Sunday, June 19, 2016

نواز حڪومت لاء ايندڙ احتجاجن جي موسم.

شفيق الرحمان شاڪر


نوازشريف حڪومت جيڪا پنهن جي غلط حڪمت عملين،آمراڻن روين،غيرسياسي طرز عمل ۽ ادارن سان اجايي ٽڪراء واري صورتحال جي ڪري شروع کان ئي مسلسل دٻاء جو شڪار رهندي پيئي اچي لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجھ هفتن ۾وڌيڪ اهڙي دٻاء جي هيٺان اچڻ واري آهي جنهن مان سياسي طور تي نڪرڻ لاء نه ته حڪومتي وزيرن مشيرن ۾ ڪا سياسي بصيرت ۽ صلاحيت ئي نظر اچي ٿي ۽ نه ئي ايندڙ وقت جي سختي موجوده حڪومت کي ڪا رعايت ڏيندي نظر اچي ٿي. ڪرپشن جي معاملن کان وٺي ماڊل ٽائون واري واقعي تائين،ڀارت جي معاملي ۾ نرم پاليسيء کان ويندي تازو افغانستان ۽ آمريڪا سان ڇڪتاڻ  هيٺ آيل لاڳاپن تائين،پاناما ليڪس کان نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ ۾ ٽال مٽول تائين،سمورا معاملا هاڻي ان نڪتي تي پهچي چڪا آهن جن تي ڳالهين جا دروازا عملي طور تي بند ٿي چڪا آهن.پنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پيدا ٿيل ويڇا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.پارليامينٽ به هن وقت ان پوزيشن ۾ نظر نٿي اچي جو ميان نواز شريف کي وري نئين سياسي زندگي ڏيئي سگھي.ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها ته حڪمران جماعت جي اندر پيدا ٿيندر اختلاف به ڏينهون ڏينهن چٽا ٿيندا ٿا وڃن جنهن جو تازو مثال قومي اسيمبليء جي اجلاس ۾ نواز ليگ جي هڪ سينئر ايم اين اي جو اهو بيان آهي ته ميان شهباز شريف کي وزير خارجه بنايو وڃي ته هو سمورا معاملا ڇهن مهينن اندر ٺيڪ ڪري ڏيکاريندو.ٻين لفظن ۾ ان بيان جو مظلب اهو ٿيو ته هن وقت پاڪستان جو وزير خارجه خود نوازشريف آهي جيڪو مڪمل نموني خارجه پاليسيء جي حوالي سان ناڪام ٿي چڪو آهي ان ڪري ان کي بدلائي ميان شهباز شريف کي وزير خارجه مقرر ڪيو وڃي. حڪومت جا سينئر وزير ۽ مشير جهڙيء طرح اوچتو پراسرار خاموشي اختيار ڪري چڪا آهن ان مان به لڳي ٿو ته ڪانه ڪا کچڻي ضرور پچي رهي آهي.خود نون ليگ جي اندر وزيراعظم جي اميدوارن جي ڊگھي قطار لڳل آهي جيڪي نه رڳو حالتن جي انتظار ۾ آهن پر هرڪو پنهن جي حق ۾ حالتون موافق بنائڻ لاء مهم جوئي به ڪري رهيو آهي.پارٽيء جي اڪثريت محترمه مريم نواز جي ڊي فيڪٽو وزيراعظم بنجڻ ۽ حڪمن مٿان حڪم جاري ڪرڻ واري عمل کي دل ئي دل ۾ قبول ڪرڻ لاء تيار ناهي،. ٻئي طرف ڪجھ سينئير وزير اسحاق ڊار کي حاصل ٿيل غيرمتوازن اّختيارن جي حق ۾ ناهن.چوڌري نثار علي خان جي پنهن جي محفل متل آهي جنهن کي مقتدر ڌرين جي ته حمايت حاصل آهي پر نون ليگ جي بااثر ماڻهن جو هڪ وڏو گروپ سندس سخت مخالف آهي جنهن ڪري سندس وزيراعظم بنجڻ واري رستي ۾ تمام گھڻيون رڪاوٽون آهن.جيستائين شهباز شريف جي وزيراعظم بنجڻ جو سوال آهي ته فيمليء ۾ ان تي سخت اختلاف آهن.خاص طور تي وزيراعظم جي نياڻي ڪنهن به صورت ۾ ان معاملي تي پنهن جي پوزيشن تبديل ڪرڻ لاء تيار ڪانهي. انهن ڏکين حالتن ۾ نوازشريف حڪومت جي لاء پاناما ليڪس واري معاملي سان گڏوگڏ جيڪو نئون مسئلو کڙو ٿيو آهي سو آهي ڊاڪٽر طاهر القادريء جي ڌرڻن ۽ مطالبن وارو. ماضيء جي حالتن جي ڀيٽ ۾ هن وقت ميان نوازشريف گھڻو ڪمزور آهي ۽ پاريامينٽ ۾ به ڪو ساڻس واضح نموني مڪمل حمايت ڪندي نظر نٿو اچي.ڊاڪٽر طاهرالقادريء جو جيڪو هن وقت تائين لاحئه عمل سامهون آيو اهي سو اهو ته هو في الحال ماڊل ٽائون جي واقعي ۾ مري ويلن لاء لاهور جي مال روڊ تي ڌرڻو هڻي پنهن جا ڪجھ مطالبا پيش ڪرڻ آهي پر هن وقت نئين ڳالهه اها آهي جو هن جا مطالبا حڪومت کان نه پر سڌو سنئون آرمي چيف کان آهن جن ۾ پهريون مطالبو اهو آهي ته ماڊل ٽائون سانحي ۾ جيڪي به جوابدار ملوث آهن انهن جو ڪيس سمري مليٽري ڪورٽ ۾ هلايو وڃي. واضح رهي ته ان ڪيس جي ايف آئي آر ۾ ميان نوازشريف،شهباز شريف،چوڌري نثارعلي خان کان سواء ڪيترن ئي وفاقي وزيرن ۽ سينئر پوليس عملدارن جا نالا شامل آهن.اهو ڪيس ڪهڙي نموني سمري مليٽري ڪورٽ منتقل ٿيندو ۽ ان مطالبي مڃڻ لاء ڪهڙا آئيني رستا آهن،اهو في الحال ته ڪنهن جي به سمجھ ۾ نٿو اچي پر هرڪو ايترو ضرور سمجھي ٿو ته ڊاڪٽر طاهرالقادري ڪينيڊا جي ٿڌي موسم ڇڏي،لاهور جي مال روڊ واري گرمي صرف پنهن جي تقريرن لاء برداشت ڪرڻ ته نه آيو هوندو. جڏهن اهو تماشو باقائدي شروع ٿيندو ته هر ايندڙ سين ان لکيل اسڪرپٽ کي منظر عام تي آڻيندو ويندو.ڪهڙيون سياسي ڌريون اڳتي هلي ان تماشي جو حصو بنجن ٿيون،ان باري ۾ في الحال ته ڪجھ چئي نٿو سگھجي پر لڳي ٿو ته ماضيء جي ناڪام ٿيل تماشن جي تجربن کي سامهون رکندي هن دفعي غلطيء جي گنجائش تمام گھٽ ڇڏي ويئي آهي.هوڏانهن مخالف ڌر به پنهن جن ڪارڪنن کي عيد کان پوء حڪومت خلاف رستن تي اچڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي. حڪومتي حلقن ۾ ٻن متبادل رستن تي غور فڪر ڪيو پيو وڃي.پهريون اهو ته سموري بحران مان نڪرڻ لاء نين چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏجي پر حڪومت کي شڪ اهي ته ايندڙ چونڊون پنهن جي مقرر وقت تي نه ٿي سگھنديون.ٻيو رستو اهو ته حڪمران جماعت کي گھرو ويڙه ۽ ڀڃ ڊاه کان بچائڻ لاء ڪنهن تڪراري شخصيت کي وزيراعظم بنائڻ بدران مير ظفراللھ جمالي جهڙي ڪا بي ضرر شخصيت سامهون آندي وڃي پر اهي اڃا تائين صرف سوچون ئي آهن جو حڪمران ڌر وٽ هميشه جيان فيصلي جي ڪا قوت موجود ئي ناهي. ٻئي طرف اڳوڻي ايم اين اي نبيل گبول جي چوڻ مطابق “ ميان نواز شريف جي لاء وزيراعظم جي حيثيت ۾ جولائي آخري مهينو هوندو”

(روزاني سنڌ 17 جون 2016ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

پنهن جي راء هتي لکو