Tuesday, May 15, 2018

سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان ٿيندر زيادتيون ۽ ڪجهه سوال….


گذريل ڪيئي سالن کان وٺي ملڪ جي ڪيئي علائقن ۾ نياڻين سان جنسي زيادتين جا ڪيئي واقعا مسلسل اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندا رهيا آهن خاص ڪري پنجاب جي شهر قصور جي معصوم زينب جو ڪيس جنهن سڄي ملڪ کي لوڏي ڇڏيو هو، واضع رهي ته قصور ۾ هڪ سال دوران ٻارنهن کان وڌيڪ نياڻين سان جنسي زيادتيون ٿيون ۽ انهن کي قتل ڪيو ويو جنهن بعد پنجاب جو شهر قصور سڄي ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ معصم نياڻين سان زيادتين ۽ کين قتل ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي بدنام ٿي ويو هو، سڄي ملڪ ۾ معصوم نياڻين سان جنسي زيادتيون پنجاب ۽ ان جي شهر قصور ۾ گهنيون ٿيون آهن ۽ بدقستيءَ سان سڄي ملڪ ۾ اهڙن انسانيت سوز واقعن جو تسلسل جاري آهي،
سنڌ اهڙن انسانيت سوز واقعن کان ڪنهن حد تائين محفوظ هئي، ڪجهه واقعا ضرور ٿيندا هئا پر انهن ۾ ايترو تسلسل ۽ تيزي نه هوندي هئي، ايڪڙ ٻيڪڙ واقعا ٿيندا هئا، پر هاڻي افسوس جي صورتحال اها آهي ته گذريل ٻن ميهنن کان سنڌ ۾ جهڙوڪر معصوم نياڻين سان جنسي زيادتي، تشدد ۽ انهن جي قتل وارن واقعن ۾ تيزي اچي وئي آهي.
ملڪ سميت سڄي سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان جنسي زيادتيون ۽ انهن جي المناڪ قتل بعد جهڙوڪر ڪيئي سوال پيدا ٿي پيا آهن.، جيڪي سڄي سماج کان جواب طلب ڪري رهيا آهن.
معصوم نياڻين جي قتل بعد سڄي ملڪ جي ساڃاهه وندن ۾ سماج ۾ پيدا ٿيل اهڙي لاڙي ۽ رجحان تي پڻ انتهائي تشويش جو اظهار ڪيو ويو آهي.. اهو سوال به اڀري سامهون آيو آهي ته ملڪ ۾ معصوم ٻارڙن جي تحفظ لاءِ ڪي حفاظتي اپاءَ ڇونه پيا ورتا وڃن؟، سماج جا اخلاقي معيار ايترا مڪروح ۽ ڪرڀ وارا ڇو ٿي پيا آهن، سرڪار معصوم ٻارڙن خاص ڪري نياڻين خلاف اهڙين ڪاررواين کي روڪائڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي آهي، اهڙن المناڪ واقعن ۾ ملوث ذميوارن کي گرفتار ڇو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ انهن کي سزا ڏئي معاشري لاءِ ڪو مثال قائم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي..
هي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي سوال آهن جيڪي سماج ۾ هر وقت گردش ڪندا رهن ٿا ۽ جواب جا منتظر رهن ٿا. سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان هن ئي مهيني جي پهرين ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي ۾ هڪ ٻئي پٺيان چار ڪيس ٿيا جن مان اهم ڪيس صائمه جروار جو هو جنهن تي سول سوسائٽيءَ تمام گهڻو سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ ڪيئي ڏينهن تائين سوشل ميڊيا ۽ روڊن رستن تي شديد تحريڪ هلائي جنهن جي نتيجي ۾ حڪومتي حلقن تي پڻ تمام گهُڻو اثر ٿيو ۽ سنڌ جي حڪومتي حلقن ان سلسلي ۾ پاڻ هرتا قدم کڻي اهڙي احتجاج کي روڪرائڻ جون ڪوشش ڪيون پر سول سوسائٽيءَ جي سرگرم ڪردار بعد سنڌ حڪومت ۽ پوليس کي سرگرميءَ جو مظاهرو ڪرڻو پيو نتيجي ۾ صائمه ڪيس جا ٻئي جوابدار پڪڙيا ويا ۽ انهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو.
انهيءَ سلسلي ۾ ڪالهه هڪ ٻيو انسانيت سوز واقعو نواب شاهه ۾ پيش آيو، نواب شاهه جي لائن پار علائقي جمشيد ڪالونيءَ ۾ جوابدار پنهنجي سڳي مامي جي گهر ۾ داخل ٿي ڀاتين جي غير موجودگي ۾ چوٿين درجي جي شاگردياڻي 8 سالن جي شمائلا جيڪا جوابدار جي رشتي ۾ ماسات ٿئي کي ڪمري ۾ بند ڪري جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ بعد ۾ ڇري سان سندس ڳلو ڪپي  لاش رلي ۾ ويڙهي گهر ڀرسان مينهن جي واڙي ۾ اڇلائي فرار ٿي ويو.
مٿي جيڪي واقعا بيان ڪيا ويا آهن، اهي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هن ئي مهيني ۾ ٿيا آهن، انهن کان سواءِ به معصوم نياڻين سان جنسي زيادتين جي ڪوششن جا ڪيئي ڪيس الڳ آهن.
اسان اهو سمجهڻ کان قاصر آهيون ته سنڌي سماج ۾ معصوم نياڻين سان هي جيڪي قهري ڪارروايون شروع ٿيون آهن، انهن جا سبب ڪهڙا آهن، ؟ ڇاسماج جا اخلاقي معيار پست ٿي ويا آهن، ؟ڇا سماج ۾ ڪا جنسي هيجيانيءَ واري صورتحال پيدا ٿي پئي آهي، ؟ ڇاسماج جنسي طور تي ڪنهن نفسياتي مونجهاري جو شڪار آهي؟آخر ڪار مسئلو آهي ڇا؟ ان جي خبر لهڻ ضروري آهي
دنيا جي ڪنهن به معاشري ۾ جڏهن اهڙيون ڪارروايون ٿينديون آهن يا ڪي به منفي رجحان جنم وٺندا آهن ته سڀ کان پهريان ان سماج جا ساڃاهه وند ماڻهو انهيءَ طرف متوجهه ٿيندا آهن ۽ اهڙن ناڪاري عملن جو جائزو وٺي سرڪار کي صلاحيندا آهن يا سرڪار مٿان دٻاءَ وجهندا آهن ته سرڪار ان معامري کي روڪڻ / ختم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪي قدم کڻي، سماجي سڌارا آڻي، اسيمبليءَ ۾ قانون پاس ڪري ۽ انهن کي سماج ۾ لاڳو ڪري.
پر افسوس جو سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ڪوبه رجحان نظر نه پيو اچي نه سماجي سطح تي ۽ نه ئي حڪومتي سطح تي، سنڌ ۾ ته بدقسمتي اها آهي جو انهن مسئلن کي جهڙوڪر مسئلو سمجيو ئي نه ٿو وڃي، اهڙن سنگين معاملن کي فقط هڪ ڏوهه چئي انهن کي رد ڪيو پيو وڃي.
اسان هن موقعي تي ۽ مٿي ذڪر ڪيل انتهائي اذيتناڪ واقعن جي پس منظر ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ حڪومتي حلقن تائين سڄي سماج جو اهو مطالبو پهچائينداسين ته سنڌ ۾ معصوم نياڻين سان زيادتين ۽ کين قتل ڪرڻ وارين ڪارروائين کي ٻنجو ڏيارڻ لاءِ وڌ کان وڌ قانوني ۽ انتظامي قدم کڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن.
(روزاني عوامي آواز 15مئي 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو