Wednesday, May 30, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ ڳجهه ڳوهه کان ڪم وٺو



اِسۡتَعِیۡنُوۡا عَلیٰ قَضَاءِ الۡحَاجَاتِ بِالۡکِتۡمَانِ فَاِنَّ کُلَّ ذِیۡ نِعۡمَۃٍ مَحۡسُوۡدٌ( هيءَ حديث الطبراني، المعجم الڪبير، المعجم الاوسط ۽ المعجم الصغير ۾ بيهقي شعب الايمان۾. ابو نعيم حلية الاولياء،ابنعديالڪامل ۾ابن ابي الدنيا ۽ عسڪري به آندي آهي)
ترجمو: ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڳجهه ڳوهه کان ڪم وٺو. ڇاڪاڻ ته هر نعمت واري بيٺل ماڻهو سان ساڙ ڪيو ويندو آهي.

سمجهاڻي:پهاڪو آهي ته “ سکيئي کي ڪير سهي ڪونه ۽ بکئي کي ڪو ڏئي ڪونه” دنيا جو اڪثر دستور آهي ته سکيئي ستابي ۽ خوشحال ماڻهو کان ساڙ سڙيا پيا سڙندا آهن. ڪو چڱوڪم سوچيندو ته ان جي ڪرڻ کان اڳ ۾ رڪاوٽون وجهي کيس پريشان ڪريوڇڏين. ان ڪري سهڻي سردار ﷺ هر ڪم ۾ راز رکڻ ۽ واءِ واءِ نه ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي. ايئن ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجو وڏو يا ننڍو ڪم دلجمعي ۽ اطمينان سان پورو ڪري ڪاميابي ماڻي سگهندو.
جڏهن اهواهم ڪم پورو ٿي وڇي ته پوءِ ڀلي شڪر ۽ نعمت طور ان کي ظاهر ڪجي. پر بهتر آهي ته راز کي راز ئي رهڻ ڏنو وڃي. ته جيئن ساڙ سڙين جي مخالفت کان محفوظ رهجي. مشهور آهي ته سڪندر اعظم بادشاهه ايتري قدر رازداري رکندو هو. جو اوڀر طرف حملي ڪرڻ جو ارادو هوندو هوس. ته خيمي جو منهن اولهه ڏانهن ڪندو هو. رازداري رکڻ سان ئي دنيا تي بادشاهي ڪيائين.
شاهه ڀٽائي به ڪنڀار جي ٿانون پچائڻ جي نهائين (آوي) جو مثال ڏئي راز ڍڪڻ جو چيو آهي.
نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن،ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
(شاهه)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو