Thursday, May 3, 2018

ٻيهر سرگرم ٿيل متحده مجلس عمل.


شفيق الرحمان شاڪر
آمريڪا ۾ ٿيندڙ نائين اليون جو افسوسناڪ واقعو جتي هڪ طرف دنيا لاء ڪيتريون ئي ڳڻتيون ۽ پريشانيون کڻي آيو اتي ٻئي طرف ڪافي ماڻهن لاء سندن پنج ئي آڱريون گيهه ۾ هئڻ جو سبب به بڻيو.ان واقعي کان پوء دنيا جي بدلجندڙ صورتحال ، دهشتگردي ۽ انتهاپسنديء جي اوٽ ۾امريڪا جي خراب ارادن مسلمان دنيا کي ڪيترين ئي ڏکائين جو شڪار ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن آمريڪا ڪنهن بدمست هاٿيء جيان افغانستان کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ نئين اڀرندڙ طاقت طالبان حڪومت خلاف جنگ جو دهل وڄايو جيڪي دراصل سندس پنهن جا ئي پيدا ڪيل پيارا هئا ته سابق ڊڪٽيٽر ۽ ان وقت جي پاڪستاني صدر جنرل پرويز مشرف آمريڪي داٻي ۾ اچي افغان پاليسيء کان يو ٽرن اختيار ڪيو ۽ پاڪستان جي آزاد فضائن کي رت ۽ بارود جي هوليء حوالي ڪري ڇڏيو.ان وقت پوري دنيا وانگر پاڪستان ۾ پڻ ان جو سخت ردعمل سامهون آيو ۽ اليڪشن ويجھي آئي ته ڪجهه مذهبي جماعتن اسلام جي نفاذ،طالبان جي مظلوميت ۽ آمريڪا کي گاريون ڏيڻ جي عنوان سان هڪڙو سياسي اتحاد قائم ڪيو جنهن کي “متحده مجلس عمل” جو نالو ڏنو ويو.اهو اهڙو وقت هو جو پاڪستان جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پي پي پي ۽ مسلم ليگ نون جي قيادت ملڪ کان ٻاهر هئي ۽ انهن جا اهم اڳواڻ مشرف جي عتاب هيٺ هئا.حقيقت ۾ متحده مجلس عمل جهڙي ڪنهن اتحاد جي ضرورت مشرف کي هئي جنهن جا ليکا دنيا کي ڏيئي هو پنهنجو غير آئيني اقتدار ڊگھوبه رکي سگھي۽ ضرورت وقت هو اهڙي اتحاد کي پنهن جي مرضي ۽ مقصدن موجب استعمال به ڪري سگھي.سو 10 آڪٽوبر 2002ع ۾ پرويز مشرف عام چونڊون ڪرايون ته انهن ۾ متحده مجلس عمل قومي اسيمبليء ۾ ستونجاهه سيٽون حاصل ڪري ورتيون جيڪي بعد ۾ اقليتي ۽ عورتن جون سيٽون ملائي ڪري ٽيهٺ جي انگ تائين پهچي وييون.ڪي پي ڪي ۾ صرف چند سيٽون ڇڏي ڪري باقي سموريون سيٽون مجلس عمل کڻي ورتيون جنهن جي نتيجي ۾ اتي انهن جي مضبوط صوبائي حڪومت جڙي ويئي.صوبي بلوچستان ۾ به انهن هڪ گڏيل حڪومت جوڙي ورتي البت مرڪز ۾ انهن کي ڪجهه سببن ڪري حڪومت ٺاهڻ نه ڏني ويئي پر اتي به مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر اڳواڻ جي گادي سنڀالي جنهن کي اٽڪل وزيراعظم جهڙيون سهوليتون ۽ رعايتون ميسر رهيون.اهڙيء طرح فيبروري 2003ع ۾ ٿيندڙ سينيٽ چونڊن ۾ متحده مجلس عمل 18 سيٽون حاصل ڪيون ۽ شايد پاڪستان ۾ پهريون دفعو مذهبي قوتون ايڏي وڏي سياسي ڪاميابي حاصل ڪري سگھيون هيون.
هاڻي وقت هو جو عوام سان ڪيل اڻ ڳڻيل وعدن کي پورو ڪيو وڃي ها ۽ ووٽ وٺڻ مهل جيڪي عظيم نعرا لڳايا ويا هئا انهن کي عملي شڪل ڏني وڃي ها،خاص طور تي تعليم،صحت ۽ روزگار جي شعبن سان گڏوگڏ اسلامي قانونن جي نفاذ جي حوالي سان اڳڀرائي ڪئي وڃي ها جيئن انهن ماڻهن کان انهي ئي بنيادي نعري ۽ وعدي سان ووٽ حاصل ڪيا هئا،عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪو اسلامي رول ماڊل پيش ڪيو وڃي ها،افغانستان ۾ آمريڪي ظلم روڪرائڻ لاء ڪو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي ها ۽ گڏوگڏ مسجدن،مدرسن ۽ خانقاهن جي بهتريء لاء قدم کنيا وڃن ها.ديني توڙي دنيوي علمن جي حصول م شاگردن کي سهوليتون ۽ رعايتون فراهم ڪيون وڃن ها،ديني مدرسن مان حاصل ڪيل ڊگرين کي ڪا قانوني حيثيت ۽ وقعت ڏني وڃي ها، پوري صوبي ۾ موجود يتيمن،مسڪينن ۽ بيواهن جي گذر سفر جو ڪو شروعاتي عملي خاڪو ترتيب ڏنو وڃي ها.وياج جي خاتمي لاء ڪي عملي قدم کنيا وڃن ها،اهي ۽ اهڙائي ٻيا عوامي ڀلائيء جا انيڪ منصوبا جڙي ۽ انهن تي عمل ممڪن ٿي سگھيو ٿي جن جون اميدون انهن کان سندن ووٽرن ان ڪري رکيون هيون جو انهن جي نظر ۾ اهي انهن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صاحب علم ۽ بصيرت نظر آيا ٿي پر افسوس جو اهڙو ڪجهه به نه ٿيوجنهن کي تبديليء جو اهڃاڻ چئي سگھجي.ماڻهن کي اها اميد هئي ته انهن جي حڪومت ۾ اچڻ سان هر طرف سڪون ئي سڪون هوندو ۽ ماڻهن جون زندگيون بدلجي وينديون پر جلد ئي عوام انهن کان به ٻين سياستدانن وانگر مايوس ٿي ويو جنهن جو ردعمل 2008ع جي چونڊن ۾ ڏسڻ لاء مليو.
سيپٽيمبر 2003ع ۾ جڏهن ان وقت جي تعليم واري وفاقي وزير زبيدا جلال قرآني آيتن کي نصاب مان ڪڍڻ جو بل قومي اسيمبليء ۾ پيش ڪيو ته ان وقت مجلس عمل جا اٽڪل چاليهه ميمبر ايوان ۾ موجود هئا پر ان بل جي سختيء سان مخالفت ڪندڙ صرف هڪڙو ميمبرمولانا اعظم طارق هو پر هڪ مهينو پوء جڏهن مولانا هن دنيا ۾ نه رهيو ته اهو ساڳيو بل ايم ايم اي جي ميمبرن جي موجودگيء ۾ ايوان مان آسانيء سان پاس ٿي ويو.اهڙيء طرح آمريڪا دشمني ۽ طالبان جي مظلوميت جي نعرن جي بنياد تي ووٽ حاصل ڪندڙ متحده مجلس عمل جو ڪردار نيٽو سپلائي جي حوالي سان به گھڻو مايوس ڪندڙ رهيو.پاڪستاني صدر ۽ آمريڪي سفير سان ملاقاتن بعد سندن موقف ۾ واضح لچڪ نظر آئي.اهڙيء طرح حدود آرڊيننس،عافيا صديقيء جي معاملي، شريعت بل،ڊاڪٽر عبدالقدير جي نظربندي،لال مسجد ۽جامعا حفصا جي حوالي سان ايم ايم اي پنهن جي ووٽرن سان ڪيل ڪنهن به وعدي کي پاڻي نه ڏيئي سگھي.مولانا نورانيء جي اڳواڻيء ۾ ايم ايم اي ايل ايف او جي مخالفت ۽ مشرف کي ورديء ۾ صدر قبول نه ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو پر 11 ڊسمبر تي مولانا جي وفات بعد مجلس عمل جا سڀ معاملا ڊڪٽيٽر پرويز مشرف سان طيء ٿي ويا ۽ مشرف کي گاريون ڏيندڙن خوشي خوشي پرويز مشرف کي باوردي صدر قبول ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو.اي پي ڊي ايم ۽ سندن ڪجھه ظاهري استعيفائن باوجود سرحد اسيمبليء کي رڳو ان ڪري بحال رکيو ويو ته جيئن مشرف جي چونڊ لاء اليڪٽرول ڪاليج موجود رهي بلڪه سرحد حڪومت جي ايڪٽيهه ميمبرن مشرف جي حق ۾ به ووٽ ڏيئي ڇڏيو.اهڙيء طرح رند جا رند به رهيا ۽ هٿن مان جنت به نه ويئي.انهن جي ئي دور حڪومت ۾ ڪي پي ڪي اندر قائم شراب جي هڪ فيڪٽري پوري آب تاب سان نه رڳو شراب ٺاهيندي رهي پرپوري دنيا ۾ سپلائي به ڪندي رهي ۽ سندن صوبائي حڪومت انهيء کي تحفظ به ڏيندي رهي شايد ان ڪري جو اها فيڪٽري صوبائي حڪومت کي ٽيڪس ادا ڪري رهي هئي.انهن کي ووٽ ڏيندڙ عوام اڄ تائين حيرت وچان سوچي رهيو آهي ته انهن مذهب  جي نالي کي ماڻهن کي هڪ متبادل فلاحي ۽ سياسي نظام مهيا ڪرڻ لاء يا مذهب کي صرف اقتدار تائين پهچڻ لاء سيڙهيء طور استعمال ڪيو.
هڪ دفعو ٻيهر زنده ٿيل متحده مجلس عمل جي هاڻوڪي صورتحال اها آهي جو ان جون ٻه وڏيون شريڪ جماعتون جي يو آئي (ف) نوازشريف جي اتحادي جڏهن ته جماعت اسلامي ڪي پي ڪي ۾ عمران خان جي سياسي اتحاد جو حصو آهي.يعني ٻئي پارٽيون هن وقت به ڪنهن نه ڪنهن نموني اقتدار جا مزا ماڻي رهيون آهن.مولانا فضل الرحمان جنهن عمران خان کي يهودي لابيء جو ايجنٽ ڪوٺي ٿو،جماعت اسلاميء جو سراج الحق انهيء ئي عمران خان جو سياسي اتحادي آهي.مولانا فضل الرحمان جنهن نواز شريف خلاف ٿيندڙ عدالتي ڪاروائين کي انتقامي ڪاروايون سڏي ٿو انهيء ئي نواز شريف کي سراج الحق ڪرپشن جو بادشاهه سڏي رهيو آهي.ٻئي طرف ساڳيو سراج الحق نواز شريف سان ڪشمير ۽ سينيٽ چونڊن ۾ اتحادي به آهي.مولانا فضل الرحمان پاناما ليڪس کي عالمي سازش قرار ڏئي ٿو ته سراج الحق پاناما جي بنياد تي نواز شريف خلاف سپريم ڪورٽ وڃي چڪو آهي.مولانا فضل الرحمان فاٽا جي ڪي پي ڪي ۾ انضمام جو سخت مخالف جڏهن ته سراج الحق انهيء انضمام جو سخت حامي آهي.جڏهن متحده مجلس عمل جون ٻه مکيه پارٽيون ايڏن وڏن معاملن تي ئي ڪنهن هڪڙي نڪتي تي متفق ناهن ته اهي عوام کي ڪهڙن نڪتن تي متحد ۽ متفق ڪري سگھنديون؟ انهيء کان سواء ان اتحاد ۾ شامل ٻين پارٽين جا اڳواڻ به هڪٻئي لاء متضاد قسم جا خيال ۽ سوچون رکن ٿا.هن وقت نه ته ڪو نائين اليون آهي ۽ نه ئي ڪو مشرف جهڙو ڊڪٽيٽر،نه ته هي 2002ع وارو پاڪستان آهي ۽ نه ئي وڏين سياسي پارٽين جي قيادت ملڪ کان ٻاهر.انهيء کان سواء انهيء اتحاد ۾ شامل سمورين مکيه مذهبي جماعتن جي ماضيء جو ريڪارڊ عوام جي اکين سامهون پڌرو آهي ۽ هن وقت عمران خان جي پي ٽي آئي پڻ هڪ وڏي سياسي قوت طور اڀري سامهون اچي چڪي آهي.انهيء سموري صورتحال ۾ ايندڙ چونڊن اندر متحده مجلس عمل ڪهڙي نئين جذباتي ۽ مذهبي نعري جو سهارو وٺي عوام کان ووٽ گھرندي اهو ڏسڻ لاء گھڻو انتظار نه ڪرڻو پوندو!
(روزاني جيجل 1 مئي 2018ع)





No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو