Tuesday, May 29, 2018

مدنيء ﷺ جا موتي ؛ جيڪو توسان خيانت ڪري ته تون ان سان خيانت نه ڪر



أدَّ الۡامَانَۃَ اِلیٰ مَنِ ائۡتَمَنَکَ وَلَا تَخُنۡ مَنۡ خَانَکَ( هيءَ حديث مبارڪ ابودائود، ترمذي،دارمي،مستدرڪ ، حاڪم، دارقطني ۽ الطبراني المعجم الڪبير ۽ المعجم الصغير ۾ آهي)جيڪو تو وٽ امانت رکي ته ان کي امانت با سلامت موٽائي ڏي ۽ جيڪو توسان خيانت ڪري ته تون ان سان خيانت نه ڪر.
سمجهاڻي:امانت جو وڏو بار آهي. جيڪو ماڻهو توکي امين ۽ چڱو ماڻهو امانت دار سمجهي. ڪا امانت رکي ته حق ايئن آهي ته ان کي سندس امانت سئي سڳي سميت موٽائي ڏي ۽ پنهنجي امانت داري قائم رکقرآن ڪريم ۽ حديث ۾ امانت ادا ڪرڻ جو گهڻو تاڪيد آيل آهي.
البته جو ماڻهو توسان خيانت ۽ دوکو ڪري ته به تون ان جي بدلي ۾ پلاند طور خيانت ۽ دوکو نه ڪر. پر پنهنجي امانت داري تي قائم رهه. ڇاڪاڻ ته چڱي سان ته هر ڪو چڱائي ڪندو آهي.پر ڀلو ماڻهو اهو آهي جو بري سان به ڀلائي ڪري.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي:
چڱن ساڻ چڱائيون،ائين هر ڪو هوءِ
تو جيئن ڪري نه ڪوءِ، بڇڙن ساڻ ڀلائيون.
(شاهه)
(مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ڪتاب ؛محبوب نبيء صه جا مٺڙا ٻول)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو