Thursday, June 30, 2016

عالمِ اسلام جون روشن ۽ تاريڪ صديون

محمود شام

اوهان جي محبتن، فرمائشن ۽ مهربانين جو ٿورائتو آهيان، آئون تاريخ جي جنهن مقام تي موجود آهيان، اها هر گهڙي مون کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڏياري ٿي، مون کي ڀرپور ادراڪ آهي ته منهنجي هڪ طرف ماضي آهي، ٻئي طرف مستقبل ۽ آئون هنن ٻنهي کي ملائيندڙ گهڙي آهيان.
عهد رفته ٿا اِدهر اور اُدهر آئنده،
دونون وقتون ڪو ملاتا هوا لمحا مين ٿا.
مون کي حال ۾ رهندي پنهنجو مستقبل تعمير ڪرڻو آهي، اوهان به مون سان گڏ بني نوع انسان جي اِن ڊگهي قطار ۾ منهنجي اڳيان ۽ پٺيان بيٺل آهيو. اسان سڀني کي ئي مستقبل جو تصور ڪرڻو آهي، ڇوته ان ۾ ڪجهه ڏينهن اسان لاءِ به آهن. اسان جي پٽن، ڌيئرن، پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين کي ته هڪ ڊگهو عرصو رهڻو پوندو، ڇا ان مستقبل کي پرامن، محفوظ، علم دوست، سائنس نواز ۽ حڪمت سان ڀرپور بڻائڻ اسان جي ذاتي ذميواري ناهي. آئون پنهنجي ماضيءَ ۾ وڃان ٿو ته مون کي ظلمن جي سمنڊ تي ڊوڙندڙ گهوڙا به ڏسجن ٿا، قيصر و ڪسريٰ جا قلعا ڊهندي به نظر اچن ٿا، عالمگير تهذيبون طاقت و تمدن سڀ هوندي هڪ اسلامي سلطنت ۾ ضم ٿيندي منهنجي اکين آڏو گذرن ٿا.
اڄ جيڪو جديد علم ۽ مهذب مملڪتن جو سرمايو آهي، جتي اعليٰ ترين معيار جي ڪري اسان پنهنجي جگر جي ٽڪرن کي تعليم جي حاصلات لاءِ موڪليون ٿا. اُهي مون کي به علم جا مينار گذريل صدين ۾ بغداد، دمشق، قاهره، اصفهان، ثمرقن، بخارا، نيشاپور ۾ روشني پکيڙيندي ملن ٿا ته ڇا مون کي ان ماضيءَ تي فخر نه ڪرڻ گهرجي. مون کي اوهان کي به اتي وٺي وڃڻ گهرجي ۽ انهن عظيم هستين جون جُتيون سڌيون ڪرڻ لاءِ ڪجهه دير اتي ڇا قيام نه ڪرڻ گهرجي؟
اڄ کان 1155 سال اڳ جڏهن 861ع ۾ انضر غاني قاهره ۾ ڍنڍ جي اونهائي ماپڻ جو اوزار تيار ڪيو ويو ۽ اڄ عوام کي ٻوڏ جي امڪاني آمد کان آگاهه ڪري رهيا آهيون ته آئون انهن جي عظمت کي سلام ڇو نه ڪريان. اِها ملاقات مشهور عالمي طباعتي اداري نيشنل جاگرافڪ پنهنجي ڪتاب مسلم تهذيب کان ايجادن جي هڪ هزار حيرت انگيز حقيقتون بيان ڪري رهي آهي، ڪو مسلمان ناول نگار يا ڪنهن مسجد جو امام اِهو نٿو ٻڌائي. فڪر جو لمحو اِهو آهي ته آمريڪين کي آخر ڪهڙي ڳالهه سُجهي آهي جو مسلمانن جي عظمت تي ايتري تحقيق ڪري رهيا آهن، ايتريون مثبت حقيقتون ۽ انگ اکر ڇو بيان ڪيا پيا وڃن، اهڙو ڪتاب هنن ٻارن لاءِ شايع ڪيو آهي، اهڙو ڪتاب رياض، استنبول، جڪارتا، اسلام آباد، ڪوالالمپور، ڪردن ۽ ابوظهبي ۾ ڇو نٿو ڇپجي سگهي. بغداد ته اڄ جي ويڙهاڪن جي يلغار سبب تباهه ٿي چڪو آهي، ڪڏهن هلاڪو اتي جا ڪتب خانا ساڙيا هئا، هاڻي اڄ جي چنگيزن ۽ هلاڪوئن علم ۽ فضل جي اِن مرڪز جو ٻيهر صديون اڳ وارو حال ڪري ڇڏيو آهي.
ڏسو تيونس ۾ زيتونا مسجد جي لائبريري موجود آهي، جتي هڪ لک کان وڌيڪ ڪتاب آهن، جنهن مان اڃايل پنهنجي اڃ اجهائي رهيا آهن. بغداد ۾ اُن دور ۾ 36 کان وڌيڪ لائبريريون ڏٺيون ويون ۽ اِها بازار جتي سؤ ڪتاب فروش اوهان جي انتظار ۾ هوندا هئا. اچو ابن فرناس کي اڏامندي ڏسون، وڏي عرصي جي ڪوشش کانپوءِ اُهو هڪ اهڙو گلائيڊر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جيڪو ڏهن منٽن تائين هوا ۾ اڏامندو رهيو، هوا جي تسخير جو سلسلو اسان مسلمانن ئي شروع ڪيو هو. ستين صدي عيسوي ۾ پن چڪين يعني (Wind Mills) ذريعي مسلم دنيا ۾ ڪڻڪ پيسجي رهي آهي، فصلن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ به ان مان مدد ورتي وڃي ٿي. اڄ متبادل توانائيءَ لاءِ اوهان پن چڪين طرف رجوع ڪري رهيا آهيو.
آئون ان باتصوير ڪتاب جي ورقن مان گذري رهيو آهيان، مسلمان فيشن ۾ به تمام گهڻو اڳتي آهن، زيورن جون ڊزائنون به بي مثال آهن، زيور ٺاهڻ ۾ عثماني سلاطين به اڳيان آهن، عطر سازي، عرق ۽ تيل جي مرڪب ۾ جابر بن حيان سرفهرست آهي. 700 سال پهرين جنهن طريقي سان مسلمانن خوشبوءِ ٺاهڻ جي تياري ڪئي، اڄ به فرانس ۽ يورپ ۾ اُهو ساڳيو طريقو استعمال ڪيو پيو وڃي. اِهي ڪتاب وارا ئي فرانس ۽ لنڊن کي اهميت ڏئي رهيا آهن، شهرن جي تعمير، ترتيب ۽ ٻين آرائشن جي باغ ۾ مسلمانن جو فن مدني شعور جي تصويرن سان وابسته ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته 650 سال پهرين جڏهن پئرس ۽ لنڊن جي گهٽين ۾ اونداهي ٿي ويندي هئي ته ان وقت قرطبه ۾ تيل سان گهٽين جي ڏيئن کي روشن ڪيو ويندو هو، روڊ رستا به مضبوط ۽ بهترين هوندا هئا.
اڄ مسلم دنيا جون گهٽيون ۽ بازارون ڪچري جي ڍير سان ڀريل نظر اچن ٿيون، 7 صديون اڳ رستا صاف ڪيا ويندا هئا، ڪچرو گڏهه گاڏين ذريعي کنيو ويندو هو. اسان جي بلدياتي ادارن جو رستو روڪڻ ۽ انهن کي بجيٽ نه ڏيندڙ عبرت حاصل ڪن. گندي پاڻي جي نيڪالي جو نظام به مسلم تهذيب ۾ تمام گهڻو عمده هو. آمريڪي ليکڪن ان وقت جي مسلم دنيا جي گرم حمامن کي به تمام گهڻي اهميت ڏني هئي، جتي ٿڌي ۽ گرم پاڻيءَ سان وهنجڻ جا انتظام هوندا هئا، صابڻ، خوشبوءِ ۽ عطر فراهم ڪيو ويندو هو، ان دور جا ماهر صرف هڪ ئي شعبي ۾ توريا نه ويندا هئا، بلڪه ڪيترن ئي شعبن ۾ هُو عبور رکندا هئا، طب تي ته تقريبن سڀني کي مهارت حاصل هئي، ان سان گڏ شعر، ادب، فلڪيات ۽ فلسفي ۾ به اڄ ڪئميرا جي دنيا موبائل فون ۾ سمائجي چڪي آهي. ڪئميرا جي اک هر هنڌ اوهان کي ڏسي رهي آهي، پر ڪئميرا جي اک کي سڀ کان پهريان ڪنهن ڏٺو؟ اُهو مسلمان فلسفي ابوالهيثم هو، جنهن هڪ ڏينهن اونداهي واري ڪمري ۾ هڪ ننڍڙي سوراخ مان روشني ڏٺي، جيڪا ان اونداهه واري ڪمري جي ديوار تي ٻاهر جي دنيا جو عڪس به ڏيکاري رهي هئي، بس ان کانپوءِ هُو روشنيءَ جي سفر تي تحقيق ۾ مصروف ٿي ويو. اِها ريسرچ کيس ’ڪئميرا اوبسڪيوز‘ تائين وٺي وئي، هن وقت منهنجي سامهون صرف انگريزي ڪتاب آهي، ان جو عربيءَ ۾ اصل نالو ڪهڙو آهي، اِها منهنجي بدقسمتي آهي ته آئون نٿو ڄاڻان. اڄ جي جديد ترين ڪئميرائن جي ايجاد اِن دريافت مان ئي ممڪن ٿي هئي، ان عظيم هستي الهيثم چنڊ جي باري ۾ به تحقيق ڪئي ته اِهو ايتري ئي سائز ۾ رهندو آهي، ننڍو وڏو ٿيڻ ته اسان جي نظر جو دوکو آهي.
آئون ڪيستائين ٻڌايان، اوهان ڪيستائين ٻڌندؤ، ڪجهه وقت اوهان انهن صدين ۾ گذاريو، اڄ جي بصري Visual دور ۾ اربين روپيه ڪمائيندڙ پرائيويٽ ٽي وي چئنلن کي گهرجي ته ستين صديءَ کان 14هين صديءَ جي اِن علمي دور تي هڪ سيريل ٺاهين، جهڙي طرح آمريڪن فلمون ٽائيم مشين ذريعي گذريل صدين ۾ وٺي وڃن ٿيون. ميڊيا جا سيٺ اسان کي انهن صدين ۾ وٺي وڃن، تحقيق ته غير مسلم ليکڪ ڪري چڪا آهن، انهن کي ڪهاڻين جو روپ ڏنو وڃي ۽ تفصيل بيان ڪيا وڃن، اسان جهڙا عاجز حقير ان ۾ ڪجهه مدد ڪري سگهون ٿا. نئين نسل کي اِهو سڀ ڪجهه ڏسي پنهنجي ماضيءَ مان سجاڳي پيدا ٿيندي، احساس ڪمتري ختم ٿيندي، اُهي به شدت پسندي ۽ بنيادپرستي کان تحقيق ۽ دريافت طرف ڌيان ڏيڻ لڳندا.
ڪجهه محققن نائين صديءَ کان تيرهين صديءَ تائين جي عرصي کي مسلمانن جو علمي ۽ سائنسي دور سڏيو آهي، اِهو ڪتاب ستين صدي کان سترهين صديءَ تائين سنهري وقت قرار ڏئي ٿي، ان ڏس ۾ مون کي ڪليم چغتائي جي ڪتاب عظيم مسلمان شخصيات جا ورق ورائڻ جو موقعو مليو آهي، جنهن جو لکڻ جو انداز دلڪش، قاري کي گڏ وٺي هلڻ وارو، وڏي سائز جي 830 صفحن ۾ هن ڪيترين ئي هستين سان اسان جون ملاقاتون ڪرايون آهن، مامون الرشيد جي دور کي وڏي محبت سان قلمبند ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته مامون جي دور ۾ عربي، فارسي، يونان، شامي، مصري، هندي ۽ سنسڪرت جي ڪتابن جو عظيم ذخيرو موجود هو. بيت الحڪمت جي سربراهه حنين بن اسحاق هڪ هڪ ڪتاب جي ڳولا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميو، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳولهڻ کانپوءِ هڪ ڪتاب کيس دمشق مان مليو آهي، اُهو به اڌ. بيت الحڪمت ۾ حضور اڪرم ﷺ جن جي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب جي هٿ سان لکيل مواد ڪپڙي تي موجود هو، اِهو ڪتاب ٻڌائي ٿو ته حنين بن اسحاق حڪيم جالينوس جي 121 ڪتابن کي عربي ۾ منتقل ڪيو، ترجمو ڪندڙن کي ان زماني ۾ ڏهه هزار درهم ماهوار پگهار ملندو هو، اهم ڪتاب مڪمل ڪرڻ تي ان کي سون ۾ توريو ويندو هو، اندازو ڪريو ته صديون اڳ مسلم حڪمران ان کي ڪيتري اهميت ڏيندا هئا ۽ اڄ مسلمانن حڪمران جي ويجهو اوليت ڪهڙن معاملن کي حاصل آهي.
عظيم مسلمان شخصيتن جا ورق گواهي ڏين ٿا ته عباسين جي آخري دور ۾ بغداد ۾ 72 لائبريريون هيون ۽ انهن ۾ 4 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ڪتاب مجود هئا، زوال جي ڏينهن ۾ به متنصر بالله مدرسه متنصر قائم ڪيو، پنهنجا ذاتي ڪتاب 160 اُٺن تي کڻائي مدرسي ۾ رکرايا، ان مدرسي ۾ هر طالب علم کي پلنگ، بسترو، خوراڪ، چراغ، تيل، ڪتاب لکڻ جو سامان سڀ مفت ۾ ملندو هو ۽ هر مهيني وظفيو به ڏنو ويندو هو. هڪ شفاخانه به مدرسي سان لاڳاپيل هو، ان جي تعمير تي 70 هزار مثقال خرچ ڪيا ويا ۽ چئني مسلڪن جي تعليم ڏني ويندي هئي، رصدگاهن جي قيام جو ذڪر پهريان ئي ٿي چڪو آهي، تارن جي بلندي، مقام ۽ رفتار ٻڌائڻ لاءِ اسطرلاب نالي اوزار ايجاد ڪيو ويو، هڪ اهم نقطو جيڪو اوهان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته قيصر روم کي هڪ معرڪي ۾ جڏهن شڪست ٿي ته ٻنهي حڪمرانن وچ ۾ خط لکڻ جا انتظام به ڪيا ويا، ان ۾ مامون الرشيد طرفان اِهو شرط معاهدي ۾ شامل ڪرايو ويو ته قيصر روم پنهنجي سلطنت ۾ پيل سمورن ڪتابن جا ترجما ڪرڻ جي اجازت ڏيندو ته اِهو ترجمو اُهي ماڻهو ڪندا، جن کي مامون موڪليندو. مامون الرشيد جي ڪُل ڄمار 48 سال هئي، جنهن مان 20 سال 6 مهينا اُن حڪومت ڪئي ۽ اِهو سمورو عرصو علم ۽ حڪمت جي سرپرستي جو هو.
اهڙا ڪتاب وڌيڪ آسان زبان ۾ ۽ مختلف حصن ۾ شايع ڪيا ويا، جن کي سنڀالڻ ۽ پڙهڻ مشڪل هوندو آهي، انهن جون ويب سائيٽس به ٺاهيون وڃن، موبائل فون ۾ به شامل ڪيو وڃي. اڄڪلهه يقينن مسلمان ليکڪ، سائنسدان ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي تحقيق ڪري رهيا هوندا. زرعي علم ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ميڊيا کي اُهي سمورا مثبت ڪارناما سامهون آڻڻ گهرجن. روزمرهه جي ٽارگيٽ ڪلنگ، سياسي جهيڙن ۽ منافقت سان قومون اڳتي ناهن وڌنديون. ملڪ کي مسئلن ۾ وڌيڪ الجهائڻ جي ذميوار ماڻهن کي ٽي وي تي پيش ڪرڻ بجاءِ عالم ۽ فاضل ماڻهن کي آندو وڃي، جيڪي ابن سينا، الهيثم ۽ ابن رشد جي روايتن کي اڳتي وڌائي سگهن، جيڪڏهن اسان پنهنجي فاضل هستين کي اڳيان نه آڻينداسين ته غير مسلم ڇو آڻيندا؟ آئون هتي روزانو مختلف موضوعن تي ڪتاب ڏسان ٿو، مهاتما گانڌيءَ جو ذڪر هر شعبي ۾ ملي ٿو، پر قائداعظم جو نه، ڇو ته ڀارت طرفان اِهي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. فلسفي جي ڪتابن ۾ گانڌيءَ کي شامل ڪيو ويو آهي، انساني نفسيات جي دستاويزن ۾ به گانڌي شامل آهي، عدم تشدد توڙي ادب ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طرح سندس نالو اچي ٿو.
اڄ جي جديد علمن کي آڏو رکندي اسان کي پنهنجي بربادي ۽ تباهي جا منظر روزانو ڏيکارڻ سان ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جي امت جو اميج ناڪام ويندو. اسان جي يونيورسٽين، درسگاهن، ديني مدرسن، تجربي گاهن، فصلن ۽ ڪارخانن ۾ گهڻو ڪجهه نئون ٿي رهيو آهي، جتي لکين مسلمان نوجوان ڪيترائي سال گذاري رهيا آهن، اُتي ڪجهه ته پڙهايو پيو وڃي ۽ سيکاريو پيو وڃي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟ اِي ميل ڪريو ۽ ايس ايم ايس ڪريو:
001-416-880-0864
mahmoodshaam@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو