Sunday, May 6, 2018

هي وري ڪو نئون ڊرامو آهي؟


دستگير ڀٽي
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري فرمايوآھي ته ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏھن  پاڪستان تحريڪ انصاف  سان اتحاد ڪرڻو پيو ته ڪنداسين. ڇنڇرجي  انگريزي اخبارن سندس بيان مٿان ھي سرخي لڳائي آھي ته
“PPP and PTI were allies in senate polls; we could be allies again because necessity is mother of all inventions.”
ترجمو ؛ “‘سينيٽ وارين  چونڊن ۾ پي پي پي ۽ پي ٽي آئي سياسي اتحادي هئا  ايندڙ وقت۾ به ٿي سگهي ٿو ته  اسان اتحادي ٿيون ڇاڪاڻ ته ضرورت ايجاد جي ماء آھي.”
سچ پچ ته ھاڻي ايئن ٿولڳي ڄڻ پنهنجي ملڪ اندر سياست ۾ اڃا ڪو صفا نئون جهان پيو اڏجي. تنهن جا نقشا ۽ اسڪيمون پاس ٿي چڪيون آھن ۽ اڏاوت تي ايندڙ جبل جيڏي خرچ جي به منظوري ڪنهن سگھاري ڌرجي صحيح سان ٿي وئي آھي ھيستائين ظاھري طرح سينيٽ جي  چونڊن کان پوء جيڪومنظر پئي ڏٺوسين ان ۾ عمران خان پنهنجن  جلسن اندر ميان نوا ز شريف سان گڏوگڏ سنڌ جي بي تاج بادشاهه تي به  چورين ۽ ڌاڙن جاالز ام ھڻي خدا جي خلق کي اھو باور ڪرايو ته "زرداري ۽ نوز شريف ٻنهي سان اتحاد نه ڪندس" جڏھن موٽ ۾ آصف زرداري کيس اھا ورندي ڏيندو رھيو ته "ڪپتان صاحب! سياست  ڪرڪيٽ راندنا ھي جو تون اڪيلو کٽي ويندين"
 اسان ته پنهنجي مرشد  لطيف واتان ٻڌوھو ته  "عشق ناھي راند" پرھتي ته دنيا جي عام رواجي  ڪمن ۽ پنجن سالن کان پوء ٿيندڙ چونڊن ۾ ھارايل جوئاري آصف  زرداري عمران خان جهڙي مقبوليت جي اڀ تي بيٺل اڳواڻ کي آڱرين تي نچائي پيو ته ظاهرآھي ته سندس اھڙي ڪنهن ڪرامت پويان ڪنهن پير، فقيريا "شمشير" جوھٿ ھوندو جنهن کيس دبئي ڇڏي لاهور ۾  ويهارڻ تي مجبور ڪيوآھي. سوچيندڙ ذھنن کي ضرور ويچار ڪرڻ گھرجي ته ھيل ھواسلام آباد ۽ لاھور ۾ مهينو گذاري چڪوآھي دبئي  لنڊن يا پئرس جي محلن ۾ ٿڌڙي موسم جا مزا به  نه پيووٺي، آخرڪاراھڙي ڪا ڳالھه ضرور آھي جنهن کي ستن پوشن ۾ ڍڪي پرده داري ڪئي پيئي وڃي.پر وقت  ۽ تاريخ جي بيرحمي ۽ سچائي اهڙن ستن پو شن کي ته  ڇا ڀرستن سمونڊن جي تهن تائين لڪل ڳجهن کي  پڌرو  ڪيو ڇڏي.  ياد اٿو پاڻيء جو ٻيڙو   Titanic جنهن کي    Marine Scientistsھڪ  صدي کان پوء ھزارين ميل ھيٺ سمنڊ جي تري منجهان ڀڳل ٽٽل ۽ جھريل حالت   ۾ ڪڍي آياھئا. ان مان مليل لوھ جو ھڪ ھڪ ٽڪروبه  عالمي نيلام مارڪيٽ اندر ڪروڙين ڊالرن ۾ کپايو ويو.  ھاڻي اچون ٿا زرداريء جي ٺا هيل نئين جهان تي جنهن جا پرڪار گهڻين  ئي ڳالهين مان پڌرا ٿي چڪا آھن. آئون حيران آھيان ته  لاھور ۾ پنهنجي  پٽ بلاول جي داخالا تي اڻ اعلانيل پابندي ھنيو ويٺو آھي  ته متان ڪا راند ڦٽائي وجهي، کيس ھڪ ڀيرو ٻيهر تربيت واسطي پرڏيھه روانو  ڪرڻو پئجي وڃي.
چونڊن جي ھن ڀلاري مند ۾بلاول جي سياسي ڪيريئر تي پاڻ 2013 ع وارين چونڊن جي زماني کان ويچار ڪنداسين  جڏھن کيس پهريون ڀيرو قائداعظم جي مقبري ڀرسان لکين ماڻهن جو ميڙاڪو گهرائي ڏنو ويو جنهن ۾ تقرير ڪندي ھن ايم ڪيوايم جي  تڏھوڪي سربراه ا لطاف حسين جو نالو وٺي کيس چتاء  ڏنوھو ته “ انڪل لطاف! اڄ کان پوء جيڪڏھن ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ پيپلز پارٽيء جو ھڪڙو به ڪارڪن ماريندين  ته تنهنجواهڙو حشر ڪندس جواڳ ۾ تو  ڪڏهن به نه ڀوڳيو هوندو. انهيء تقرير الطاف کي ته چيڙايو پر سندس پيء به خوش نه ٿيو. ماڳهين بلاول کي ٻن ڏينهن بعد لنڊن روانو ڪيو ويو. سندس والد جيڪوان مهل پاڪستان جو صدر ھو تنهن کان  اخباري نمائندن جڏھن پڇيو ته  اوھان پنهنجي پٽ کي سياست ۾ launch ڪرڻ  کان پوء ھڪدم ملڪ مان ٻاھر موڪلي ڇڏيو ته  ورندي  ڏنائين ته اڃا کيس وڌيڪ تربيت جي گهرج آھي ان ڪري ٻاھر اماڻيواٿم. ٻاهرين ملڪن  ۾به فريال ٽالپر يا شيري رحمان بلاول جي ٻنهي پاسن کان ھرپربس ڪانفرس ۾ ويٺل ھونديون ھيون جتي به ھو سندن مقرر ڪيل حدن کان ٻاھر نڪرندو ھو اتي کيس ماٺ ڪرائي ڇڏينديون ھيون. اھو لقا ء پاڻ  کي اڄ به ڏسڻ ۾ ايندو آھي ته ھن نوجوان کي گهيري ۾ رکيواٿن .بلاول جي سياسي شروعات کان ھيل تائين ويچار ڪنداسين ته پاڻ کي سندس ڳالهين ۾ رڳو تضاد  لڀندو. قائداعظم جي مقبري تي الطاف حسين کي ھن جنهن سچائي  سان للڪاريو ان تي مون ستت ئي پنهنجي ڪالم ۾ لکيوھو ته بلاول پنهنجي ناناڻي نک تي ويو آھي. ڪجھه ھفتن کان پو مون کي پنهجي اھا را ء غلط لڳي جو ھو "ٻاهران" جيڪا ٽريننگ وٺي آيوھوتنهن کيس “نئون نوجوان سياسي اڳواڻ” بنائي ڇڏيو جنهن  ڏاڏاڻي گس تي سياسي سفرشروع ڪيو۽ گذريل پنجن سان کان ڪري  پيو. شهيدن جو اولاد ھوندي به بلاول اھڙي عوامي مقبوليت حاصل نه ڪري سگهيو جيڪا ميان نوز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز آڱر وڍائڻ بنا اڄ حاصل ڪري ورتي آھي. ڄڻ شهيدن جي کٽيل سياسي بازي پنهنجي پيء جي پاليسين ۽ عوام دشن فيصلن ڪارڻ سڄونزلو ھن جوان جماڻ تي ڪريوآھي. ايئن به ناھي ته ڪو بلااول بنھه بيخبر۽ صفا ڏوھي آھي کيس دبئي. لنڊن، پيرس ۽ آمريڪا ۾ جيڪي ملڪيتون ۽ محل ماڙيون مفت مليون آھن انهن جي آسري ۾  ھن کي پنهنجي ذاتي آزادي جو سودو ڪرڻو پئجي ويوآھي. ھا بلاول جو استاد گوتم ٻڌ ھجي ھا يا ذرو به سندس ذهن ناناڻي نک تي وڃي ھاته گهٽ ۾ گهٽ ڪرپشن ڪندڙ ڪجھه وزيرن ۽ ڪامورن جا لاھ ڪڍي ڇڏي ھا ڀلي کڻي سندس والد ڪاوڙجي پوي ھا. بلاول پنهنجي ڌار شخصيت   Entityٿيڻ بدان فقط   Celebrity بڻجي والد جي پاليسين جو پوئلڳ ٿي ويو. قائداعظم جي مقبري ڀرسان لکين ماڻهن جي ميڙ ۾ بلاول ھڪ تاريخي تقريرذريعي سياست ۾ باقاعدي قدم رکيو ته ٻئي  ڏينهن  انگريزي اخبارن جي ھيڊ لائينن ۾ لکيو ويو  ته
Bilawal   launched in  political arena.”
اطالوي ٻوليء جولفظ آھي ايرينا جنهن جي معني آھي  مقابلي جو ميدان. ڪنهن زماني ۾ روم جا بادشاه انهي ۾ غلامن جي رتوڇاڻ واري ويڙھاند ڪرائيندا ھئا. ويچارا غلام ھڪٻئي تي تلوارن جا وار ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيا وڙھندا ھئا. نيٺ ٻنهي مان ھڪڙو  مارجي ويندو ھو۽ کٽيند ڙ  ڦٽجي اڌ مئوٿي پوندو ھو. جنھن کي انعام اڪرام ڏيئي سندس علاج ڪرائي وري ٻئي موتمار مقابلي واسطي تيار ڪندا ھئا .اھو شاهاڻوشوق ھو رومن ايمپائر واري دور جو. اڄڪلھه جا شاھاڻا شوق بدلجندڙ وقت سان گڏ بدلجي چڪا آھن فرق رڳو ايتروآھي ته اڳي وقت جا حڪمران ماڻهن کي پنهنجو ٻڌوٻانهو۽ غلام رکڻ لاءکلئي عام مسڪينن غريبن کي مارائي ڇڏيندا ھئا، اڄڪلھه وري ڪوڙن پوليس مقابلن ذريعي ساڳيو ڪم ورتووڃي ٿو. جنهن جو سڀ کان ڏکوئيندڙ مثال ايس ايس پي مليررئوانوارآھي جنهن سنڌين جي زمينن تي قبضا ڪرڻ لاء لينڊ مافيا جي حڪم تي ھزارين گهرتڙ ،مسيتون، قبرستان ۽ لطيف سائين جاآستانا ۽ تڪيا ، ماڻهن جون ٻنيون ٻارا کسي ھڪڙو نئون جهان اڏيو جيڪو ٺڳيء جو ٺاه ھيو. اھو تاريخ جو سڀ کان وڏو فراڊ ثابت ٿيو .آئون ڪنهن جوبه نالونٿولکان۽ذڪر نه ٿو ڪريان. فقط سپريم ڪورٽ  پاران ڏنل جمع ڏينهن وارو فيصلو پڙهي وٺو ته ان ۾  ظلم، جبر،لاقانونيت،قبضا مافيا ۽ سرڪاري وڪيلن توڻي وسيلن جي ناجائزاستعمال جو ڪيڏو تفصيلي ذڪر آھي. منهٺجي ڪوھستان تي قبضو ٿيندي ڏسندوھئس ته اکيون رت روئنديون  ھيون پر ڌرتي ڌڻين جيان آئون به صفا بيوس ۽لاچار  ھئس .فقط فيس بوڪ     جهڙو سگهارو ھٿيارھٿن ۾ ھو جنهن سان ججن ،وڪيلن ۽ عام ماڻهن جي ضمير کي ڌونڌاڙي نيٺ انصاف ورتوسين.
 بلاول ڀٽو زرداري ڪڏھن به ان ظلم ۽ زورآوريء خلاف ھڪڙي ٻڙڪ به ٻاھر نه ڪڍي ڇاڪاڻ ته ھن کي ٻڌايويوھو  ته نئين اڏجندڙ  جهان جو تون مفت ۾ مالڪ ٿيندين.
اڄ ساڳيو بلاول زرداري ڪوئيٽا ۾ هزارا برادريء  جو سورن هاڻو حال ڏسي فرمائي پيو ته چچريل لاش ملن پيا ته دھشتگردي ڪيئن بند ٿي؟
ڪيرڳالھه ڪندو گم ٿيل ماڻهن جي؟ سوچيان پيو ته بلاول جا اهڙا بيان وقتي ۽ ماڻهن کي خوش ڪرڻ واسطي آھن يا ھن سياست ۾ باقاعدي سنجيده ٿيڻ ۽ ماڻهن کي لولي پاپ ڏيڻ بدران سچ ڳالهائڻ جو عھد ڪيوآھي؟
حيران آھيان ته ھڪ پاسي سندس والد اسٽيبلشمينٽ جي خوشامد ۾ لاھور منجھان نڪري ئي نٿو ٻئي پاسي بلاول ھهڙا بيان ڏئي آخر ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿو؟ مون کي ته لڳي ٿو ته بلاول کي ٽريننگ جي نئين ڪورس تي مالڪ جلد اماڻي ڇڏيندا يا کيس ماٺ رھڻ جو چوندا .بلاول جي گهرج سنڌ جي حڪمرانن کي لالو کيت ۾ ھئي. جلسو ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيوايم جا وکريل ٽڪر گڏجي ھڪ ٿي و يا. ھاڻي 12 مئي تي گلشن اقبال ۾ سندس جلسو رکيواٿن .سندس و الد آصف زرداري صاحب ڏھن سالن   واري پنهنجي راڄ ۾ ھڪ ڀيرو به 12 مئي، 2007ع   واري قتلام عام خلاف ھڪڙولفظ نه ڪڇيو. يقين سان چوان ٿو ته ھاڻي لساني نفرتن جي چڻنگ کي ڀينڀٽ بنائڻ لاء بلاول کي ھڪ دفعو وري استعمال ڪيو ويندو. سندس والد بيٺو آھي اسٽيبلشمينٽ سان ۽ پٽ اينٽي  اسٽيبلشمينٽ! ڇا ھي وري ڪو نئون ڊرامو آهي ڪروڙن انسانن سان؟

(روزاني سنڌ ايڪسپريس 6 مئي 2018ع) 

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو