Tuesday, May 15, 2018

نواز شريف جو قومي سلامتيءَ وارن ادارن تي آپگهاتي حملو


منصور کوکر
نا اهل ڄاڻائي وزارت عظميٰ تان لاٿل ميان نواز شريف جي سهپ هاڻ لڳي ٿو جواب ڏئي ويٺي آهي، ۽ عدليه پاران نا اهل قرار ڏيڻ بعد هن ملڪ جي سگهارن ادارن، سياستدانن ۽ عوام سميت بين الاقوامي برادريءَ آڏو پاڻ کي حقيقي نا اهل ثابت ڪرڻ لاءِ آپگهاتي حملن جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، انهن حملن بابت سندس ذهن ۾ شايد اها ئي سوچ هوندي ته هو بين الاقوامي برادريءَ جو ڌيان پاڪستان جي سياسي بحران طرف ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو، گڏوگڏ کيس سڀني جي همدردي به حاصل ٿي ويندي، ڇاڪاڻ ته هو نواز شريف کي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ خلاف حقيقي عوامي طاقت سمجهي سندس حمايت ڪندا جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو سندس نا اهلي ختم ٿي سگهيٿي پر هن کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو موقعو به ملي سگهيٿو،
نواز شريف جي ان سوچ کي سندس خوش فهمي سڏجي يا غلط فهمي پر اهو طئه آهي ته کيس قومي سلامتيءَ وارن ادارن مٿان آپگهاتي حملي جو نقصان ڀرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته ميان صاحب هاڻ بي صبريءَ جون حدون پار ڪندي ”شجر ممنوعه“ ۾ هٿ وڌا آهن، جيڪو عمل هڪ اهڙي پينڊورا باڪس کي کولڻ برابر آهي، جنهن ۾ نه رڳو رياست جي سمورن ٿنڀن جا لڇڻ بند پيا آهن پر ڌماڪيدار مادو به پيل آهي، جيڪو ڦاٽو ته ايترو نقصان ٿيندو جو ان کي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي هنگامي اجلاس بعد جاري ٿيل بيان ۾ ممبئي حملن واري ڪيس بابت نواز شريف جي بيان کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي رد ڪيو ويو آهي، 2 ڪلاڪ جاري رهندڙ ان اجلاس ۾ آرمي چيف سميت اعليٰ عسڪري قيادت به شرڪت ڪئي، نواز شريف جي بيان کي ننديندي چيو ويو ته ان ۾ حقيقتن ۽ پختين ثابتين کي نظر انداز ڪيو ويو، بيان ۾ چيو ويو ته ڀارت ان ڪيس ۾ سهڪار لاءِ پابند هئڻ باوجود ڪو به سهڪار نه ڪيو، ويتر اجمل قصاب جي تڙ تڪڙ ۾ ڦاهي جاچ ۾ رنڊڪ جو سبب بڻي.
اها ڳالهه ڪيئن تسليم ڪجي ته ميان نوازشريف ملڪ مان مذهبي انتهاپسنديءَ جي پاڙ پٽڻ ٿي گهري، جڏهن ته ميان صاحب جي سموري سياسي تاريخ انهن ئي مذهبي انتهاپسندي جي مرڪزن جي چوڌاري گهمي ٿي، 1980 واري ڏهاڪي ۾ جنهن آمر جنرل ضياءُ الحق  نواز شريف کي پنجاب جو ناڻي وارو وزير بڻائي لفظ سياست کان متعارف ڪرايو هو، ڪير نه ٿو ڄاڻي ته ملڪ ۾ انتهاپسندي جون پاڙون پختيون ڪرڻ وارو سندس اهو ئي روحاني هو، جنهن لاءِ هو تيستائين ”مرد مومن مرد حق _ ضياءُ الحق ضياءِ الحق“ جا نعرا هڻندو هو، جيستائين ضياءُ الحق جو گادي نشين ٿيڻ تان سندس ضياءُ الحق جي حقيقي پٽ اعجاز الحق سان جهيڙو نه ٿيو، جنهن بعد اعجاز الحق ن ليگ کان رستا ڌار ڪري ضيا ليگ وڃي ٺاهي، ملڪ ۾ مذهبي انتها پسندي جون پاڙون مظبوط ڪرڻ ۾ نواز شريف پنهنجي روحاني پيءُ کان به ٻه وکون اڳتي وڌي ويو، پنهنجي ٻئي حڪومتي دور ۾ قبائلي علائقي ۾ خطاب دوران سندس چوڻ هو ته هو پاڪستان ۾ به طالبان وارو اسلامي نظام آڻڻ گهريٿو، ڪير نه ٿو ڄاڻي ته پ پ پ واري آصف زرداري جي صدارتي دور واري حڪومت ۾ جڏهن سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ روز آپگهاتي ڌماڪا پئي ٿيا تڏهن ن ليگ قيادت ماٺ هئي پر جڏهن آپگهاتي بمبارن لاهور کي ٽارگيٽ بڻائڻ شروع ڪيو ته تڏهوڪي پنجاب جي وڏي وزير ، ن ليگ جي هاڻوڪي صدر ۽ ميان نواز شريف جي ڀاءُ شهباز شريف طالبان کي سڌيءَ ريت رڙ ڪري مخاطب ٿيندي چيو ته پاڻ ته هڪ آهيون، اسان جي حڪومت واري صوبي پنجاب ۾ حملا ڪيئن پيا ڪريو، ان بعد ڪا اهڙي سيٽنگ ٿي جو پنجاب خاص طور لاهور ۽ ن ليگ جي ماڻهن مٿان حملن جو سلسلو بند ٿي ويو، اها ڳالهه به سڀ ڄاڻن ٿا ته پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جا ڪهڙين ڪهڙين شدت پسند تنظيمن سان ڪيترا ويجها لاڳاپا رهيا آهن، سڀ ڄاڻن ٿا ته لاهور ۾ هڪ مذهبي ٽولي جي ڪهڙيءَ ريت سرپرستي ڪري کين ايترو ته طاقتور بڻايو ويو جو سندن ڪير نالو وٺڻ جو به سوچي نه ٿو سگهي، اهڙي ٽريڪ رڪارڊ بعد ڀلا ان ڳالهه جو ويساهه ڪجي به ته آخر ڪيئن ڪجي ته هاڻ ميان نواز شريف ان انتها پسند ۽ دهشتگرد سوچ جو وڏي ۾ وڏو مخالف آهي جنهن جي آبياري هن پاڻ ڪئي هئي، گهٽ ۾ گهٽ ڪو به ذي شعور ماڻهو ان ڳالهه تي هرگز ويساهه ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو.
نواز شريف پنهنجي تازي انٽرويو ۾ جيڪي خاص ڳالهيون ڪيون آهن، انهن مان سڀ کان خاص اها آهي ته پاڪستان بين الاقوامي برادريءَ ۾ پاڻ کي الڳ ٿلڳ ڪري ڇڏيو آهي، شدت پسند تنظيمون اڃا پاڪستان ۾ سرگرم آهن، ڇا اسان کي کين اجازت ڏيڻ گهرجي ته اهي هندستان وڃي 150 ماڻهن کي قتل ڪري ڇڏين، نواز شريف جو چوڻ هو ته اها هڪ قبول نه ڪرڻ جوڳي ڳالهه آهي، جنهن سبب اسان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، بين الاقوامي طور اسان جي موقف کي نه ٿو مڃيو وڃي، هن اڻ سڌيءَ طرح اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄڻ کيس اهو موقف رکڻ تان ئي هٽايو ويو آهي ۽ پاناما ڪيس اصل ۾ هڪ بهانو آهي، نواز شريف جا اهي جملا آمريڪي صدر ٽرمپ، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهوءَ جي موقف جي تائيد برابر آهن، جيڪي ساڳيا جملا ورجائي پاڪستان مٿان دٻاءُ وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا پئي رهيا آهن، هن اهڙو جواب ان سوال جي جواب ۾ ڏنو ته پاڪستان جي عدالت ۾ ٻڌڻيءَ هيٺ ممبئي حملن واري ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ڇو نه پئي ٿئي؟
جواب ۾ نواز شريف اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ۾ سرڪاري طور غير رياستي عنصرن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي ۽ جيڪي ماڻهو ان عمل جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجن ٿا انهن کي رستي تان هٽايو وڃي ، نواز شريف اهي ڳالهيون ڊان ميڊيا گروپ کي ڏنل هڪ خاص انٽرويو ۾ ڪيون آهن، هن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٻه يا ٽي متوازي حڪومتون گڏ نه ٿيون هلي سگهن، رڳو هڪ ئي آئيني حڪومت وسيلي ملڪ کي هلائي سگهجي ٿو، هن پاڪستان مسلم ليگ ن سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت بابت سوال تي ڳالهائيندي چيو ته سندس پارٽيءَ جا ماڻهو پاڻ پي ٽي آءِ ۾ شامل نه پيا ٿين پر کين شامل ڪرايو پيو وڃي، نواز شريف جي انهن ڳالهين کي جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ ۽ مسلم ليگ ن جو موجوده صدر ميان شهباز شريف قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ سندس چوڻ آهي ته نواز شريف جي ڳالهين کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو آهي پر ميان صاحب جي ڌيءُ مريم نواز جو مڃڻ آهي ته سندس پيءُ نواز شريف ڪجهه غلط ناهي چيو هن حقيقتون بيان ڪيون آهن. ٻنهي مان ڪير ڪک پيو رکي ۽ ڪير سچ ٿو ڳالهائي اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي. صاف ظاهر آهي ته اهو هڪ رڪارڊيڊ انٽرويو آهي، ڪنهن به مونجهاري جي صورت ۾ ڊان انتظاميه ان جي رڪارڊنگ به ظاهر ڪري سگهيٿي.
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته نواز شريف کان انٽرويو ساڳئي ڊان سان واڳيل صحافي سيرل المائيڊا ورتو آهي جنهن گذريل سال قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس جي اندرئين ڪهاڻي ڇاپي نواز حڪومت لاءِ ڏچو پيدا ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ نواز حڪومت کي ان وقت جي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد کي وزارت تان هٽائڻ جي قرباني ڏيڻي پئجي وئي هئي، جيتوڻيڪ ميڊيا ۾ اهي ڳالهيون پئي هليون ته خبر نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز وسيلي حڪومت پاڻ ليڪ ڪرائي آهي،
ليڪ ٿيل خبر اها هئي ته اجلاس دوران حڪومت پاران عسڪري قيادت کي مخاطب ٿي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن شدت پسندي جي خاتمي لاءِ حڪومت پاران ڏنل لائين آف ايڪشن تي عمل نه ڪيو ويو ته پاڪستان بين الاقوامي سطح تي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ويندو ، ان ڳالهه تان ممڻ مچي ويو، نيٺ حڪومت ترديد ڪري ۽ پرويز رشيد کي سڌ سماءَ واري وزارت تان هٽائي معاملي جي شدت گهٽائڻ جي ڪوشش به ڪئي پر معاملو گهٽجڻ بدران شدت اختيار ڪندو ويو، نواز شريف جي موجوده انٽرويو لاءِ ساڳئي صحافي  سيرل المائيڊا کي پرڏيهه مان خاص طور گهرايو ويو، ۽ انٽرويو ۾ نواز شريف پاران ساڳئي ڊان ليڪس وارين ڳالهين جي ورجاءَ مان لڳي ٿوته هيءُ هڪ منظم رٿابندي سان ڏنل انٽرويو هو، جنهن جومقصد ئي سگهارين ڌرين کي خاص پيغام ڏيڻ هو، جنهن لاءِ ميان صاحب 3 مئي تي اسلام آباد جي احتساب عدالت جي ڏاڪڻ تي بيهي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ اڳواٽ ئي  اشارو ڏئي چڪو هو ته سندس سيني ۾ ڪيترا ئي راز دفن آهن، جيڪي ظاهر ڪري ڪيترائي انڪشاف ڪري سگهيٿو، ان بعد نواز شريف جلسن جو ڌڙا ڌڙ سلسلو شروع ڪري ڏنو، جنهن دوران به ڪٿي ڪٿي هو ساڳئي ڳالهه ڪپڙي ۾ ويڙهي ورجائيندو رهيو آهي، شايد سندس سوچ اها آهي ته ان طريقي سان هو نه رڳو ٻيهر نا اهل مان اهل بڻجي ويندو پر سندس لاءِ چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ جي راهه به هموار ٿي ويندي، هو شايد اها ڳالهه وساري ويٺو آهي ته سگهارين ڌرين لاءِ سندس اهي عمل رڳو اهو چئي ويتر چڙ ڏيارڻ جو سبب بڻبا ته ” اسان جي ٻلي ۽ اسان کي ئي ميائون“.
نواز شريف جي ڳالهين مان بظاهر اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته کيس پڪ ٿي وئي آهي ته هاڻ هن لاءِ پاڪستان جي سياست جا در بند ٿي چڪا آهن، ان ڪري هن ادارن تي آپگهاتي حملن جو سلسلو شروع ڪيو آهي، هن ۾ اها صلاحيت به ناهي ته هو مزاحمت ڪري سگهي نه وري ملڪ جي  مخالف ڌر جي سياسي قيادت لاءِ هن اهڙي ڪا گنجائش ڇڏي آهي جو اها سندس ٻڏل ٻيڙو تارڻ ۾ سندس هٿ ونڊائي، هاڻ هو ” مرتا ڪيا نه ڪرتا “ واري پوزيشن ۾ وڃي بيٺو آهي، جتي سندس ڌيءُ کانسواءِ شايد ڪو به سندس ڀرجهلو ناهي،

اها سموري صورتحال هن جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي، جيڪڏهن هو ميثاق جمهوريت کي پٺي ڏئي آصف زرداريءَ خلاف عدليه بحالي جي بهاني مارچ نه ڪري ها ۽ يوسف رضا  گيلاني کي هٽائڻ واري عدالتي فيصلي جي حمايت نه ڪري ها ته شايد اڄ آصف زرداري سندس ڪجهه نه ڪجهه مدد ڪري ها، عمران خان ته ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ به تيار ناهي، مولانه فضل الرحمان جو آسرو ايئن آهي جو نه سڄڻ کي دلاسو نه دشمن کي خوف، ميان نواز شريف پنهنجي دور ۾ ڪرپشن جا ته انيڪ مثال قائم ڪيا پر ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪو ذڪر لائق ڪم نه ڪيو، جنهن جو نتيجو اڄ کيس نا اهليءَ ۽ ڪرپشن جي ڪيسن جي صورت ۾ ملي رهيو آهي، ڊان ۾ ڏنل انٽرويو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڊان ليڪس ۾ به سندس پنهنجو هٿ هو، اهڙي صورت ۾ عمران خان جو اهو چوڻ ڪجهه غلط نه ٿو لڳي ته هو نواز شريف کي اڊيالا جيل جي سيخن پٺيان قيد ڏسي رهيو آهي.
(روزاني عوامي آواز 15 مئي 2018ع)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو