Monday, May 7, 2018

ڪوڙ ۾ آخر ڪهڙي ڪرامت آهي؟


شفيق الرحمان شاڪر
سچائيء جي معاملي ۾ اسان ڪيترو سچ ڳالهايون، لکون  ۽ بيان ڪيون ٿا؟ حلفيا اقرار ڪندا آهيون ته جيڪي به چونداسين سچ چونداسين ۽ سچ سواء ٻيو ڪجھه به نه چونداسين پر سچ پچ ايئن ڪندا به آهيون؟  منهن جي خيال ۾ اسان جي سماج ۾ هاڻي عام طور تي اهي ڳالهيون رڳو ڪتابن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاء رهجي وييون آهن.اسان جي ته ڪنهن به محفل جو مزو ئي اڌورو رهي ٿو جيستائين انهيء ۾ ڪنهن ڪوڙ جو مصالحو نه ملايون.آرسيء سامهون اسان ڪجهه ٻيو هوندا آهيون ته عملي زندگيء ۾ ڪجهه ٻيو نظر ايندا آهيون.رشتن،ناتن،مٽين مائٽين ۽ ٻين ويجھن لاڳاپن ۾ به اسان ڪوڙ ڳالهائي ذرو به شرممسار نه ٿيندا آهيون.ڌيء ماء سان ڪوڙ ڳالهائي ٿي ته پٽ پيء سان ڪوڙ هڻي ٿو.مرد پنهنجي زال سان ۽ زال مڙس سان ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ئي پنهنجي نجات سمجهي ٿي. جونيئر پنهنجي سينئر سان ۽ آفيسر پنهنجي باس سان ۽ باس وري پنهنجي ماتحت سان ڪوڙ ڳالهائيندو ٿو وڃي.ڪڏهن آفيس پهچڻ ۾ دير ٿي ته ڪوڙ جو سهارو،ڪڏهن قرض گھرندڙ سان ڪوڙ جو ٺڪاء. ڪيس جي ڪاروائيء ۾ ڪجھه ٻيو لکيل آهي ته بيان ڪجهه ٻيو ٿي رهيو آهي. عدالتن ۾ ڪوڙيون گواهيون ڏيندي به خدا جو خوف نٿو ٿئي.حقيقت ڪجهه ٻي هوندي آهي ته ٻڌائي ڪجھه ٻي ويندي آهي.مارڪيٽن، بازارن ۽ دوڪانن تي شيون وڪڻڻ جا اگھه هڪڙا ته ٻڌائڻ جا ٻيا.اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ آخر سچ ڇو نٿو ڳالهايو وڃي؟آخر ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ ڪهڙو مزو آهي جيڪو سچ ۾ ناهي؟ ڪيمرائون ڪو هڪڙو منظر پيش ڪري رهيون آهن ته زمين تي حقيقت ڪجهه ٻي آهي. جيڪا شيء تقريرن ۾ آهي سا ميدان تي ڪانهي ۽ جيڪا شيء واقعي ميدان تي موجود آهي اها تقريرن مان ئي غائب آهي.اها سماج جي ڪهڙي هلت آهي جنهن کي اپنائڻ ۾ هرڪو فخر محسوس ڪري رهيو آهي ۽ جنهن کي ڪوڙ ڳالهائڻ نه اچي سو عقلمندن جي نظر ۾ ويچارو “خدا لوڪ” ۽ ”درويش” آهي.سياستدان منهن منهن تي ڪئين ڪوڙ ڳالهائيندا ٿا وڃن،قسم،وعدا ۽ لالچون ڏيئي عوام کان ووٽ کسيو جڏهن ايوان ۾ پهچن ٿا ته “جيڪو چيو سڀ خواب ۽ جيڪي ٻڌو سڀ فسانو هو” جي عملي شڪل بڻجي سڀ ڪجهه وساريو ويهن.افسوس اهو جو ان ڪوڙ جي تماشي کي خاموشي ۽ مصلحت جي عينڪ سان ڏسڻ وارن جي اڪثريت ۽ انهيء کي نندڻ ۽ روڪڻ وارن جي ٿورائي  رهجي ويئي آهي.دهشتگرديء کان ويندي بجليء جي بحران تائين،ٻاهرين ملڪن سان لڪيل معاهدا ڪرڻ کان ويندي ملڪ جي دولت ٻنهي هٿن سان لٽڻ تائين قوم سان ڪهڙا ڪهڙا ڪوڙ نه ڳالهايا ويا؟وعدو پورو نه ڪرڻ ئي هڪ ڪريل ۽ غيراخلاقي حرڪت آهي پر جڏهن وعدي ۾ ڪوڙ جي به ملاوت ٿي وڃي ته ان ڏوهه جي سنگيني ۽ سختي ڪيترا ئي ڀيرا وڌي وڃي ٿي.جڏهن اهڙا ڪوڙا وعدا ڪرڻ حڪمرانن جو روزمرهه جو معمول بڻجي وڃي ته پوء عوام کي اخلاقيات جا ڀاشڻ ڪهڙو اثر ڏيکاريندا؟ڪوڙ رڳو غلط بيانيء کي نه چئبو آهي پر ماڻهن کي ٺڳڻ،دوکو ڏيڻ،ڪوڙا وعدا ڪرڻ ۽ هر قسم جي بدديانتي به ڪوڙ ئي آهي.ڪنهن سچائيء يا حقيقت کي لڪائڻ به ڪوڙ آهي.ڪنهن ڳالهه کي وڙ وڪڙ ڏيئي اهڙي انداز سان بيان ڪرڻ جو ماڻهو دوکو کائي وڃن يا ڳالهه جو ڪو ٻيو مطلب وٺن اهو به ڪوڙ ۾ شامل آهي.پر ان سخت حقيقت جو ڇا ڪجي جو اسان جي سماج ۾ ڪوڙ هاڻي ڪا وڏي سماجي يا اخلاقي برائي نه رهيو آهي بلڪه ڪوڙ جي قافلي ۾ نچڻ ۽ جھمريون هڻندڙن جو ميلو لڳو پيو آهي۽ ڪوڙن تي خراج عقيدت جي لفظن توڙي گلن جو وسڪارو ٿيندي نظر اچي ٿو.
اها ته پوري خبر ناهي ته ڪوڙ جي شروعات ڪڏهن ۽ ڪٿان ٿي پر ڪجهه مذهبي روايتن مطابق ڪوڙ شيطان جي ايجاد آهي ته جيئن هو انسانن کي پنهنجي دوکي ۽ مڪر سان ورغلائي ۽ ڀلائي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي سگھي ۽ پوء انهن کان پنهنجي مرضيء موجب ڪم وٺي سگھي.ڪجهه ماڻهو پنهنجي شان شوڪت ۽ دٻدٻي کي وڌائي پيش ڪرڻ لاء ڪوڙ جو سهارو وٺندا آهن. ڪجهه ماڻهو عادت وچان به ڪوڙ ڳالهائيندا آهن جو ڪوڙ ڳالهائڻ سان ئي انهن جي طبيعت درست ٿيندي آهي.گھڻا وقتي فائدا حاصل ڪرڻ يا ڪنهن مادي نقصان کان بچڻ لاء به ڪوڙ ڳالهائيندا آهن.اسان مان گھڻن جو اهو خيال هوندو ته ڪوڙ ڳالهائڻ وارو معاملو ڪو اتفاقي،وقتي يا حادثاتي عمل آهي پر عام طور تي ايئن ناهي هوندو.ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ننڍپڻ کان ئي طبيعت ۾ ديرو ڄمائي ٿي. ٻار ماء پيء يا استاد جي مار جي خوف کان ڪوڙ ڳالهائڻ سکن ٿا.ٻار سمجھندو آهي ته هو وقتي طور تي ڪوڙ ڳالهائڻ سان سر تي آيل سزا کان بچي ويندو پر آهستي آهستي ڪوڙ ڳالهائڻ جي اها عادت ٻارن ۾ پختي ٿيندي ويندي آهي ۽ جيڪر شروع ۾ ئي ان عادت جو رستو نه روڪيو وڃي ته بعد ۾ عملي زندگيء ۾ ان ڪڌي عادت مان جان آجي ڪرڻ رڳو مشڪل ئي نه پر ذري گھٽ ناممڪن آهي.بي شمار ڪوڙ ۽ افواهه اسان جي سماج ۾ صدين کان اهڙا به پکڙيل آهن جيڪي اڄ جو سچ بڻجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي اهڙا سچ آهن جن کي صرف ان ڪري ڪوڙ قرار ڏنو وڃي ٿو جو اسان پنهنجي اخلاقي ڪمزوريء سبب انهن تي عمل نٿا ڪري سگھون.پر سچائيء کان منهن موڙڻ ۽ ڪوڙ جو ساٿ ڏيڻ سان انسان هجي يا سماج اهي هڪ اهڙي ابدي خود فريبيء جو شڪار ٿي وڃن ٿا جنهن مان اهي صرف تڏهن ئي ٻاهر اچن ٿا جڏهن انهن جون سسيون سنگدل وقت ۽ حالتن جي بي رحم ڇريء هيٺان نه اچن.ظاهر ۾ تندرست ۽ توانو نظر ايندڙ  اهڙو معاشرو دراصل اندران اڏوهي کاڌل هوندو آهي جتي ڪنهن جو به ڪنهن تي به ڪو اعتماد ۽ ڀروسو نه رهندو آهي.جنهنجو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن همت ڪري ڳالهايل سچ تي به ڪنهن کي اعتبار نه ايندو آهي.توڙي جو سچ اهو آهي ته جيڪر سمورو سنسار ئي سچ کي سچ مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏي ته به سچ جي ساک تي ڪو اثر نٿو پوي.سچ جي لاء اهو اعزاز ئي کوڙ آهي جو اهو سچ آهي ۽ ڪوڙ ڪل ڪاميابيون ماڻڻ بعد به ان لاء هڪڙي محرومي ئي ڪافي آهي جو اهو سچ ناهي.پر سچ سان وير وجھڻ جا سنگين نتيجا فردن،قومن ۽ سماجن کي بهرحال نيٺ ڀوڳڻا پون ٿا ۽ ڪوڙ کي سماج ۾ دانش،دانائي ۽ عقلمنديء جي خوبصورت کلن ۾ ويڙهي انهيء کي وقت جي ضرورت قرار ڏيڻ پنهنجي ايندڙ نسلن کي پوري دنيا ۾ اڻ اعتبار جوڳو بنائڻ واري عمل جو ٻج پوکڻ آهي.
قلم ۽ لکپڙهه سان تعلق رکندڙ ڪيترائي صحافي،اديب،دانشور ۽ ليکڪ پڻ ڪوڙ جو سهارو وٺي پنهنجن لکڻين ۽ خبرن وغيره ۾ چمڪ ۽ چهراڻ پيدا ڪرڻ  يا وقت جي حاڪمن کان حقير مفاد ماڻڻ جي ڪوشش ڪندا آهن انهيء سچ کان بي نياز ته صرف اهي لفظ ئي ذهنن کي جنجھوڙيندا ۽ دلين ۾ لهندا آهن جيڪي بنان ڪنهن ڪوڙ جي ملاوت جي روح جي سچائيء مان ڦٽا هجن.ڪوڙ جي ڪن سان گدلا ٿيل خيال ۽ سچ کان هٽيل سوچون سماج ۾ ڪا مثبت تبديلي نٿيون آڻي سگھن.
ڊاڪٽر صاحبان جيڪي انسانن جي مسيحائيء جي متبرڪ پيشي سان ڳنڍيل آهن انهن مان به اڪثر انهيء اخلاقي وبا کان آجا ناهن.پنهنجن پرائيويٽ اسپتالن ۾ اڪثر مريضن کان اهي ميڊيڪل ٽيسٽون ڪرائيندا آهن جن جي ڪرائڻ جي درحقيقت ڪا گھرج ئي نه هوندي آهي.اهو به سڌو سنئون ڪوڙ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟
 بدقسمتيء سان سماج جي ٻين شعبن جيان استاد جهڙي عظيم پيشي کي به ڪوڙ جي ان پکڙجندڙ وائرس بخش نه ڪيو آهي ۽ انهن مان به ڪيترائي ڪوڙ ڳالهائڻ پنهنجو بنيادي حق  يا مجبوري سمجھن ٿا.اهو ئي حال معاشري جي ٻين سمورن شعبن جو آهي.ستم اهو جو ڪوڙ جي ايڏي وڏي ڪوڙهه ۾ قابو ٿيڻ بعد به جيڪر ڪودوست يا دشمن ڀلجي ڪڏهن اسان کي ڪوڙو چئي وجھي ته اسان جي شرافت ۽ عظمت جي ٽوپين ۾ ٽانڊو پئجيو وڃي.قرآن تي مڪمل  ايمان جي دعويدارن جي اکين يا ڪنن آڏو خبر ناهي قرآن ڪريم جي اها آيت ڪيترا ڀيرا گذري هوندي ته “ ڪوڙن تي جي لعنت هجي.” ۽ هر جمعي تي خطيب جي زبان مان اهي لفظ اسان جي ڪنن سان ٽڪرائجن ٿا ته “ سچ نجات ڏئي ٿو ۽ ڪوڙ برباد ڪري ٿو.“ ۽ اهو به ته “ڪوڙ ايمان جي ڪتر آهي،” پر اسان پنهن جن سمورين نحوستن ۽ بربادين جو ذميدار غير مسلم ملڪن کي قرار ڏيئي دل ۽ ضمير کي مطئمن ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا رهندا آهيون ڄڻ ته انهن ئي ملڪن سازش ڪري اسان کي سچ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ کان بچڻ کان روڪي رکيو هجي!
(روزاني جيجل 5 مئي 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو