Wednesday, May 2, 2018

وال پيپر ؛ سنڌ ۾ ايڏو انڌير ڇو؟


اڃا ڪالھ صائما جروار  ڪيس کي سنڌ  پوليس لئي امتحان ڪوٺيندي    اھو چئي چڪا آھيون ته جيڪڏ ھن صائما جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن ته  سنڌ جو عوام اھو سوال پڇڻ جوحق رکي ٿو ته آخر سنڌ ۾ پوليس کاتي  جو ڪهڙو ڪارج آھي اڃا اھا ڳالھ اتي ٿي رھي هئي ته لاڙڪاڻي ۾ جاري  وحشت ڃي راڄ جون وڌيڪ ٻه  ٻيون خبرون سامهون آيون آھن ان مان  سچي ڳالھه اھا آھي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته  آخر واھر لاءڪنهن کي  سڏ ڪجي ؟واضح ڪندا ھلون ته صائما جروار ڪيس ۾ انصاف لاء  احتجاج سڄي سنڌ ۾ اڃا ھلندڙآھن مٿان لاڙڪاڻي ۾ ئي ٻن ٻين  نياڻين سان ڏاڍائي ٿي آھي ھڪ طرف  آبادپا ڙي ۾ وڀهن سالن جي  نياڻي کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو ويو ٻي طرف ڳوٺ قيصر ابڙو۾  ڇهن سالن جي نياڻي سان زيادتي ٿي آھي آخر ھي  ڇاٿي رھيو آھي؟ سنڌ ۾ ايتريلا قانونيت جو خاتمو ٿيڻ گهرجي انهن حڪمرانن کان  جن جي حڪومت بيٺل ئي لاڙڪاڻي جي شهيدن جي آڌار تي آھي
جڏھن لاڙڪاڻي جواھو حال آھي ته سنڌ جي باقي شهرن جي ڪهڙي  مالڪي ٿيندي ھوندي مثال طور جيئن عمرڪوٽ جي نياڻي اميشا  خاصخيلي جو ڪواتوپتوناھي. اميشاپو ليس پاڻ غائب ڪئي آھي. سنڌ جي وڏي  وزير وٽ باقي ھڪ مهينوآھي ۽ ان ھڪ مهيني ۾ ھو  سنڌ  ۾ جاري ان انڌير کان جيڪڌھن لاتعلق رھيو ته عوام کي ڪهڙو  جواب ڏيندو؟
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 2 مئي 2018ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو