Tuesday, May 1, 2018

دنيا جي رنگن کي سونهن ڏيندڙ پورهيت جو پگهر.


امير ڀنڀرو
دنيا ۾ انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ عظيم انسان يا ڪردار ڪير ٿو ٿي سگهي، جيڪو سڄي دنيا جا محل جوڙي جيڪو پوري دنيا جي ماڻهن جي زندگين ۾ هر رنگ ڀري جيڪو سڄي دنيا جي ماڻهن کي وات ۾ گرهه وجهي، جنهن جي محنتن سان پوري دنيا جا رنگ جڙيل هجن ۽ انهيءَ جي پنهنجي زندگي انهن سڀني رنگن کان آزاد  هجي جنهن جي پنهجي زندگي انهي سڀني آسائشن ۽ آرائشن کان بي خبر هجي، جنهن جي ڏينهن جي ماني پاڻيءَ سان ۽ رات جي مانيءَ مٺائي سان هجي جنهن جو گهر ميهن جي هڪ ڦڙي سان ئي هنن جي ننڊ ڦٽائي، پر هو پوءِ به محسوس ڪري ته دنيا جا سڀ سڪون هن لاءِ ايجاد ٿيا آهن، پورهيت جنهن جا هٿ دنيا جا اهي عظيم هٿ ٿين ٿا جيڪي هٿ هنن کان سواءِ پوري دنيا کي شاد ۽ آباد رکڻ ۾ ڪا به ڪسر ڇڏين نٿا،
اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته هي پوري دنيا جيڪي سڀ آسائشون ڏسي ٿي هي پوري دنيا جيڪا رنگن ۾ رچي ٿي هي پوري دنيا جيڪي ترقين جا مرحلا طئي ڪري ٿي انهن سڀني مرحلن جي پٺيان هڪ اهو ڪردار به آهي جيڪو پاڻ کي پورهيت ۽ مزدور سڏائي ٿو،  اهو مزدور اهو پورهيت جنهنجي پگهر جي خوشبوءَ سان اسان جي دنيا جڙيل آهي اهو پورهيت جنهن جي هٿڙن جي ڇالن سان اسان جي دنيا آباد آهي،  اهو پورهيت جنهن جي جسم جي طاقت سان اسان جو ملڪ قائم ۽ دائم آهي، دنيا کي هزارين لکين رنگ ۽ روپ ڏيندڙ پورهيت جن جو هميشا هڪ ئي مقصد ۽ عزم رهيو آهي ته هو اسانجي دنيا کي شاد ۽ آباد رکندا اچن،  پوءِ هنن جي ڪهڙي به دنيا هجي هو ڪهڙي به پريشانين ۾ هجن هنن آڏو ڀل مشڪلاتن جا پهاڙ ڇو نه هجن مون ڪڏهن به مزدور جو حوصلو ۽ هٿ ٽٽندي نه ڏٺا آهن،  هنن جي هٿن سان گڏوگڏ هنن جون دليون به مهان هونديون آهن مون ڪڏهن به مزدور کي دل ٽوڙيندي دل هاريندي نه ڏٺو آهي،  جهڙي طرح هنن جا هٿ مضبوط ٿين ٿا اهڙي طرح هنن جو دليون به  باغ بهار ٿين ٿيو، هڪ مزدور ۽ آفيسر جي حوصلي ۽ زندهه دلي هجڻ جو مونکي هي مثال تمام ڏاڍو وڻندو آهي ته  مون هڪ سفيد پوش آفيسر کي پنج منٽ ٻاهر اس ۾ ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٿڪجندي ڏٺو آهي سهڪندي ڏٺو آهي اهو آفيسر پنج منٽ ڪم ڪرڻ کانپوءِ ساهه پٽيندو پاڻي پيئندو پوءِ وري ڪم کي اڳتي ڪندو.
اوهان ڪڏهن ڏٺو آهي هڪ پورهيت 20 ماڙ تي ڪم ڪرڻ ڪهر جي گرميءَ ۾ بجليءَ جي پولن تي ڪم ڪندڙ پورهيت کي مون ڪڏهن ٿڪجندي نه ڏٺو آهي هنن کي ساهه پٽيندي ڪڏهن نه ڏٺو آهي هو ڪنهن کان پاڻي نه گهرندا ڪنهن کان سهارو نه گهرندا،  هوڪڏهن به ٿڪاوٽ جو احساس نه ڏياريندا هو ڪڏهن به ڪم ڇڏي ڏيڻ جي ڳالهه نه ڪندا جنهن ڪم سان هوندا انهي جذبي سان هوندا جنهن جذبي سان هنن جي اصل سڃاڻپ آهي، پورهيت اسان جي ملڪ جو سرمايوآهي،  هنن جي پورهئي سبب اسان جو ملڪ قائم آهي هنن جي پگهر مان ايندڙ خوشبو اسان جي ملڪ جي خوشحالي ۽ امن پسنديءَ جي خوشبو آهي،  پورهيت خدا جو اهو دوست آهي جنهن ڪڏهن به پنهجي جذبي پنهنجي پيشي پنهنجي ملڪ سان ڪوڙ نه ڳالهايو آهي، هڪ پورهيت جنهن جي محنتن سان اسان جو ملڪ دائم ۽ قائم آهي انهي پورهيت لاءِ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان انهن پورهيتن لاءِ ڇا ڪيو آهي.
اسان جي ملڪ جي حڪمرانن انهن مزدورن لاءِ ڇا ڪيو آهي اسان جي ملڪ جي سياسي پارٽين ڪڏهن اهو نعرو هنيو آهي ته پورهيتن جا حق هنن جي پارٽين جو مشن آهن اسان جي ملڪ جي سياسي سماجي پارٽين ڪڏهن انهن مزدورن لاءِ آواز اٿاريو آهي جيڪي مزدور اسان جي پوري ملڪ جو آواز آهن ڇا اسان ڪڏهن اهو ڏٺو آهي ته انهي پورهيت کي پنهنجو اجورو پورو ملي ٿو،  جيڪو هنن جو گهربل ۽ بنيادي حق آهي اسان انهن جي هٿن ڏي ته هميشا ڏٺو آهي ته هو انهن هٿن سان اسانجي گهرن اسان جي ڪيش عشرت لاءِ مزدوري ڪري سگهن ٿا ڇا اسان ڪڏهن هنن جي بکايل پيٽ ڏينهن منهن ڦيرائي ڏٺو آهي ته هو ڪيترن ڏينهن کان بکايل  ۽ اڃايل آهن ، هنن جي گهر ۾ علاج لاءِ ڪجهه نه آهي هنن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي هنن جا ٻارڙا پڙهي نٿا سگهن هو دنيا جي جديد ته ڇا بنيادي سهولتن کان به محروم ڇو آهن اسان جي ملڪ جي حڪمرانن کي سڀ کان پهريان ئي اهو ڪرڻ گهرجي ته هو انهن مزدورن جا هٿ مضبوط ڪن جيڪي اسان جي ملڪ کي مضبوط ڪري بيٺا آهن،
اسان جو ملڪ جنهن ۾ مزدورن جي حقن جي ڪڏهن ڳالهه ڇڙي ئي نه آهي اسان جي ملڪ جا حڪمران جن کي انهن مزدورن انهن پورهيت جي لاءِ ڪا مزدور پاليسي جوڙڻ لاءِ ٽائيم نه آهي اسان جا حڪمران جيڪي پنهنجي حڪومتي سفر کي وڌائڻ لاءِ ته رات ڏينهن جدوجهد ڪن ٿا پر انهن مزدرون جي اجرت تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ڪنهن وٽ به وقت نه آهي، جيڪي مزدور اسان جي ملڪ جو سرمايو آهن،  اڄ پوري دنيا سميت اسان جي ملڪ ۾ به پورهيتن سان ايڪي اتحاد جي اظهار لاءِ مزدورن جو عالمي ڏينهن ڀرپور نموني سان ملهايو پيو وڃي،  پهرين مئي تي سڄي دنيا جا پورهيت پنهنجن انهن ساٿين جي ياد ملهائين ٿا جيڪي پهرين مئي 1886 تي شڪاگو ۾ پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪرڻ تي ماريا ويا هئا. هن ڏينهن جي مناسبت سان پوري ملڪ ۾ اڄ مزدورن جي لاءِ وڏا وڏا پروگرام جوڙي حڪومتي ۽ اين جي اوز جو فوٽو سيشن ٿيندو هر ماڻهون هر حڪمران هر اين جي اوز جو ماڻهو انهن مزدرون سان فوٽو سيشن ڪرائي پنهجي ڪارڪردگي اڳتي وڌائيندا،  پر انهي ڏينهن تي ڪو به نه ڏسندو ته ڪهڙو پورهيت بک تي ويٺو آهي ڪنهن پورهيت وٽ علاج جا پئسا نه آهن، جڏهن اسان وٽ اهي بنيادي ۽ نظرياتي عادتون نه هونديون اسان مزدور دوست ۽ پورهيتن جي ڏک سور جا ساٿي ڪيئن ٿا ٿي سگهون،  پهرين مئي 1886 تي آمريڪا جي شهر شڪاگو جا مزدور سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن پاران ٿيندڙ استحصال جي خلاف رستن تي نڪتا پر پوليس مظاهرين تي گوليون هلايون جنهن جي نتيجي ۾ سوين مزدور مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا 2 مئي کان 6 مئي تائين شڪاگو ۾ سمورن ڪارخانن۾ هڙتال رهي ۽ مظاهرن ۽ جلوسن جو سلسلو جاري رهيو هڪ مزدور هڪ اڇو ڪپڙو مقتول مزدورن جي رت ۾ رڱي ان مان جهنڊو ٺاهيو تڏهن کان هن وقت تائين ڳاڙهو جهنڊو پورهيتن جو جهنڊو چيو پيو وڃي حڪومت مزدورن جا مطالبا تسليم ڪرڻ بدران 8 مزدور اڳواڻن کي ڦاهي ڏيئي ڇڏي جنهن سان تحريڪ زور ورتو مزدوراڳواڻن جي قربانين جي نتيجي ۾ آمريڪي حڪومت کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيڻو پيو ۽ مزدورن جي ڪم جو ڪل وقت 8 ڪلاڪ مقرر ڪرڻو پيو آهستي آهستي پهرين مئي جو ڏينهن شڪاگو جي مزدور شهيدن جي ياد ۾ هر سال ملهائڻ لڳا ۽ هي ڏينهن بين الاقوامي حيثيت اختيار ڪري ورتي، اڄوڪي ڏيهن تي نه صرف اسان مٿان پر حڪومت مٿان به فرض ۽ قرض آهي ته هو انهن مزدورن لاءِ اهڙيون پاليسيون ۽ اهڙيون سهولتون سامهون آڻي، جنهن سان مزدورن جي زندگين کي اهو سڪون ملي جيڪو هنن جو بنيادي حق آهي،
(روزاني عوامي آواز 1 مئي 2018ع)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو