Saturday, May 12, 2018

ملائيشيا ۾ مهاتير محمد جي شاندار ڪاميابيءَ جو راز


زاهد ميراڻي
مهاتير محمد جو هڪ تعارف:
مهاتير محمد دنيا ۾ واحد اڳواڻ هوندو جيڪو هاڻي سڀ کان پوڙهو اڳواڻ چوائڻ جو حقدار هوندو، ڇو جو هاڻي سندس عمر 92- سال ٿيندي.
هن کان اڳ به مهاتير محمد ملائيشيا ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين 1981ع  کان 2003ع تائين ملائيشيا جي وزير اعظم طور تي پنهنجيون ذميواريون سنڀاليون هيون، هُن پنهنجي وزير اعظم هجڻ دوران ملائيشيا کي شاندار اقتصادي ترقيون ڏياريون جن جو مثال ملائشيا جي تاريخ ۾ اڳ ملڻ مشڪل آهي.
مهاتير محمد جو جنم 10- جولاءِ 1925تي ٿيو، ۽ هُن پنهنجي تعليمي زندگيءَ جي شروعات طب جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان ڪئي، پر اڳتي هلي هو هڪ ڊاڪٽر بجاءِ ملائيشيا جي انتهائي ڪامياب اڳواڻ طور اڀريو.
هُن پنهنجي سياسي ڪيريئر جو آغاز ” مليشين يونائٽيڊ انڊيجينيس پارٽي“ ٺاهي ڪيو، سندس پارٽيءَ ۾ فقط ملائيشيا جي اصلوڪن ماڻهن کي شامل ٿيڻ، ووٽ ڏيڻ ۽ حڪمراني ڪرڻ جو حق حاصل هو ۽ آهي، اهو ئي سبب آهي جو سندس پارٽيءَ ۾ ملائيشيا جا اصلوڪا ماڻهو پاڻ کي انتهائي محفوظ محسوس ڪن ٿا. مهاتير پنهنجي حڪومتي دور ۾ انتهائي ڪامياب اقتصادي پاليسي ۽ سخت انتظامي اپائن ۽ بهترين حڪومت ڪري ملائيشيا جي قسمت تبديل ڪري ڇڏي.
هاڻي وري مهاتير محمد کي ٻيو ڀيرو وزير اعظم چونڊيو ويو آهي، جنهن سبب هو دنيا جي انتهائي جهوني اڳواڻ / وزير اعظم جي روپ ۾ انڊونيشيا تي حڪمراني ڪندو.
ملائيشيا ۾ ٿيندڙ هاڻوڪين چونڊن بعد، ملائيشيا جو اڳوڻو وزير اعظم مهاتير محمد هڪ دفعو وري وزير اعظم ٿيڻ جي راهه تي آهي، هو پهريون دفعو 1981ع ۾ ملائيشيا جو وزيراظم چونڊيو ويو هو جنهن بعد 2003ع تائين هُن ملائيشيا جي وزير اعظم طور تي ذميواريون سنڀاليون ۽ ملڪ کي ترقي ڏياري.
مهاتير محمد بعد ملڪ تي نجيب رزاق جي باريسن نيشنل پارٽي اقتدار ۾ اچي وئي جيڪا گذريل سٺ سالن کان ملائيشيا ۾ مختلف دورن ۾ حڪومت ڪندي رهي آهي.
نجيب رزاق تي بدعنوانين سميت ڪجهه سماجي نوعيت جا الزام پڻ لڳندا رهيا جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ سندس حڪومت تي ” پنهنجا نوازڻ“ جو الزام آهي، ملائيشيا ۾ نجيب رزاق جي حڪومت ملائيشيا جي عوام کي ڪو گهڻو سک ڏئي نه سگهي ۽ نه ئي ملائيشيا ڪو گهڻي ترقي ڪري سگهيو، سياسي مبصرن جو اڪثر ڪري چوڻ هوندو هو ته نجيب رزاق، ”مهاتير محمد جي اقتصادي سڌارن جو کٽيو ويٺو کائي“.
مهاتير محمد هاڻي 92- سالن جي عمر کي رسيو آهي، هُن 2016ع ۾ پنهنجن ويجهن ساٿين سان گڏجي فيصلو ڪيو هو ته هو پنهنجي سياسي رٽائرمينٽ واري فيصلي کي واپس ٿو وٺي ۽ ٻيهر سياسي ميدان ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو، سندس اهڙي فيصلي پٺيان ڪهڙا ڪارڻ هُئا جن کيس پيريءَ ۾ وري سياست ۾ سرگرم ٿيڻ لاءِ مجبور ڪيو، اهو هڪ راز آهي.
مهاتير محمد 92- سالن جي ڄمار ۾ سياست ڪرڻ جي فيصلي سان گڏ پنهنجي سياسي سرگرمين لاءِ هڪ سياسي پارٽي پڻ ٺاهي جنهن جو نالي هُن، ” ملائيشين انڊيجينس پارٽي“ رکيو، جنهن جو مقصد ٿيندو، ” ملائيشيا جي اصلوڪن ماڻهن جي پارٽي“، واضع رهي ته ملائيشيا ۾ ڪروڙن جي انگ ۾ چيني ۽ هندستاني رهن ٿا جن ملائيشيا جي اصلوڪن ماڻهن جي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي ۽ ملائيشيا جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب، تمدن ۽ ثقافت ۽ ٻوليءَ کي بي انتها هاڃا پئي ڏنا آهن.
هاڻوڪين چونڊن ۾ مهاتير محمد جي پارٽيءَ کي ” ملائيشين انڊيجينس پارٽي“ ، مخالف ڌر جي پارٽي ” باريس نيشنل اتحاد“ تي برتري حاصل هُئي، سرڪاري نتيجن موجب مهاتير محمد کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 112 سيٽن جي ضرورت آهي جڏهن ته 115 سيٽن تان هو ڪامياب ٿي چڪا آهن ۽ ڳڻپ جو سلسلو اڃان جاري آهي.
مهاتير محمد پنهنجي گذريل وزير اعظم واري دور ۾ جيڪو هن ٻن دورن ۾ هڪ ئي وقت گذاريو، جيڪو تقريبن 10- سال ٿئي ٿو، هُن انهن ڏهن سالن ۾ ملائيشيا جي تاريخ ۾ جيڪو ڪم سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ وڏو ڪيو اهو آهي ”ملائيشيا جي معيشت جا سڌارا“ جيڪي هُن انتهائي شاندار نموني ڪيا، انتظامي معاملن ۾ انتهائي سختي ڪئي، قانون جي عملداريءَ کي انتهائي مقدم بڻايو ۽ تعليم ۽ صحت جي معاملن تي پڻ شاندار ڪم ڪيا.
مهاتير محمد جي قدمن ڪري ملائيشيا پنهنجي ڪالونيل دور کان وٺي سندس جي دور تائين جيڪا به ترقي ڪئي هُئي ان ترقيءَ کان سوين دفعا وڌي ترقي مهاتير جي ڏهن سالن جي دور ۾ ٿي.
مهاتير محمد ملائيشيا جي ترقيءَ لاءِ جيڪي اقتصادي سڌارا آندا آهن، انهن ڏهن سالن جي اندر ملائيشيا جي معيشت کي انتهائي ترقيءَ سان همڪنار ڪيو، هن وقت ملائيشيا جي معيشت ڏکڻ ايشيا ۾ ڇوٿين نمبر تي آهي، واضع رهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ چين ۽ جاپان به اچي وڃن ٿا، جڏهن ته دنيا ۾ ملائيشيا جي معيشت 39- نمبر تي وڏي ۾ وڏي معيشت چئي وڃي ٿي.
مليشيا ۾ ليبر جو معيار انتهائي بهترين/ هنر مند ۽ تعليم يافته آهي، مهاتير جي اقتصادي پاليسين ڪري ملڪ ۾ ڪيئي نيون صنعتون شروع ٿيون جن ۾ جديد مشينريءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن ڪارخانن کي هلائڻ لاءِ پڻ قابل ۽ هنر مند مزدور گهرجن جيڪي مڪمل طور تي تعليم يافت ۽ پيشور صلاحيتن وارا هجن.
عالمي سطح تي ” گلوبل ڪمپيٽيٽونيس رپورٽ“ موجب ملائيشيا 2017-2018 دوران سڄي دنيا جي مقابلي ۾ 23- نمبر تي ايندڙ معيشت آهي، جيڪا ڳالهه اهو واضع ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته مهاتير محمد جي حڪومتي دور ۾ ۽ سندس اقتصادي سڌارن جي ڪري ملائيشيا جي معيشت ڪيتري نه ترقي ڪئي آهي.
ملائيشيا جا ماڻهو هن وقت دنيا جي ٻين ڪيئي ملڪن جهڙوڪ ميڪسيڪو، ترڪي ۽ برازيل جي وچين طبقي کان وڌيڪ بهتر نموني زندگي گذاري رهيا آهن. جنهن جو واحد سبب اهو آهي ته ملائيشيا ۾ عام ماڻهن تي ٽيڪس جي شرع انتهائي گهٽ آهي جنهن سبب عام واهپي جون شيون، خوراڪ جو شيون ۽ زندگيءَ لاءِ صروري شين جي قيمتن ۾ ڪافي گهٽائي آهي.
سڄي مڪ ۾ صحت جون سهولتون پڻ انتهائي هيٺائين سطح تائين پهچايل آهن جيڪي سوشل ويلفيئر جي فائدن تحت عوام کي پهچايون ويون آهن، ورلڊ بينڪ جي 2017 جي رپورٽ موجب هر مليشين جي سالياني پي پي پي انڪم 28،681 ڊالر، آهي
جيڪا پاڪستان، هندستان ۽ بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ انتهائي بهتر آهي، پاڪستان ۾ 5،580 ڊالر، هنستان ۾ 6،490 ۽ بنگلاديش ۾ 3،790 ڊالر آهي.
ڏکڻ ايشيا ۾ ملائيشيا ٽين وڌيڪ امير قوم آهي، سنگاپور ۽ برونائي دارالسلام جيڪي سٽي اسٽيٽس سمجهيون وينديون آهن، ملائيشيا انهن جي لڳ ڀڳ خوشحال قوم آهي.
ملائيشيا جي معيشت انتهائي تيزرفتاريءَ ۽ وڏي مقدار ۾ ترقي ڪندڙ معيشت آهي، جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ملائيشيا جو برآمدي واپار جنهن ۾ هاءِ ٽيڪ اسمن سان گڏ اڪاناميڪل اسم پڻ شامل آهن، انهن جو 2015ع ۾ برامدگي واپار 57.258 بلين ڊالرز جو آهي جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. ملائيشيا جو اهڙو روانگي وپار سنگاپور کان پوءِ ٻئي نمبر تي آهي، سنگاپور جي معيشت گذريل 60-70 سالن کان مسلسل ترقي ڪندڙ معيشت آهي. جڏهن ته ملائيشيا جي معيشت کي ترقي ڪئي ڪي ڏهه سال به نه ٿيندا.
ملائيشيا جي ترقي ڪندڙ معيشت جو جيڪو منظر نامو پيش ڪيو ويو آهي ان جي ٺهڻ جي شروعات مهاتير محمد جي دور کان شروع ٿئي ٿي ۽ سندس ئي اقتصادي پاليسن ۽ فڪر جي لاڳو ٿيڻ بعد ئي ٿئي ٿي، دنيا جي اڪثر وڏن صحافين ۽ سياسي اڳواڻن جو اهو چوڻ آهي ته ” مهاتير سياسي اڳواڻ گهٽ، اقتصادي رهنما وڌيڪ آهي، هُن پنهنجي سياست کي اقتصاديات جي پيرن تي بيهاريو ۽ ان کي ترقي ڏني آهي“.
مهاتير محمد هاڻي وري ملائيشيا جو ٻيهر وزير اعظم ٿيڻ پيو وڃي جنهن جو اعلان سڀاڻي تائين ممڪن آهي، چونڊن ۾ ڪاميابيءَ بعد مهاتير محمد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ” اسان ڪنهن کان به بدلو نه وٺنداسين، اسان قانون کي بحال ڪرڻ چاهينداسين“.
(روزاني عوامي آواز 11 مئي 2018ع)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو