Sunday, May 6, 2018

ڌوڪو کائيندڙ عوام ۽ خلائي مخلوق


مهتاب اڪبر راشدي
وقت، موسم ۽ انسان سڀني جي فطرت هڪ جهڙي ئي هوندي آهي، ڪير، ڪڏهن، ڪيئن بدلجي وڃي خبر ئي نه پوندي آهي پر اسان بيخبر انسان! شايد ان بي خبريءَ ۾ ئي جيئڻ پسند ڪندا آهيون، پنهنجين خواهشن يا اميدن کي آڏو رکي، ماڻهن تي ڀروسو ڪندا آهيون پوءِ ڪڏهن خوش ته ڪڏهن مايوس ٿيڻ کي تقدير جو لکيو يا وري نامواقف وقت کي ڏوهه ڏيندا آهيون.
اڄ ڪلهه اسان وٽ اهڙي ئي موسم اچي وئي آهي. بي اعتباريءَ ۽ بي وفائي جي موسم! ڪنهن معمولي ڳالهه کي سبب بڻائي، رسي وڃڻ جي موسم! هونئن به الله جي مخلوق ۽ چڙهندڙ سج طرف ئي ڏسندي ۽ اوڏانهن جو ئي رخ ڪندي آهي، هر ڪنهن جي آڏو پنهنجا مفاد پنهنجو مقام منصب ۽ ترقي ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي، ۽ جي اها خواهش سياست واري ”ڌنڌي“ سان لاڳاپيل آهي ته پوءِ بس ”موسم“ مٽجڻ جي دير هوندي آهي.
پاڪستان جي تاريخ ۾ بيٺي بيٺي منهن مٽائڻ ۽ وفاداريون تبديل ڪرڻ ته ڪا وڏي ڳالهه نه رهي آهي، اهڙي نموني جلدي جلدي جوڻ مٽائڻ وارن کي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. مثال ڪي ”فصلي بٽيرا“ سڏبا آهن ته ڪن کي وري ”لوٽا“ چيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو پنهنجي خمير ۾ نڪ جا ڏاڍا پڪا هوندا آهن ۽ وٽن پاسا مٽائڻ لاءِ به ڏاڍا پڪا دليل هوندا آهن. اهي دليل يا ته ملڪ جي ”سالميت“ بچائڻ لاءِ ڏبا آهن يا وري (موسم آهر) ”جمهوريت“ کي بچائڻ لاءِ هنن جي قرباني ڏيڻ متعلق هوندا آهن.
اهو ياد ڏيارڻ جي ضرورت ته ڪونهي ته هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هن مهل تائين سياستدان پنهنجي ذاتي مفادن جا اسير رهيا آهن، هنن جي نااهلي بشري ڪمزورين ۽ لالچن جو ادراڪ تڏهن کان ئي انهن قوتن کي ٿي ويو هو، جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح ملڪ کي ڪو بنياد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هيون. ان سڄي عمل ۾ قائد اعظم محمد علي جناح ۽ هن جي ڪجهه نظرياتي ساٿين ۽ ڪارڪنن جي منظرنامي تان هٽي وڃڻ کان پوءِ جنهن کي اسٽيبلشمينت چيو وڃي ٿو، تن سڌي طرح ملڪي ڪاروهنوار ۾ مداخلت ڪئي.
هن مهل تائين اسان پنهنجي بحث مباحثن ۽ گفتگو ۾ اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته آخري ”اسٽيبلشمينٽ“ ڪنهن کي ٿو چيو وڃي؟ سولن سڌن لفظن ۾”اسٽيبلشمينٽ“ جو مطلب آهي ڪو ڪاروباري يا عوامي ادارو، انتظاميا، ڪو بااقتدار يا بااثر گروهه يا تنظيم. انهن سڀني ٻڌايل معنائن مان هاڻي پاڻ ئي ڪا تنظيم يا گروهه ڳولي وٺو جنهن کي توهان ملڪي معاملن ۾ حاوي ٿيندي ڏسو. اسان وٽ سالن کان فوج جو ادارو ئي ملڪي معاملن ۽ حڪومتي فيصلن تي اثرانداز ٿيندو رهيو آهي. ان جو سبب هن کان اڳ به هنن ئي صفحن ۾ ڪيترا ڀيرا بحث هيٺ اچي چڪو آهي ته ملڪ جي آزاديءَ کان وٺي ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ وارن بنيادي ادارن پنهنجون پاڙون ئي پختيون ڪو نه ڪيون. ان جو نتيجو اهو نڪتو جوملڪ هڪ تجربيگاهه بڻيو رهيو. سياستدان پنهنجي واري جا منتظر رهيا ۽ فوج به واري وٽيءَ سان پوري اقتدار جو مزو ماڻيندي رهي ۽ سياستدان اقتدار ۾ اچڻ لاءِ هنن جي رضامنديءَ جا محتاج رهيا.
فيلڊ مارشل ايوب خان، يحيٰ خان، جنرل ضياءَ الحق ۽ جنرل پرويز مشرف ”ميري عزيز هم وطنو“ سان اقتدار تي قابض ٿي ملڪ کي ”بچائڻ“ جا دليل ڏئي جمهوري سفر کي زيرو، ميل تائين پهچائي هڪ قدم اڳتي ۽ ٻه قدم پويان ڇڏي پنهنجي خيال ۾ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪندا رهيا. ملڪ جي ستر سالن جي تاريخ ۾ اڌ کان وڌيڪ عرصو فوج ئي ملڪ تي سنئين سڌي طرح حڪمران رهي آهي ۽ اهو چوڻ به غلط ٿيندو ته کين اقتدار جي ايوانن تائين پڄائڻ ۾ عدليا جو پورو حصو رهيو آهي. پوءِ ڪڏهن نظريي ضرورت تحت ته ڪڏهن ڏنڊي جي ڊپ کان ان ۾ به ڪيترا پيشيور ايماندار جج اهڙا به رهيا جن پنهنجو منصب ڇڏي ڏنو ۽ تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکائي ويا ۽ ڪيترائي اهڙا وڏا نالا هيا جن وقتي فائدن لاءِ پنهنجي پيشي جي مرتبي جي ابتڙ فيصلا ڪيا، اهي سڀ واقعا تاريخ جو حصو آهن پر اڄوڪي صورتحال ۾ هڪ دلچسپ موڙ آيو آهي، هونئن ته اڄ ڪلهه مروج رجحانن مطابق ته سياست ۾ ڪو ڪيڏي مهل به ڪنهن کان منهن مٽائي سگهي ٿو. هڪ ٻئي کي گارگند ڪرڻ وارا اڄ ڪلهه ڀاڪر پائيندي نظر پيا اچن ۽ اڳتي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پارٽي اڳواڻ اهي پيشن گويون به ڪن پيا ته مستقبل ۾ هو ”جمهوريت“ (اقتدار) خاطر پنهنجي مخالفن سان به هٿ ملائڻ لاءِ تيار آهن.
اهو رڳو ايندڙ وقت جو منظرنامو ناهي پر ايئن ته سدائين ٿيندو رهيو آهي، هي واقعا ته عوام جي سامهون ايندا رهيا آهن بلڪه هو سڌي اڻ سڌي طرح ان عمل ۾ شامل ٿيندا رهيا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته پارٽي ليڊرن جا ڪيل فيصلا انهن جا ذاتي فيصلا رهيا، عوام جو انهن فيصلن ڪرڻ ۾ ڪو به عمل دخل نه رهيو. بس ”جمهوريت“ ئي بچندي رهي ۽ عوام جهمر۽ نعريبازي سان منجهايو ۽ وندرايو ويو.
عوام جي بي توقيريءَ جا ثبوت اڄ ڪلهه آصف علي زرداري ۽ نواز شريف جي واتئون روز پيا ٻڌجن. شروعات زرداري صاحب طرفان ڪئي وئي (هاڻي ترديدون پيون اچن ته هن اهڙو ڪو بيان ئي ڪو نه ڏنو آهي) سندس چوڻ مطابق نواز شريف کيس ڌوڪو ڏنو، هن کان فوج خلاف بيان به نواز شريف ئي ڏياريا. ۽ هنن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائي پاڻ وچان فائدو وٺندو رهيو. جنهن ڳالهه جو بيان زرداري صاحب فرمائي پيو ۽ پاڻ کي ٻالو ڀولو ۽ معصوم ثابت ڪري سو گهڻن ماڻهن کان هضم ڪو نه ٿو ٿئي.
ٻئي طرف نواز شريف پنهنجو روئڻ پيو روئي ته کيس زرداري صاحب ڪٿي ۽ ڪيئن ڌڪ پٽايو آهي. ٻيو ته ٺهيو خواجا آصف به ”اعترافن“ تي لٿل آهي ۽ ان ”گناهه“ تي شرمندو آهي جيڪو بقول هن جي زرداري صاحب جي خواهشن جي پيش نظر هنن مخدوم امين فهيم کي وزارت عظميٰ کان پري رکڻ ۾ زرداري صاحب جي مدد ڪئي.
هنن ٻن وڏين پارٽين جي ليڊرن هڪ ٻئي تي الزام در الزام هڻي اڻ سڌي طرح هڪ وڏي ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته هنن جي هڪ ٻئي سان مفاهمت ۽ محبت ۽ نسل در نسل ساٿ نڀائڻ جا واعدا رڳو هڪ ٻئي جي ذاتي مفادن جي بچاءَ لاءِ هيا، عوام ته رڳو شطرنج جي پيادن (مهرن) وانگر استعمال ٿيندو رهيو آهي. حقيقت ۾ ته هو ٻئي هن ملڪ جي وسيلن لٽڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهيا آهن ۽ ان کي پنائڻ ۽ ڀينگ ڪرڻ جا به وڏا مجرم آهن.
هاڻي جڏهن نواز شريف اوچتو ”نظرياتي“ ٿي ويو آهي ۽ فوجي ادارن جي روين کان ناخوش ٿيندي سنئون سڌو سندن نالي کڻن بنا انهن کي ”خلائي مخلوق“ جو نالو ڏئي ڇڏيو اٿائين، جڏهن ته زرداري صاحب نواز شريف جي اهڙن ”مقتدر“ ادارن جي بيتوقيريءَ تي ڪن پڪڙي توبهه پيو ڪري ۽ ”اينٽ سي اينٽ بجاني“ واري بيان جو ملبو به نواز شريف جي مٿان اڇلايو اٿائين ته اهي اکر به ”مون معصوم جي وات ۾ هن ناهنجار وڌا“.
غور ڪرڻ واري ڳالهه آهي ته ٻنهي پارٽين جا ڪردار ڪيئن مٽجي ويا آهن؟ مسلم ليگ (ن) جيڪا آمرن جي آشيرواد سان اقتدار ماڻيندي رهي ۽ جنهن جو ڪم رڳو ملڪي وسيلن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻو هو، ان جو ليڊر هاڻي پورو ”نظرياتي“ ٿي چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي باني پنهنجي ئي محسن جيڪو پڻ هڪ ڊڪٽيٽر هو ۽ جنهن کيس اقتدار جي ايوانن تائين اچڻ جا ڏس پتا ڏنا، تنهن جي خلاف عوام کي متحد ڪري جمهوريت جي واٽ ڏسيائين. جمهوريت ۽ اسلامي سوشلزم جو نظريو متعارف ڪرايائين. پنهنجي نظريي ۽ خوابن جي ساڀيان لاءِ نه صرف ملڪي بلڪه بين الاقوامي ”اسٽيبلشمينٽ“ سان منهن مقابل ٿي ڦاهي چڙهي ويو ۽ پنهنجا ميرا به ڌوئي ويو. بينظير ڀٽو به انهن ئي قوتن جو نشانو بڻي.
انهن نظرياتي ليڊرن جي پارٽي اڄ انهن سڀني نظرين جي نفي ڪندي انهيءَ ”بااثر گروهه“ جي هنج ۾ ويهڻ لاءِ آتي آهي، جنهن کي اشارن ڪناين ۾ ”اسٽيبلشمينٽ“ چوندا رهيا آهن.
پاڪستان ۾ پوئين صديءَ کان پاڻ کي کاٻي ڌر سان لاڳاپيل ۽ ڪنهن نظريي سان سلهاڙيل جن ڪارڪنن، پيپلز پارٽي جي نظريي سان ڪي اميدون وابسطه ڪيون هيون آهن، پريشان آهن ته هاڻي ڪيڏانهن وڃن؟. انهن مان ڪي پنهنجي ليکي پاڻ ئي پاسيرا ٿي ويا آهن، ڪن کي پارٽيءَ پاڻ ڌڪي ڇڏيو آهي، ڇو ته هاڻي نه نظريو رهيو ۽ نه ئي نظرياتي ماڻهن جي ضرورت.
معاملا بلڪل صاف آهن، مفادن جي ٽڪراءَ سڀني جي نيت ۽ اصليت کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي. نواز شريف کي پڪ آهي ته هو اخلاقي ۽ قانوني جنگ هارائي چڪو آهي ٻين لفظن ۾ ته هو پنهنجا ٻيڙا ساڙي ميدان ۾ لٿل آهي ۽ قوم کي ”خلائي مخلوق“ جي ڳولها تي لڳائي ڇڏيو اٿائين.
پر ”خلائي مخلوق“ لاءِ پاڻ کي جاچڻ ۽ پنهنجي ڪردار متعين ڪرڻ جو به اهو ئي وقت آهي، ايئن ڪيستائين ٿيندو رهندو جو تجربي پٺيان تجربا ٿيندا رهن ۽ نتيجا منفي نڪرن!. جيتري طاقت ۽ زور هنن وٽ آهي ان حساب سان انهن کي هن مملڪت خداداد ۾ صحيح ماڻهو ڇو نه ٿا لڀن؟ زبان ۽ فرقن جي بنياد تي لساني ۽ مذهبي گروهه تيار ڪري مخلوط حڪومتون ڪجهه وقت ته هلي سگهن ٿيون پر پوءِ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل زبان ۽ مسلڪ جا ويڇا ڪيئن ختم ٿيندا؟. سندن پشت پناهي، عدالت عاليا کي به مضبوط ٿي ڪري ۽ پوءِ هو جي ”چاهين“ ته ”جمهوري“ سياستدانن جي ڪِننِ ڪارنامن کي وقت سر ڇو نه ٿا ورڪي سگهن؟. پنهنجي ئي مرضيءَ سان ٺاهيل ”نيب“ جهڙن ادارن کي سفارش ۽ بدعنوانيءَ کان آجو ڇو نه ٿا ڪري سگهن؟.
ملڪ کي بچائڻو آهي ته انصاف ۽ بي ريائيءَ وارو نظام ئي هلي سگهندو پر جي مقصد رڳو نام نهاد جمهوريت کي بچائڻ لاءِ چونڊون ئي ڪرائڻيون آهن ته موجوده حالتن ۾ مختلف پارٽين جي پوزيشن ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو فرق پوڻو آهي؟.
هي صورتحال ڪن سنجيده قدمن جي گهرجائو آهي، هر ملڪ ۾ مجموعي طور تي هر معاملي کي جاچڻ ۽ تجزيو ڪرڻ ۽ مثبت نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ اڻ ڌرين پر معاملا فهم ۽ انتظامي ۽ معاشي موضوعن تي دسترس رکندڙ ذهين ماڻهن تي مشتمل ڪو ”ٿنڪ ٽينڪ“ جوڙيل هوندو آهي، جيڪو موقعي جي مناسبت سان حڪومت کي تجويزون ۽ مسئلن جو حل ڏسيندو آهي. اسان وٽ اهڙو ڪو رواج ناهي. اسان جي حڪومت هڪ سال لاءِ هجي يا ڏهن سالن لاءِ اها Ad-hoc   روز هر ڏهاڙي جي حساب سان فيصلا ڪندي آهي. اهڙي سوچ جو نتيجو اسان جي سامهون آهي، ڪا به واضح ، پائيدار ۽ دورس نتيجن واري ڪا به حڪمت عملي ملڪ ۾ نظر نه ٿي اچي.
چونڊن جي پڪ ڪنهن کي به ڪونهي پر چونڊن کي ذهن ۾ رکندي سياسي جلسا جتي ڪٿي شروع ٿي چڪا آهن. پيپلز پارٽي به سنڌ ۽ پنجاب ۾ جلوا ڏيکارڻ کان پوءِ بلوچستان ۾ پهچي چڪي آهي ٻيو ته ٺهيو پيپلز پارٽي جي لياقت آباد ۾ ڪيل هڪ جلسي، ايم ڪيو ايم جي ٻن ڌڙن کي وري ملائي ڇڏيو آهي. فاروق ستار به پنهنجي سياسي مستقبل کي نظر ۾ رکندي ڪامران ٽسوري کي ٽشو پيپر وانگر استعمال ڪرڻ کان پوءِ بهادر آباد پهتو ۽ ”متحده قومي موومينٽ“ بدلجي وري ”مهاجر قومي موومينٽ“ ٿي وئي. هتي اهو به سوال پڇي سگهجي ٿو ته ڇا اهو سڀ ڪجهه به ”خلائي مخلوق“ جي اشارن تي پيو ٿئي؟.
سياستدان ته پنهنجن ڪيل ڪمن جو حساب ڪتاب ڏيندا پر تاريخ جي هن اهم موڙ تي اصل ڪم هاڻي ”خلائي مخلوق“ جو ئي ٿو رهي. وقت اچي ويو آهي ته جمهوريت جي نالي ۾ ڌوڪو کائيندڙ، قربانيون ڏئي هن ملڪ کي بچائڻ واري عوام جي پٺ تي هاڻي خلائي مخلوق بيهي ۽ هنن سان گڏجي هڪ پرامن ۽ انصاف ڀرئي معاشري جي پيڙهه وجهي.
 (روزاني عوامي آواز 6 مئي 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو