت وجهڻ واري جملي کانپوءِ ايم ڪيو ايم (پاڪستان) ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن ۾ لفظي ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير ٻه ڏهاڙا اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙيندي ايم ڪيو ايم ميمبرن جا جواب ڏيڻ وقت چيو هو ته جن ماڻهن اوهان جو ٻانهون کولي آڌر ڀاءُ ڪيو هو، توهان اُنهن جي تذليل ڪئي آهي. هُن اِهو به چيو هو ته سنڌ ۾ الڳ صوبي جي گهر ڪندڙن تي لعنت ٿو وجهان. انهيءَ ڳالهه کي بنياد بڻائيندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن نه رُڳو پريس ڪانفرنسون ڪيون پر قومي اسيمبليءَ ۾ به شور مچايو. قومي اسيمبليءَ ۾ فاروق ستار جو چوڻ هو ته وڏي وزير کي اِهو حق نه ٿو پهچي ته هُو الڳ صوبي جي ڳالهه ڪندڙن تي لعنت وجهي. هُن چيو ته پاڪستان قائم ڪندڙن کي برابر سنڌي نه سمجهيو ويو هو ۽ نه ئي اُنهن کي حق ڏنا ويا هئا. هُن اِهو به چيو ته اسان کي چئلينج نه ڏنو وڃي ته ڏکڻ سنڌ جو صوبو قائم ڪري نه ٿا سگهون. گڏوگڏ هُن وڏي وزير کان اهو جملو چوڻ تي معافي گهرڻ جو به مطالبو ڪيو هو.
پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۾ شروع ٿيل ان تڪرار تي خلق کي حيراني اِن لاءِ به ناهي جو چونڊون سِرَ تي آهن ۽ ٻنهي پارٽين کي پنهنجي ووٽرن جو لهو گرم رکڻ لاءِ اِن قسم جا اشو گهربل آهن ته جيئن اُهي ووٽرن کي خوف ۾ مبتلا ڪري پنهنجي سوڀ کي يقيني بڻائي سگهن. پيپلز پارٽي مڙيوئي گهٽ پر ايم ڪيو ايم سدائين اهڙن تڪرارن جو ئي کٽيو کاڌو آهي. اِها به حقيقت آهي ته خوف جو کٽيو سدائين قائم رهي نه ٿو سگهي ۽ هڪ ڏينهن اُن جو انت ضرور اچي ٿو. اهڙي انت کان پوءِ اُميد اِها ٿي ڪئي وئي ته ايم ڪيو ايم عوام جي حقيقي مسئلن کي بنياد بڻائيندي پنهنجي سياسي سفر کي جاري رکندي ۽ ماضيءَ ۾ ڪيل ڪوتاهين جي ازالي طور لساني نفرتن مان سدائين لاءِ هٿ ڪڍي وٺندي، پر شايد اِهو ممڪن ناهي جو جيڪي هٿ لُٽڻ، ڦُرڻ ۽ مارڻ تي هريل هُجن، اُهي خير جي دُعا لاءِ اُڀ ڏانهن کڄي نه ٿا سگهن. اِهوئي الميو ايم ڪيو ايم جي ماڻهن سان به آهي. اِن سلسلي ۾ قومي اسيمبليءَ اندر مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي ڳالهه کي اسين نهايت مثبت ۽ وقتائتو سمجهون ٿا جنهن ۾ هُن چيو آهي ته اردو ڳالهائيندڙن کي آئون سنڌي سمجهان ٿو، اسان انهن خلاف نٿا ڳالهائي سگهون، باقي جيڪو سنڌ ٽوڙڻ يا مُلڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪندو اُهو لعنتي هوندو.
ورهاڱي کان پوءِ هندستان مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙن کي مُهاجر ڪوٺيو ويندو هو. جيڪي مُلڪ جي لڳ ڀڳ هر حصي ۾ وڃي آباد ٿيا هئا پر گهڻائي سنڌ ۽ پنجاب جي علائقن ۾ رهائش اختيار ڪئي. هندستان مان لڏي ايندڙ ماڻهن پنجاب ۾ پاڻ کي پنجابي سڏائڻ شروع ڪيو، جڏهن ته سنڌ ۾ آباد ٿيندڙ اڄ سوڌو پاڻ کي مُهاجر سڏائي رهيا آهن. جڏهن ته حقيقت اِها آهي ته ورهاڱي وقت لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهن جي اڪثريت هن وقت سنڌ جي مٽيءَ ۾ مدفون آهي ۽ ٿورا ڪي گهڻا جيڪي حال حيات آهن، اُهي سنڌي ماڻهن جي مهمان نوازي ۽ مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيڻ جي اڄ به ساراهه ڪن ٿا. نه رُڳو ايترو پر اُنهن پاڻ کي هتي جي ماحول ۾ اهڙو ته مائل ڪري ڇڏيو آهي جو اُنهن جي سڃاڻ ڪرڻ مشڪل آهي ته اُهي هندستان مان لڏپلاڻ ڪري آيا آهن يا هتي جا اصلوڪا رهواسي آهن. جڏهن ته سندن اولاد جيڪو ڄايو نپنو سنڌ ۾، جن سنڌوءَ جو پاڻي پيتو ۽ سنڌ جي کيتن جو اناج کاڌو اُهي ستر سالن کان پنهنجي سُڃاڻ مهاجر طور سڏائڻ ۾ فخر ڪن ٿا. ٿيڻ ته اِئين گهرجي ها ته جهڙيءَ ريت دنيا جي ٻين علائقن مان سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري آيل ماڻهو سنڌي ٿي ويا آهن، تيئن هي ڀائر به پاڻ کي سنڌ جو سڏائين ها، پر احساس برتري کين اِئين ڪرڻ کان روڪي رکيو، جنهن جو وري جنرل ضياءَ پنهنجي مارشلائي دور ۾ خوب فائدو کنيو. هُن سنڌ ۾ ٿيندڙ سياسي چُرپر کي ماٺو ڪرڻ لاءِ لسانيت کي هوا ڏني، جيڪا اڄ سوڌو مختلف صورتن ۾ دُکندي رهي ٿي! اسان سڀني کي سمجهڻ گهرجي ته انهن نفرتن اڳ ئي گهڻو ڪجهه ڦُريو ۽ لُٽيو آهي، اُهي سنڌ توڙي سنڌ جي ماڻهن جي ترقيءَ ۾ تمام وڏي رُڪاوٽ رهيا آهن، اُنهن کي ٻيهر اُڀاري پنهنجي ماڻهن جون زندگيون زهر بڻائڻ دانشمندي ناهي. تنهن ڪري اسين سڀني ڌُرين کي اِهائي صلاح ڏينداسين ته سنڌ جي امن سان کلواڙ ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي!
 (روزاني عبرت 25 جولائي 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو