Tuesday, June 28, 2016

وال پــــيــــپـــــــر ؛ سنڌ ثقافت کاتو ڪڏهن درست هٿن ۾ ايندو؟


زرار پيرزادو
  • رپورٽون آهن ته سنڌ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منظور احمد ڪناسري کي سندس عهدي تان ان ڪري هٽايو ويو آهي جو هو ثقافت کاتي جي لاءِ مليل فنڊن يا سامان کي ٻئي ڪنهن هنڌ خرچ ٿيڻ ۽ استعمال ٿيڻ ۾ رنڊڪ بڻجي رهيو هو.
  • شرميلا فاروقيءَ کي بحيثيت کاتي جي سربراهه اهڙي آفيسر کي ته ايوارڊ ڏيڻ گهرجي ها جيڪو پنهنجي کاتي سان ايڏي سچائي ڏيکاريندو هجي.
  • سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي سرڪاري کاتن کي ته اهڙن نمڪ حلال ڪامورن جي گهرج آهي. جيڪي پنهنجي ڪم کي عبادت سمجهي ڪندا هجن.
  • هاڻي ته نه ادارن اندر پيشيوراڻو رويو رهيو آهي، نه ايمانداري ۽ نه ئي ثابت قدمي. پر منظور ڪناسرو جيئن ته ان دور جو ڪامورو آهي، ۽ انهن ڪامورن جو تسلسل آهي جيڪي ادارن لاءِ پنهنجيون زندگيون ارپي ڇڏيندا هُيا تنهن ڪري هو ضمير جي برخلاف ڪم ڪندي ڪڙهندو رهيو آهي.
  • حقيقت ته اها آهي ته جيڪا سروس منظور ڪناسري جي ثقافت کاتي لاءِ آهي ۽ هو جيڏو تجربيڪار آهي تنهن روشنيءَ ۾ خود شرميلا فاروقي کي منظور ڪناسري کان رهنمائي وٺڻ گهربي هئي.
  • ۽ اهو شرميلا فاروقي جي پنهنجي ساک ۽ مان لاءِ به ضروري هو. ڇاڪاڻ ته شرميلا فاروقي جي پنهنجي ثقافت کاتي جي سربراهه واري حيثيت به سواليه نشان آهي.
  • مٿس اهو به الزام لڳندو رهيو آهي ته اها سنڌي ثقافت سان ئي سچي ناهي، نه ئي ان سان کيس محبت آهي.
  • هوءَ سنڌ ثقافت کاتي جي رڳو وزيرياڻي آهي، نه ان جي سفير آهي ۽ نه ئي ان جي ترجمان!.
  • شرميلا فاروقيءَ کي تاريخ موقعو ڏنو هو ته، هوءَ پاڻ کي غير تڪراري سربراهه ثابت ڪري ها ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن هو، جڏهن هوءَ منظور ڪناسري جهڙن سنڌ ثقافت کاتي جي سينئر آفيسرن جي تجربن مان پرائي ها.
  • پر هن سينئر ڪامورن کان ڪجهه پرائڻ ته ٺهيو ويتر انهن کي غلط ڪم ڪرائڻ تي مجبور پئي ڪيو. جنهن نتيجي ۾ آفيسر هونئن به ساڻس ڪم ڪندي فرحت محسوس نه پيو ڪري.
  • جيڪڏهن ڪنهن کاتي جو سربراهه ئي کاتي جي اهميت ۽ ضرورت کان اڻ واقف هوندو، ثقافت جهڙي حساس کاتي جي نزاڪت کان اڻ ڄاڻ هوندو ته پوءِ ته هو ثقافت کاتي کي ئي بيڪار سمجهندو ۽ ان لاءِ مليل فنڊن کي پيسن جو ذيان سمجهندو.
  • آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتي جا الميا اهي به رهيا آهن ته انهن جا اڪثر اهڙا سربراهه مقرر ٿيا آهن جيڪي انهن کاتن جا روحاني طور ئي دشمن ۽ تعصب پرست رهيا آهن.
  • مهين جي دڙي جي هڪ آرڪيالاجي جي آفيسر کان جڏهن آثارن کي نه بچائي سگهڻ جو سبب پڇيو ويو هو ته هن وراڻيو هو ته ”جنهن شهر کي خدا غرق ڪيو هجي تنهن کي انسان ڪيئن ٿو بچائي سگهي“.
  • ته سوال پڇڻ واري ان صاحب کان پڇو ته جيڪڏهن توهان موهن جي دڙي کي بچائڻ کي ڪفر ٿا سمجهو ته پوءِ هتي ملازمت ڇو ٿا ڪيو. ته هن پنهنجي پيٽ تي هٿ ورائي چيو ته سڄو چڪر هن جو آهي.
  • اهڙن سربراهن جي ڪري ئي سنڌ جو ثقافت کاتو هميشه تڪراري رهيو آهي ۽ اهو فنون لطيفه سان محبت ڪندڙن جون اڃا تائين دليون کٽي ناهي سگهيو.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته منظور ڪناسري کي ڊي جي جي عهدي تان هٽائي ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌ ثقافت کاتو هاڻي به درست هٿن ۾ ناهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو