Monday, May 14, 2018

ڪراچيءَ ۾ لساني بنياد تي چونڊ وڙهڻ واري سياست کي ٻنجو اچڻ گهرجي


اڪٽر در  محمد پٺاڻ
چونڊن جي چوٻول  ٿيڻ کانپوءِ آڙيڪاپ قاتل سياستدانن پنهنجا ڪات ڪهاڙا تيز ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن، خاص ڪري ڪراچيءَ جي سياسي ميدان ۾ نفرتن جو ٻج ڇٽي، لساني بنيادن تي ماڻهن کي ڍور سمجهي يا بڻائي پنهنجي سياسي ڍڪ ۾ واڙڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي، اها ڳالهه وقتي يا دائمي طور تي سنڌ جي گاديءَ واري شهر کان وٺي باقي وڏن شهرن جو امن امان خراب ڪري  سگهي ٿي.
تاريخ جا ورق شاهد رهندا ڪراچيءَ کي سنڌ جو اسرائيل بڻائڻ لاءِ پاڪستان جڙڻ کان وٺي ڪوششون ڪيون ويون، جن جو خاتمو اڃا ڪو نه آيو آهي، ان ڪري هن شهر مان ڪڏهن سنڌ ڌرتي  ورهائڻ جا فتنا شروع پئي ٿيا آهن ته ڪڏهن وري لساني ۽ ٻين حوالن سان تضادن کي اڀاري ماڻهن جي دلين کي ورهائڻ جون سازشون پئي ٿيون آهن. اڄ وري ايم ڪيو ايم وارا  پنهنجا اها پراڻا ساز سرندا کڻي ٻاهر نڪتا آهن. سياسي مفادن لاءِ سياستدانن کي ڀلي جيڪو وڻي سو اهي، ڪن ۽ چون، پر هنن کي اهو حق نه ٿو رسي ته تاريخ کي مسخ ڪن ۽ گندي زبان استعمال ڪري معصوم انسانن جون دليون تقسيم ڪن ۽ انهن ۾ نفرتن جون ديوارون جوڙن.
ڪراچي هن وقت ڪنهن به لساني، سياسي يا نسلي گروهه جي جاگير نه رهي آهي، بلاشڪ آدم شمارين دوران ڪوڙيون داخلائون ڪرائي ڪن ڌرين  طرفان ڪراچيءَ جي وارثي جون دعوائون ڪيون ويون   پر هاڻي بين الاقوامي ۽ مقامي سياست جي سچائين ڪراچي جي وارثيءَ کي ڀاڱن ۽  حصن  ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. گوادر بندرگاهه جي جي تعمير ڪري ڪراچيءَ ۾ بين الاقوامي قوتن جي دلچسپين ۾ اضافو آڻي ڇڏيو آهي. هتي  ملڪ جي بحري فوج جو آڏو آهي، هتي پنجاب ۽ باقي ٻين صوبن جا تجارتي ۽ سياسي مفاد آهن. انهن ۽ ٻين ڪيترن سبب ڪري ڪراچيءَ ۾ هاڻي ڪنهن جي هڪ هٽي قائم ٿي نه سگهي، ڪو  لساني يا نسلي گروهه هن شهر تي واحد وارث هجڻ جي ٻٽاڪ هڻي نه ٿو سگهي. ان ڪري هاڻي مشڪل آهي ته هي شهر ڪو سنڌ کان به کسجي وڃي، جڏهن ته اسان جي سياستدانن، پوءِ اهي وفاق پرست هجن، يا سنڌ دوست، انهن مان ڪيترن وڏن قد بت وارن اسان جي ناعاقبت انديش اڳواڻن، ڪڏهن لٺ تي ته ڪڏهن چٺ تي ڪراچيءَ مان هٿ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو نه فقط سياسي ۽ انتظامي حوالن سان ٿيو پر سنڌي ماڻهن ڀڳڙن مٺ تي پلاٽن ۽ ٻنين کپائڻ سان به ڪيو. سنڌ جا اهي ڏهيسر وڏيرا ۽ پير ان ڪري ڪراچيءَ پنهنجا محل ۽ ماڙيون کپائڻ لڳا جو هتي ڪو به کانئن پڇڻ وارو ۽ سلام ڪرڻ وارو ئي ڪو نه هئو.
هن دور جي سچائي اها آهي ته هاڻي ڪراچيءَ  ڪنهن اڪيلي ڌر جو  نه پر سڀني ڪراچيءَ واسين جو شهر آهي. ان ۾ سنڌين کان وٺي بين الاقوامي مفادن تائين هر ڪنهن جو حصو ۽ حق بڻجي چڪو آهي، هن شهر ۾ ڏتڙجي آيل پناهگيرن کان وٺي ويندي زور زبردستي طور آباد ڪيل بهارين تائين، بلوچن کان وٺي پٺاڻن تائين ۽ سنڌين کان وٺي ڪراچيءَ ۾ ويٺل آڳاٽن ماڻهن تائين، هتان  ڪو به ڪاڏي ڪو نه ويندو ۽ سڀني کي هتي ئي رهڻو آهي.
جڏهن رهڻو به هڪ ئي شهر ۾ آهي ته پوءِ ماڻهن جي دلين کي تقسيم ڪرڻ وڏي کان وڏو قومي ۽ انساني گناهه بڻجي پئي ٿو. هن کان اڳ ڪراچيءَ شهر جي سياسي تاريخ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ٽارچر سيلن جو قيام، ٻورين ۾ لاش ڀرڻ، ڀتا خوري ڪرڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا سياسي ڏوهه ايم ڪيو ايم جي تاريخ جو حصو بڻيل آهن. ايم ڪيو ايم جي حلقن مان کڻي ڪراچي کي الڳ صوبي بڻائڻ جون زوردار تحريڪون هليون. ايم ڪيو ايم کي اهي ۽ الائي ٻيا ڪيترا ڏوهه ڌوئي پاڻ کي صاف ڪرڻو آهي.
ايم ڪيو  ايم جي باني جيڪو ٻوڙ هاريو ۽ فوج کان وٺي پاڪستان جي خلاف ڳالهايو، غداريءَ جا ٻول ٻوليا، انهي ڪري هتي پارٽي پهريائين ته الطاف کي پاسيرو رکي، ڌڙن ۾ ورهائجي وئي پر هاڻي وري پنهنجي افعالن ۽ پرڪارن سان ثابت ڪري رهيا آهن ته الڳ الڳ ٿيڻ سندن ڊرامو آهي. هونئن نه ته ” جت پنهونءَ جا ڀائر آهن“   ان ڪري هاڻي سندن سوچڻ جو انداز  ۽ زبان جو لهجو اصلي صورت ۽ رنگ موٽي رهيا آهن.
ايم ڪيو ايم جي تازو ٿيل جلسن ۾ نفرتون پکيڙڻ لاءِ تاريخ مسخ ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪيون ويون آهن ۽ اڙدو ٻولي کي آسماني ٻوليءَ جهڙو درجو  ڏکئي باقي ٻولين جي تاريخي، ثقافتي ۽ آئيني حقن کي مجروح ڪيو ويو آهي. هنن وڏي شد مد سان ٻٽاڪ هنئين آهي ته پاڪستان جا باني اهي ئي آهن ۽ انهن وڏيون قربانيون ڏنيون، جڏهن ته تاريخي سچائيون  ان جي ابتڙ بيان ڏين ٿيون. اهي جيڪڏهن لڏي ڇڏي يا ڀڄي هتي نه اچن ها ته هوند،  انڊيا  ۾ رهجي ويل يا وطن دوست مسلمانن سان هٿ، هٿ ۾ ملائي مسلمانن جي آواز کي اتي وڌيڪ طاقتور ۽ بلند ڪري ٿي سگهيا، سندن هٿ راڌو هجرت اتان جي اقليت کي وڌيڪ ڪمزور اقليت بڻائي ڇڏيو. ان ڪري مذهبي حوالي سان هنن کان اها اربحا خطا ٿي ۽ هي اتي جي مسلمانن  کي ڏک ۾ ڇڏي، سک جي تلاش ۾ هتي آيا، ان دور جو ن هنن پناهگيرن جون ورتل  ۽ ڪتابن ۾ محفوظ ڪيل تصويرون ته اهو ثابت ڪن ٿيون ته سندن حيثيت برابر مظلومن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي هئي ۽ نه ڪي ملڪ ٺاهيندڙن جي، هجرت، هندستان جي ورهاڱي واري اعلان يا معاهدي جي ڪڏهن به ڪا ” شق“ ڪا نه رهي، ان ڪري اها هجرت ته غير آئيني ۽ غير قانوني عمل بڻجي پئي ٿي، نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم  جن به هجرت ڪئي پر اُن جي تڪميل ۽ مڪي فتح ڪرڻ ۽ اوڏانهن مسلمانن جي واپسي ۽ مڪي مديني جي الحاق سان ٿي، ان ڪري هيءُ هجرت ديني حوالي سان  به اڌوري ۽ اڻ پوري ئي آهي.
جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارا پاڻ کي ئي پاڪستان جو باني چوائن ٿا ته پوءِ سندن ابي ۽ پارٽي جي بانيءَ پاڪستان سان غداري ڪرڻ جا وڏي واڪ اعلان ڪيئن ڪيا؟ هن مان ته اها ڳالهه ثابت ٿئي ته هي همراهه پاڪستان ٺاهڻ وارا نه پر پاڪستان ڊاهڻ وارن جي سڳي ڌاڳي ۽ پيري مريديءَ ۾ ٻڌل آهن.
ڪراچيءَ جي امن امان کي بگاڙڻ، نفرتن کي عام ڪرڻ ۽ عوام جي دلين کي تقسيم ڪرڻ جي ڳالهه ڪو به شخص ڪرڻ  ۽ ڪا به پارٽيءَ ڪري ته ان کي لغام ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن پرڪارن ۽ افعالن کي ڪورٽن جي ڪنن تائين پهچائي سگهجي ٿو ۽ اليڪشن ڪميشن جي ايوانن تائين پهچائي ٻڌائي سگهجي ٿو. ڌرتيءَ ۽ دلين جي ورهائڻ جي بنياد تي ڪنهن کي به سياست ڪرڻ نه ڏجي، ان ۾ اسان سمورن جو ڀلو آهي.
 (روزاني عوامي آواز 13مئي 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو