Thursday, May 24, 2018

دور نبوي ﷺ ۾ تعليم ۽ تربيت جو نظام،


شفيق الرحمان شاڪر
جيتوڻيڪ پاڻ ڪريمن جن جي زندگي مبارڪ نهايت ئي مصروف هئي تنهن هوندي به پاڻ ﷺ   جن مسلمانن جي تعليم ۽ تربيت لاء وقت ڪڍندا هئا.حقيقت ۾ کين تعليم ۽ تدريس جو ايترو خيال هو جو هجرت نبوي کان گھڻو اڳ حضرت  مصعب بن عمير رضه کي هڪ ممتاز معلم اخلاق بنائي مديني منوره موڪليو هو ته جيئن اتان جي ماڻهن جي تعليم،تربيت،تهذيب ۽ اخلاق جي معاملن ۾ رهنمائي ڪري سگھن.ان مان معلوم ٿئي ٿو ته حضور ڪريم جن جي نظر ۾ علم،ادب،دين،اخلاق ۽ تعليم تربيت جي ڪيڏي وڏي اهميت هئي.اهوئي سبب آهي جو هجرت بعد جڏهن مسجد نبويء جي اڏاوت ٿي ويئي ته اها دنيا جي پهرين اسلامي يونيورسٽي جو درجو حاصل ڪري ويئي.جنهن جا باني ۽ سنڀاليندڙ معلم اعظم حضور رحمت للعالمين ﷺ   پاڻ هئا ۽ ان جا شاگرد دنيا جي بهترين مخلوق حضرات صحابه ڪرام رضوان عليهم هئا.اسلام ۾ علم سکڻ لاء نه عمر جي حد مقرر ڪئي ويئي ۽ نه ئي مرد عورت جو ڪو فرق روا رکيو ويو.بلڪه حديث جي روشنيء ۾ پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪرڻ جو تاڪيد  ٿيل آهي ۽ هر مسلمان مرد توڙي عورت تي علم حاصل ڪرڻ فرض ڪيو ويو .علم حاصل ڪرڻ جواصل نصب العين ئي اهو آهي ته پنهن جي ۽ پنهنجي مالڪ جو عرفان حاصل ڪيو وڃي،اهو ئي علم بندي کي خدا سان ملائي ٿو ۽ انساني شخصيت جي پوريء طرح ذهني، جسماني،روحاني ۽ اخلاقي اوسر ڪري ماڻهوء کي ملڪ ۽ معاشري جو مفيد فرد بنائي ٿو.اهڙيء طرح انسان دين ۽ دنيا ۾ ڪامياب ٿي سچيون خوشيون حاصل ڪري سگھي ٿو.
نبي ڪريم جن جي اها حديث مبارڪ ته “ پينگھي کان قبر تائين علم حاصل ڪريو.”  ڏاڍي اهم ۽ حڪمت سان ڀرپور آهي.جيڪا ظاهر ڪري ٿي ته انسان جي پوري زندگي علم حاصل ڪرڻ ۾ گذرڻ گھرجي جو علم جي ڪا حد نه آهي ۽ ڪوبه انسان اها دعويٰ ڪري نٿو سگھي ته هن علم جون سڀ منزلون حاصل ڪري ورتيون آهن .سبب ان جو اهو جو علم هڪ وڏي ۽ اونهي سمنڊ مثال آهي ۽ ان جي تهه تائين پهچڻ انساني پهچ کان ٻاهر آهي.ان ڪري حقيقي عالم ۽ اديب سڄي زندگي شاگرد ئي رهندا آهن. هڪ ٻي حديث ۾ آيو آهي ته “ علم ۽ دانائي مومن جو وڃايل ورثو آهي.هو جتي به انهن کي لهي ٿو ته انهن کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.”  مناسب علم ۽ دانائي ذريعي ئي زندگيء جي مشڪل ۽ سخت حقيقتن جو مقابلو ڪري ۽ گنڀير معاملن کي حل ڪري سگھجي ٿو. اهو رڳو هڪڙو خيال يا انومان ناهي پر حقيقت ۾ انهن لطيف نڪتن جون جھلڪيون اسان کي نبي ڪريم جن جي عهد ۾ موجود نظام تعليم ۽ تربيت مان واضح نموني نظر اچن ٿيون.حضور ڪريم جن پنهنجي حجري جي سامهون هڪڙو چبوترو اڏايو جنهن تي ڇانو ٿيل هئي جنهن کي تاريخ ۾ “ صفه ”  جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.اهو چبوترو يا ٿلهو ڇا هو؟ هڪ عظيم درسگاه هئي  جتي ڏينهن جو مدرسو ته رات جو عبادتن،دعائن ۽ ذڪر اذڪار جي محفل سجي ويندي هئي جتي ڪائنات جا بهترين استاد رسول رحمت پاڻ تعليم ڏيندا هئا.
تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هجرت کان هڪ سال پوء جنگ بدر لڳي جنهن ۾ رب العزت مسلمانن کي فتح ۽ ڪاميابي عطا ڪئي،انهيء موقعي تي مسلمانن کي جھجھو مال غنيمت هٿ آيو جنهن ۾ دشمن جا ڪيترائي قيدي به هئا.ان وقت حضور جن اهو شرط عائد فرمايو ته هر قيدي مديني جي ڏهن مسلمان ٻارن کي لکڻ پڙهڻ سيکاري ۽ آزادي حاصل ڪري وٺي.چون ٿا ته حضرت زيد بن ثابت رضه به اهڙيء طرح لکڻ پڙهڻ سکيا هئا جن جو شمار زبردست اهل علم ۾ ڪيو وڃي ٿو. “صفه ” ۾ مسلمانن کي قرآن حڪيم،حديث نبوي،فقي جي اصولن،اخلاق ۽ تصوف جي باري ۾ تعليم ۽ تربيت ڏني ويندي هئي جن ۾ گھڻا شاگرد اهڙا هئا جيڪي مستقل طور تي اتي ئي رهندا هئا.ٻين لفظن ۾ هنن پنهن جي پوري زندگي سکڻ سيکارڻ لاء وقف ڪري ڇڏي هئي.
اها ڳالهه نبوت جي شانن مان آهي ته رسول ڪريم
جن هڪڙي نظر ۾ انساني فطرت، نفسيات، صلاحيت ۽ طبيعت جي رجحان کي سمجھي ويندا هئا ۽ ان جي روشنيء ۾ نوجوانن کي ذميداريون سونپيندا هئا.علم ۽ فن جي حصول ۾ به اها آزادي مليل هئي ته شاگرد پنهن جي شوق،دلچسپي ۽ رجحان مطابق  مهارتون حاصل ڪن.انهيء فڪر ۽ نظر جي آزاديء جي برڪت سان حضرت زيد بن ثابت رضه رياضيء جا ماهر بڻجي ويا هئا۽ حضرت علي ڪرم وجهه علمي ۽ ديني ميدان ۾ اها لياقت ۽ ڪمال حاصل ڪيو جو دنيا جا ڪيترائي عظيم مفڪر سندن فڪر ۽ فلسفي جي پيروي ڪندي نظر اچن ٿا.انهيء ڪري ته حضور ڪريم ﷺ   جن فرمايو ته “ آئون علم جو شهر ۽ علي ان جو دروازو آهي.”
حقيقت ۾ ڪمال جو اهو درجو نبوي عهد جي نظام تعليم ۽ تربيت جو اصل جوهر ۽ اهڙو روشني ء جو مينار آهي جنهن ذريعي مسلمانن زندگيء جي هر شعبي ۾ شاندار ترقي، سماجي خوشحالي ۽ قانون جي حڪمراني قائم ڪئي. “صفه ” ۾ ٻاهران ايندڙ قبائلين کي به تعليم ڏني ويندي هئي ۽ انهيء سان گڏوگڏ مديني جي آسپاس وڌيڪ نو مسجدون به قائم ٿي چڪيون هيون جن ۾ پڻ تعليم ۽ تربيت جو ساڳيو سلسلو جاري رهيو.هفتي ۾ هڪ دفعو پاڻ ڪريم جن خاص طور تي عورتن کي تعليم ڏيندا هئا ۽ سندن ازواج مطهرات رضوان ا عليهم اجمعين به مسلمان عورتن جي تعليم ۽ تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون هيون.
اڄ بدقسمتيء سان اسان جن معاشرن ۾ جيڪي تعليم جا نظام لاڳو آهن اهي تعليم ڏيڻ جو ته ڪم ڪري رهيا آهن پر جيستائين تربيت جو تعلق آهي ته ان معاملي ۾ اسان جو نظام ڪيترين ئي اهم ۽ بنيادي خامين ۽ اوڻائين جو شڪار آهي جنهن ڪري انهن تعليمي ادارن مان وڏيون ڊگريون حاصل ڪري نڪرندڙ نوجوانن جي اڪثريت انهن عظيم انساني قدرن ۽ ماضيء جي شاندار روايتن کان ڪوهين دور نظر اچي ٿي.
 (روزاني سنڌ ايڪسپريس 18 مئي 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو