Tuesday, May 8, 2018

وال پيپر ؛ اياز لطيف پليجو جو ايم ڪيو ايم قيادت ڏانهن کليل خط


خالد مقبول صديقي صاحب، عامر خان صاحب، فاروق ستار صاحب! جيئن ته توهان کي خبر آهي ته سنڌ ۽ ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين سنڌ صوبي کي لساني يا انتظامي بنيادن تي ٽوڙڻ جي سدائين سخت مخالفت ڪئي آهي ۽ انهن جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ جي ڪا ننڍڙي ڪوشش به ڪئي وئي ته نه رڳو سنڌ کي، پاڪستان کي، بلڪه پوري ڏکڻ ايشيا کي ۽ بحيره عرب کان وٺي فار ايسٽ تائين پوري سامونڊي بيلٽ کي به ناقابل تلافي نقصان ٿيندو ۽ فائدي ۾ صرف ۽ صرف هندستان ۽ چند عالمي استعماري طاقتون رهنديون.
ڪجهه وقت اڳ ۾ به آمريڪي شهر نيو يارڪ ۾ ۽ لنڊن ۾، پاڙيسري ملڪ جي هدايتن تي ايم ڪيو ايم جي ڪجهه اڳوڻن وزيرن ۽ ڪجهه اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن سنڌ کي ٽوڙي ڌار صوبو ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو هو، نه رڳو اهو بلڪه پاڪستان جي خلاف ٽيڪسين تي بورڊ ۽ بينر به هنيا ويا.

توهان يقينن ڄاڻندا هوندا ته پاڪستان جا سڀئي صوبا، انهن صوبن ۾ رهندڙ تاريخي قومن جا هزارين سالن کان مقدس اباڻا وطن رهيا آهن. پاڪستان ڪنهن عالمي طاقت يا ٻاهرين حملي آورن نه پر انهن صوبن ۾ رهندڙ تاريخي قومن ٺاهيو آهي. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته سنڌ صوبي جي ڌار حڪومت هئي، اليڪشن ٿيندي هئي، اسيمبلي هئي، سرحد صوبي جي الڳ حيثيت هئي ۽ پنجاب ۽ بلوچستان به موجود هئا ۽ انهن صوبن ئي پاڪستان ٺاهيو، انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ يا مغلن جي قبضي کان به اڳ ۾ سنڌ هزارين سالن کان هڪ خودمختيار ۽ آزاد ملڪ هو

توهان چڱي ريت ڄاڻو ٿا ته جنهن کي توهان هڪ سازش تحت ڏکڻ سنڌ يا جناح پور چئو ٿا اهو ڪراچي شهر سنڌ جي تختگاهه ۽ شهه رڳ آهي ۽ اتي 70 لک سنڌين سان گڏ لکين پشتون، پنجابي، بلوچ ڀائر ۽ اسان جا هندستان مان بي سهاره ۽ مهمان ٿي آيل اتر پرديش، بهار، دهلي، مڌيه پرديش، رامپور، لکنئو، ڪلڪته ۽ گجرات جا لکين ڀائر به شامل آهن، انهن سڀني کي اسان پنهنجو پاڪستاني هم وطن ۽ سنڌ جا ڌيئرون ۽ پٽ سمجهون ٿا. اهي سڀئي ماڻهو نه لساني بنيادن تي هڪ قوم آهن، نه ثقافتي بنيادن تي، نه تاريخي يا ماضي جي جاگيرافيائي بنيادن تي، انهن جي ڪراچي ۾ هڪ ئي سڃاڻپ آهي ته اهي سنڌ ڌرتي ۽ اسان سڀني جي ملڪ پاڪستان جا شهري آهن. توهان سڀئي ڄاڻو ٿا ته جيڪي ماڻهو 1947ع ۾ هندستان مان بنا ڪنهن معاهدي، بنا ڪنهن قانون، بنا ڪنهن پاليسي، بنا ڪنهن انڊر ٽيڪنگ، بنا ڪنهن ليجسليشن ۽ بنا ڪنهن لک پڙهه جي فقط حملن ۽ قتل و غارت کان بچڻ لاءِ پاڪستان آيا، انهن بي سهارا ۽ غيور، بي گهر ۽ حوصلا مند، بيروزگار ۽ بي وسيلا ماڻهن کي سڀني ڌڪاري ڇڏيو، سڀني اڳتي وڃڻ لاءِ چيو، ڪير انهن جو حال ڀائي ٿيڻ لاءِ تيار نه هو، سواءِ سنڌ جي رحم دل، نرم مزاج ۽ انسان دوست ميزبانن جي... توهان هتي آيا، آباد ٿيا، وڏا ٿيا، هاڻ پاڪستان توهان جو ۽ اسان سڀني جو آهي، توهان سنڌ ۾ آهيو ته سنڌي آهيو. هاڻ توهان مهاجر ناهيو، مهاجرن لاءِ ته ڪئمپون ٿينديون آهن، راشن لاءِ لائينون ۽ عارضي ورڪ پرمٽ هوندي آهي، اهي صوبن جا مطالبا نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي واپس وڃڻو هوندو آهي، انهن لاءِ روهنگياز، تاملن، ايسٽ تيمور، بوسنيا ۽ فلسطين جي ماڻهن ۽ اسرائيلين ۽ ڍاڪا جي محصورين وانگر ڪڏهن نه ڪڏهن زمين سوڙهي ٿي ويندي آهي پر توهان ته اسان جا ڀائر آهيو، قانوني، آئيني ۽ انساني طور تي هم وطن آهيو، توهان مهاجر ناهيو، سنڌ ۽ پاڪستان جي اولاد، سنز اينڊ ڊاٽرز آف سوائل، اردو ڳالهائيندڙ سنڌي آهيو.

توهان ڪجهه ماڻهو شايد نٿا ڄاڻو ته ماءُ متروڪه ناهي ٿيندي، وطن متروڪه نٿا ٿين، قوم، ڌرتي، مذهب، نظريه، زبان، ايمان، انسانيت ۽ ثقافت متروڪه نٿي ٿئي يا شايد ممڪن آهي ته توهان پنج ڇهه ماڻهن وٽ، توهان جي تربيت ۽ توهان جي ڊي اين اي ۾ ماءُ، وطن، ڌرتي ۽ ايمان به متروڪه ٻڌايا ۽ سيکاريا ويا هجن. بهرحال اهو ياد رکو ته عام اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ڀائر پاڻ ۾ ويجهو ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ نفرتون گهٽ ٿي رهيون آهن، امن، ترقي، برابري ۽ رواداري جي خواهش ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ماڻهو سمجهدار ٿي رهيا آهن، اهي هاڻ نفرتون دفن ڪرڻ چاهين ٿا پر توهان ڪجهه ماڻهو شايد تاريخ مان ڪجهه به نه سکيا آهيو، توهان الطاف، پربهاڪرن، هٽلر، ملادچ ۽ بال ٺاڪري جهڙن ماڻهن جي سياست جي زوال مان به ڪجهه نه سکيا، توهان جرمني، ڪوريا، هانگ ڪانگ، شام، عراق، ڪردستان، سريلنڪا ۽ افغانستان جي ماڻهن جي ٽٽڻ، ٽڪرائو، خون ريزي ۽ علحيدگي متعلق احساس جرم ۽ ازالي جي ڪوششن مان به ڪجهه نه سکيا. توهان ۽ حڪمران پارٽي جا ڪجهه اڳواڻ پنهنجي عارضي سياسي مفادن، اليڪشن ۽ اقتدار جي لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙ ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون ڪري رهيا آهيو، اهي خطرناڪ رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون، توهان ۽ اسان سڀاڻي ته هجون يا نه هجون پر جيڪي ڏار توهان وجهڻ چاهيو ٿا اهي لکين ماڻهن جو مستقل بنيادن تي جيئڻ جنجال ڪري سگهن ٿا

سنڌ جي سرزمين محبت ۽ ڀائيچارو وڌائڻ ۽ اخوت ۽ درگزر ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي هڪ تاريخي اهميت رکي ٿي پر گذريل ٽن ڏهاڪن کان، ايم ڪيو ايم جي قيام جي پهرئين ڏينهن کان وٺي منهنجي شهر ڪراچي ۽ منهنجي صوبي سنڌ ۾ ٿيندڙ قتل و غارتگري مان ائين لڳي ٿو جيئن سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن عنصر منهنجي ڪراچي جي غيور عوام جي اخلاقي، سياسي، تعليمي، سماجي ۽ ڪاروباري زندگين کي تباهه ڪرڻ لاءِ هر وقت گهاٽ گهڙي ويٺل هجن ۽ انهن کي جڏهن به موقعو ملي ٿو ته اهي پنهنجي ارادن جي تڪميل لاءِ منهنجي شهر کي باهه ۽ رت ۾ وهنجاري ڇڏين ٿا

دهشتگردي خلاف گذريل ڪجهه سالن ۾ ڪجهه ڪاميابيون ملڻ باوجود، اڃا منهنجي شهر ڪراچي جا ماڻهو نشتر پارڪ سانحي، 9 اپريل سانحي، 12 مئي سانحي، يوم عاشوره سانحي، بلديا فيڪٽري سانحي ۽ ڪارساز سانحي ۾ ملوث قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي به نه سگهيا آهن ته توهان صاحب هڪ ڀيرو وري عالمي هدايتن تي تباهي ۽ بربادي جو نئون منصوبو کڻي باهه ۽ رت جي هڪ نئين راند ۽ موت جو هڪ ٻيو رقص شروع ڪرڻ چاهيو ٿا. آخر ڇو؟ ڇو توهان کان ۽ حڪمرانن کان ڪراچي جو امن برداشت نٿو ٿئي؟ 

خدارا منهنجي ملڪ ۽ خاص طور تي منهنجي سنڌ ۽ ان جي تختگاهه ڪراچي جو امن ۽ سڪون برباد نه ڪريو، پنهنجي ڪلهن تي رکيل غير ملڪي هٿ کي هٽائي ڇڏيو، پاڙيسري ملڪن ۽ غيبي طاقتن جا آرڊر ٺڪرائي ڇڏيو ۽ اچو ته اسين سڀ سنڌ جا مستقل رهواسي متحد ٿي، پوري پاڪستان جي عوام کي گڏ کڻي، ڪنڌڪوٽ کان وٺي ڪراچي تائين هر مظلوم، هر بيروزگار، هر بي وس ۽ هر محروم فرد جي معاشي، انساني، سماجي ۽ سياسي حقن لاءِ گڏجي جدوجهد ڪريون

جن کا دین پیروئ کِذب و ریا ہے ان کو
ہمتِ کفر ملے، جرأتِ تحقیق ملے
جن کے سر منتظر تیغِ جفا ہیں ان کو
دستِ قاتل کو جھٹک دینے کی توفیق ملے۔

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو