Monday, May 14, 2018

وال پيپر ؛ سنڌ پوليس جي ماڻهومارمهم.

سنڌ ۾ پوليس کاتي جي ڪارنامن کان سمورو عوام واقف آھي پوليس  جهڙي اھم ترين اداري جو اولين ڪم عوام جي حفاطت ڪرڻ ھوندو آھي ان کانسواء، ملڪ ۾ وڌندڙ ڏوھن کي ڪنٽرول ڪري ڏوھارين کي عدالتن ۾ پيش ڪري اتان سزائون ڏيارڻ ھوندو آھي پراسان وٿ پوليس اڄ ڏينهن تائين نه عوام جي حفاطت ڪرڻ سکي آھي نه ئي اھا پنهنجوپاڻ کي ان  قابل ڪري سگهي آھي جو ماڻهوان تي اعتبار ڪن ۽ بنا ڪنهن خوف جي وڃي ٿاڻي تي ڪنهن زيادتي خلاف داد فرياد  ڪري سگهن بلڪ سماڄ ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ وارداتن کان پوء پوليس کان ئي وڌيڪ ماڻهوڊنل رھندا آھن. اھڙي صورتحال ۾ جڏھن پوليس کاتي وٿ ماڻهن جوداد فرياد ٿي نه سگهندوھجي ته ڏوھاري ڪاروائين ۾ گهٽتائي ٿيڻ ۽ ماڻهن کي اٽصاف ملڻ ڪهڙي ريت ممڪن ٿي سگهي ٿو.پوليس ٿاڻن مان لاش ملڻ به اسان وٿ عام ڳالھه آھي. ان کانسواء ھاف فراء ۽ فل فراء وارو سلسلوبه وڏي وقت تائين جاري رھيو جنهن ۾ اھي ماڻهو به شڪار ٿي ويا جيڪي ڏوھاري به  نه ھئا. ڪالهوڪي مليل ھڪ خبرموجب قاضي احمد پوليس انٽرجي نوجوان شاگرد تي تشدد ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي. ڪجهه ڏينهن اڳ نوابشاهه جي عدالت وٽان کنڀي گم ڪيل ڳوٺ مٺا خان جوکيوجوانٽر۾ پڙھندڙ شاگرد سجاد جوکيو مارجي ويوآھي.نوجوان کي بيھوشي وري حالت ۾ اسڀتال آندو ويو جتي ھن دم ڏئي ڇڏيو جڏھن پوليس جهڙو کاتو به انساني حقن کان مٿانهان  اپاء وٺندي اھڙي قسم جا ڪم ڪندوھجي ته ان کان پوء ڇا اھا گنجائش رھي ٿي ته پوليس لاء اھو چئجي ته اھو ھڪ اهڙو کاتو آھي جيڪوعام ماڻهو کي تحفظ فراھم ڪندو. ھي ھڪ بنهھ انسايت جا لڀڪا لتاڙيندڙ واقعوآھي ان ڪري جواھڙي قسم جا واقعا پيش اچڻ سان اھوتا ثر اڀري ٿو  ته پوليس کاتو جڏھن به جنهن کي به چاھي ان کي کنڀي گم ڪري وارثن حوالي لاش موڪلي سگهي ٽو جيتوڻيڪ اڄوڪي واقعي کانپوء، ايس ايڇ او کي معطل ڪري ستن ڄڻ خلاف ڪيس داخل ڪيويوآھي. ڊي آ جي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ٽن ڏبنهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آھي پر ماضي ۾ به جڏھن اھڙي قسم جا واقعا ٿيا آھن انهن ۾ به پوليس کي اھڙا ڪيس ڦٻجي ويندا آھن چاڪاڻ ته اهڙن ڪيسن ۾ مقتولن جي وارثن تي ايترو زور بار رکيو ويندوآھي جو اھي وڌيڪ پنهنجي تذليل ٿيندي نٿا ڏسي سگهن تنهنڪري اھي ڪيس تان ئي ھٿ کڻي ويندا آھن اسين سمجهون ٿا ته ھن واقعي جي جيتري نندا ڪجي اها گهٽ آھي پر جهڙيء ريت شاگرد جي قتل تي ترت نوٽيس  ورتوآھي ۽ جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي ته ان ڪميٽي جواھو فرض ٿئي ٿوته اها  اڻ ڌري رپورٽ پيش ڪري اصل حقيقتن کي عوام آڏوآڻي ته جيئن اڳيان ھلي پوليس ۾ موجود رھزن ايس ايڇ او ڪنهن به بي گناھه شاگرد کي ائين تشدد ڪري قتل نه ڪري سگهن ۽ ماڻهن جوويساهه به  پوليس کاتي تي قائم رهي.






















































(روزاني سنڌ ايڪسپريس 14 مئي 2018ع)





No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو